جيئن گُـل رابـيـل جـو ، ٽـِـــڙي آڌيءَ رات

'شيخ اياز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]شيخ اياز جي شاعريء جي ڪتاب هينئڙو ڏاڙهونءَ گُل جيان تان ورتل هڪ بيت ڊزائن ڪري پيش ڪجي ٿو اميد ته دوستن کي پسند ايندو۔
    [/JUSTIFY]

    جيئن گُـل رابـيـل جـو ، ٽـِـــڙي آڌيءَ رات
    مون کي منهنجي ڏات ، ايئن آڇيون سَرهائيون

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جيئن گُـل رابـيـل جـو ، ٽـِـــڙي آڌيءَ رات

    لفظن جا رابيل ٽڙيل آهن ... مرحوم شيخ اياز جي ڇا ڳالهه ڪجي، الله کيس جنت نصيب ڪري

    ڏات ديوي ته پاڻ ڏي به ايندي آهي پر بجاءِ شاعريءَ جي نثر ۾ ڪجهه ٻڌائي ويندي آهي، ۽ ڪئي سرهائيون ٿي وينديون آهن ... پر يار سليمان اوهان وٽ جيڪا ڏات ديوي ايندي آهي، لڳي ٿو ته ڪئي چترڪاريون ٺهرائي ويندي آهي ... شايد

    اڌ رات جو هڪ دفعي پنهنجي گهر جي باغيچڙي ۾ رات جي راڻيءَ جي خوشبو ۽ رابيلن جي مهڪ ۽ چانڊوڪيءَ جي رات ۾ جڏهن دل واري دلبر سان گڏ هٿُ هٿَ ۾ ڏئي پئي گهميس ته ائين ٿي لڳو ته سموري ڪائنات منهنجي هٿ ۾ اچي وئي هجي ۔۔۔ روح ۽ وجود ائين سينگارجي پيو هو جيئن ڪنهن ڪنيا کي شاديءَ واري رات عطر عنبير هڻي سورنهن سينگار ڪري سينگاريو ويو هجي۔

    بس ڙي ادا سليمان نه پڇ ان ڏات ديويءَ ڏاڍو ستايو آهي، خاص ڪري نثار ناز سان ته اهڙي حالت ڪئي اٿائين جو بس چريو ناهي ٿيو باقي رليو ڏاڍو آهي۔

    لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جيئن گُـل رابـيـل جـو ، ٽـِـــڙي آڌيءَ رات

    لاجواب ونڊ سائين
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جيئن گُـل رابـيـل جـو ، ٽـِـــڙي آڌيءَ رات

    ان ڏات ديوي جا ٿورائتا آهيون جو اسان کي شاعر ڪونه بڻايو اٿس۔ باقي سائين نثار ناز سان ڏات ديوي مهربان آهي تڏهن ته سدا جوان لڳندو آهي۔

    شيخ اياز جي شاعري جون سٽون ئي اهڙيون آهن ۽ وري رابيل جو ذڪر اٿس ۔۔۔۔۔۔۔ اوهان لاء ئي پيش ڪيون اٿم۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جيئن گُـل رابـيـل جـو ، ٽـِـــڙي آڌيءَ رات

    شال شاعرن ۽ اديبن ڏانهن خير هجي۔۔۔
    سائين نثارن ۽ ادا سليمان کي عرض آهي ته ڏات ديوي کي راغب ڪرڻ لاءِ ڪي نسخا هجن ته ذاتي پيغام ڪندا۔۔۔ جو موڪل تان موٽڻ کان پوءِ مسلسل ڏات ديوي رٺل ٿي لڳي۔۔ شايد وقت گهڻو لنگهي ويو آ يا وري سنڌ سلامت جي موجوده سونهن کي تبديل ڪرڻ جو ارادو کيس نه ٿو وڻي۔۔

    باقي هن ليک ۾ صاف نظر ٿو اچي ته ڏات ديوي مون کان سواءِ سڀني تي مهربان آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو