سنگت منهنجا خميس تي پيپر آهن 9 ڪلاس جا سو توهان نماز ۾ دعا گهرندا منهنجي لا۽ ۔خاص ڪري سائين نثار ابِڙي کي اپيل آهي ته نماز ۾ منهنجي لا۽ دعا گهري منهنجا پيپر آساني سان ٿين
جواب: دعا جي اپيل ادا فاروق اسان جون دلي دعائون توهان لائي آهن ته توهان پيپرن ۾ سٺي نمبرن ۾ پاس ٿيو ۽ الله پاڪ توهان کي وڌيڪ علم جي دولت ڏي دل لڳائي امتحان ڏيو انشاالله ڪاميابي توهان جي قدمن ۾ هوندي
جواب: دعا جي اپيل پرواھ ن کر دوست مان ب توسان گڈ آھیان مون کی کلاس نائین ء ڈھین جا گڈ پیپر ڈیٹا آھن اللھ پاک بھلائی کندو
جواب: دعا جي اپيل مطلب ته دعائن لاءِ هٿ مٿي هجن ۔۔۔ خئير دعائون ڀائرن لاءِ کوڙ پر ڀائڙا فاروق ان معاملي ۾ دعا کان وڌيڪ توکي پنهنجي محنت ۽ همٿ ڪم ايندي ۔۔۔ الله تعالا پاڻ چيو آهي ته محنت ڪرڻ وارو کيس عزيز آهي، ۽ سست ڪاهلن لاءِ پاڻ چيو اٿس ته هو انهن جي حالت نه بدلائيندو جيستائين هو پنهنجي حالت پاڻ نه بدلائيندا انڪري همٿ مردان مدد خدا الله تعالا اوهانکي اوهانجي محنت جو ڦل ۽ ڪاميابي عطا ڪري ۔۔۔ آمين
جواب: دعا جي اپيل ڀاء اسان جون دعائو اوهان لاء آهن۔ اميد ته دل لڳائي پڙهندا، ڇو ته دعائن سان گڏ محنت ۽ ذهانت به ضروري آهي۔ اوهان ذهين ته ماشاء الله آهيو ۽ اوهان ضرور خوب محنت به ڪئي هوندي۔
جواب: دعا جي اپيل الله اوهان کي ڪاميابي نصيب ڪري پر اهو ياد رکجو ته الله محنت ڪرڻ وارن سان گڏ هوندو آهي
جواب: دعا جي اپيل ادا فاروق سومرو اسلام عليڪم،الله سائين جو پاڪ نالو وٺي۔ٽي دفعا آيت الڪرسي پڙهي،پيپر جي سوالن جو جواب لکڻ شروع ڪندا،آنشالله الله پاڪ جي مدد اوهان لاء ايندي،پر پيپر ڪرڻ ۾ نيڪ نيتي شامل هجڻ ضروري آهي،ڪاپي ڪري پاس ٿيڻ لا هڪ منٽ به نه سوچجو۔ڇاڪاڻ ته اسان جي قوم ۾ ڪاپي ذريعي پاس ٿيل نوجوانن جي ڪابه عزت واري جاء نه آهي ۽ نه ئي وري انجي اسان کي ضرورت آهي۔عزت صرف قابليت ۽ محنت جي آهي۔توهانجون محنتون اوهان کي هر امتحان ۾ سرخروع ڪنديون۔