لفظن جا رابيل ٽڙيل آهن ... مرحوم شيخ اياز جي ڇا ڳالهه ڪجي، الله کيس جنت نصيب ڪري
ڏات ديوي ته پاڻ ڏي به ايندي آهي پر بجاءِ شاعريءَ جي نثر ۾ ڪجهه ٻڌائي ويندي آهي، ۽ ڪئي سرهائيون ٿي وينديون آهن ... پر يار سليمان اوهان وٽ جيڪا ڏات ديوي ايندي آهي، لڳي ٿو ته ڪئي چترڪاريون ٺهرائي ويندي آهي ... شايد
اڌ رات جو هڪ دفعي پنهنجي گهر جي باغيچڙي ۾ رات جي راڻيءَ جي خوشبو ۽ رابيلن جي مهڪ ۽ چانڊوڪيءَ جي رات ۾ جڏهن دل واري دلبر سان گڏ هٿُ هٿَ ۾ ڏئي پئي گهميس ته ائين ٿي لڳو ته سموري ڪائنات منهنجي هٿ ۾ اچي وئي هجي ۔۔۔ روح ۽ وجود ائين سينگارجي پيو هو جيئن ڪنهن ڪنيا کي شاديءَ واري رات عطر عنبير هڻي سورنهن سينگار ڪري سينگاريو ويو هجي۔
بس ڙي ادا سليمان نه پڇ ان ڏات ديويءَ ڏاڍو ستايو آهي، خاص ڪري نثار ناز سان ته اهڙي حالت ڪئي اٿائين جو بس چريو ناهي ٿيو باقي رليو ڏاڍو آهي۔
لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا