جواب: سيد حاڪم علي شاه ٿانهري وارو
سيد هاڪم علي شاه بخاري جن قمري سن موجب 1306هجري ۾ قمبر تعلقي جي ڳوٺ ٿانهري ۾ سيد لعل شاه جي گهر ۾ جنم ورتو، سائين جن ديني تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي،پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪئي، سائين جن وڏا مله پهلوان هوندا هئا ۽ درويشن جي ميلن ملاکڙن ۾اڪثر ويندا هئا، سائين جن حضرت سچل سرمست جي درگاه تي آيا ۽ ان وقت جي گادي نشين حضرت سخي قبول محمد (اول) جي حضور ۾ پيش ٿيا ۽ فرمايائون ته مون کي پنهنجو طالب مريد ڪريو، آئون اوهان جي درگاه شريف تي هيء عرض کڻي آيو آهيان، سائين جن هتان فيض حاصل ڪيو، سائين جن جو پهريون شعر هي آهي،
ادب جي اسڪول ۾ وڃي پڙه بره جا باب،
پير مغان جي اڳيان ڪاٽجي ٿئ ڪباب،
جڏنهن رڳين وڄئ رباب
اي حاڪم شاه تڏنهن ملين مطلوب کي