• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي شهر سجاول ۾ چئن تخليق ڪارن جي ڪتابن جي مهورت

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ جي لاڙ پٽ جي خوبصورت شهر سجاول ۾ سنڌ جي چئين(4) تخليق ڪارن ، محترم سورج سجاولي جي ڪتاب ”اڃان سنڌ ڪاري ويس ۾“ محترم اياز امر شيخ جي ”ڪتاب ڪلا جِي ڪائنات“ محترم عبد سنڌي جي ڪتاب ” سُڏڪا سُڏڪا سنڌ“ ۽ محترما گُل بي بي شاهه جي ڪتاب” عڪس گل“ جي مهورت 31 مارچ 2012ع ۾ ٿي گُذري​

رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز​

سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي
دوستو سنڌ جي لاڙ پُٽ جي شهر سجاول جو ڀاڳ ان وقت جاڳي اٿيو جڏهن سنڌي شاعري جا يڪا سارا چار ڪتاب هن شهر ۾ سنڌي عوام اڳيان مهورت لا پيش ٿيا۔سنڌ سلامت جي جهوني جي حيثيت سان اها منهنجي خوشنصيبي آهي ته هن عظيم الشان مهورتن واري تقريب جي ڪوريج ڪرڻ جي دعوت مونکي ملي، مهورت جي تقريب کان علاوه سنڌ جي فنڪارن کي سرويچ سجاولي اڪيڊمي سجاول پاران سندن بهترين ڪارڪردگي عيوض ايوارڊ پڻ ڏنا ويا۔ ۽ سنڌ جي سريلي فنڪارن پنهنجي سُرن عيوضي هن ڪتابي مهورت واري تقريب ۽ ايوارڊن واري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، دوستو جيئن ته سجاول شهر منهنجي شهر کان ٻن ڪلاڪن جي مسافتن تي ڏکڻ طرف آهي ، 31 مارچ 2012ع تي ڏينهن جو اڍائي وڳي سجاول شهر وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هُئس​


پيش آهن هن تقريب جو ڪجهه تصويري احوال

547216_10150717492248216_794048215_9531813_193183974_n.jpg

هڪڙو وڏو پينا فلڪس جو بينرآويزان ڪيو ويو هو

526599_10150718002263216_794048215_9534367_1668659546_n.jpg

ڪتاب سُڏڪا سُڏڪا سنڌ جو سرجڻهار محترم عبد سنڌي، ڪتاب عڪس گُل جي سرجڻهاره محترما سيد گل بي بي شاهه بُخاري ، سندس ور عنايت حسين بُخاري ۽ مًحترم ڪورائي صاحب ڪتابن جي مهورت ڪري رهيا آهن ڪتاب سندس هٿن ۾ آهن

529657_10150718001053216_794048215_9534356_1580012577_n.jpg

ڪتابن جي مهورت ويلي سنڌ جون نامور شخصيتون هڪ سنڌي شاعره محترمامريم مجيدي صاحبه ۽ ٻي سنڌ جي ڪوئل فنڪاره محترما ديبا سحر ٻه ڪتاب اڃان سنڌ ڪاري ويس ۾ ۽ سُڏڪا سُڏڪا سنڌ جي مهورت ڪرائي رهيون آهن

562304_10150718001538216_794048215_9534361_821257214_n.jpg

سنڌ جي موجوده دور جو سچل ۽ سرمد شاعر حافظ محمد نظاماڻي، سنڌ جي مايا ناز شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي ۽ محترمه مريم مجيدي پڻ ڪتاب هٿن ۾ کڻي مهورت ڪرائي رهيا آهن

559092_10150718001748216_794048215_9534362_1119402607_n.jpg

محترم اياز امر شيخ ، سنڌ جو راڳي الهڏنو جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ڪتابن جي مهورت ڪرائي رهيا آهن

552183_10150718003368216_794048215_9534381_2081978849_n.jpg


305582_10150718168988216_1397416323_n.jpg

ڪتاب عڪس گُل جي سرجڻهاره سيد گل بي بي شاهه پنهنجي ڪتاب جي مهورت تي انتهائي خوش آهي

526993_10150718004848216_794048215_9534402_1994518058_n.jpg

ڪتاب سُڏڪا سُڏڪا سنڌ جو تخليق ڪار محترم عبد سنڌي پنهنجي ڪتاب جي مهورت واري موقعي تي نازان آهي

550240_10150717625958216_794048215_9532791_135151427_n.jpg

ڪتاب “ ڪلا جِي ڪائنات جو سرجڻهار محترم امر اياز شيخ

549895_10150717624843216_794048215_9532774_1082278556_n.jpg

ڪتاب اڃان سنڌ ڪاري ويس ۾ جو تخليق ڪار محترم سورج سجاولي​
 
Back
Top