Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
1928ع ۾ انڊيا گجرات جي هڪ ميمڻ خاندان ۾ هڪ ڇوڪرو ڄائو جنهن جو نالو عبدالستار رکيو ويو. عبدالستار کي ننڍپڻ ۾ ئي، سندس ماءُ سيکاريو هو ته؛ ”غريبن جي مدد ڪريو. اٻوجهه ۽ لاچارن جي ڪم اچو ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ کپي.“ اهو سبق عبدالستار کي هميشه هميشه جي لاءِ ياد ٿي ويو. ورهاڱي کان اڳ، پهرين عبدالستار جو خاندان، انڊيا گجرات مان هجرت ڪري پاڪستان ۾ اچي وسيو. عبدالستار جو تعلق، ميمڻ ڪميونٽي سان هو. هن ڪميونٽيءَ واپار ۾ وڏا ڪمال ڏيکاريا آهن. جوانيءَ ۾ هر ماڻهو جا ڪجهه خواب هوندا آهن. دولت، نوڪري، گاڏي، عشق، محبت ۽ ٻيا گهڻا مشغلا ۽ خواهشون. پر عبدالستار هڪ الڳ قسم جو نوجوان هو، جنهن جا خواب ۽ منزل؛ دولت، گاڏي، دنياوي لذتون نه هيون. عبدالستار جنهن رستي جي چونڊ ڪئي، اهو رستو هو خدمت جو- انسانيت جي خدمت جو؛ اٻوجهه مسڪينن ۽ لاچارن جي خدمت جو. وسائل جي اڻهوند عبدالستار جي جذبه خدمت جي جنون ۾ ڪا گهٽتائي ڪو نه آندي. هن نيڪ ڪم جي شروعات ڪندي، عبدالستار سڀ کان پهرين سوشل آرگنائيزيشن سان گڏجي ڪم ڪيو پنهنجي پاڻ تي يقين ۽ ”الله مدد ڪندو“ واري ايمان ساڻ عبدالستار سڀ کان پهرين، هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي، جنهن ۾ غريب لاچارن جو مفت علاج ڪيو ويندو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ، عبدالستار هڪ پراڻي وين خريد ڪئي، جنهن جو نالو غريب ماڻهو جي وين رکيو ويو ۽ هو ان ۾ ويهي غريب بيمار ماڻهن کي اسپتال کان گهر ۽ گهر کان اسپتال پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏيندو هو. ڏسندي ڏسندي عبدالستار جو نالو هر زبان تي اچڻ لڳو. هن بي مثال ڪم جي شروعات جو پهريون قدم عبدالستار پاڻ کنيو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ عبدالستار ڪڏهن مڙي پويان نه ڏٺو ۽ پاڻهي پاڻهي رستو ٺهندو ويو.
عبدالستار ايڌي کي ماڻهن چندو ڏيڻ شروع ڪيو ۽ عبدالستار مالي طور تي مضبوط ٿيندو رهيو ۽ عبدالستار جي ڊسپينسري تمام منظم نموني سان ڪم شروع ڪيو. سڀ کان پهرين عبدالستار پنهنجي ڊسپينسري ۾ گهربل نرسنگ اسٽاف ۽ ٻيو اسٽاف ڀرتي ڪيو ۽ هاڻي اها جڳهه هئي جتي ان جي ملاقات بلقيس سان ٿي. 14 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان کي ٻه خوشيون مليون، هڪڙو پاڪستان آزاد ٿيو ۽ ٻيو بلقيس پيدا ٿي. بلقيس ايڌي فائونڊيشن ۾ تمام دل و جان سان ڪم ڪيو. 1966ع ۾ بلقيس ۽ عبدالستار جي شادي ٿي وئي. عبدالستار جي قائم ڪيل ويلفيئر، ڏينهن رات ڪم ڪندي رهي ۽ آهستي آهستي عبدالستار جي قائم ڪيل ويلفيئر، هڪ شهر کان ٻئي شهر، ٽئين شهر ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڦهلجڻ لڳي. ائين عبدالستار ايڌي سڄي ملڪ ۾ سڃاتو وڃڻ لڳو. 1973ع ۾ ڪراچيءَ اندر هڪ پراڻي بلڊنگ ڪري پئي. ان حادثي جي امدادي ڪمن جي لاءِ، سڀ کان پهرين ايڌي فائونڊيشن جا رضاڪار پهتا، جنهن جي اڳواڻي ايڌي صاحب پاڻ ڪري رهيا هئا. اتان اهو سلسلو باقاعدي شروع ٿي ويو ۽ جڏهن به ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ ڪو حادثو يا دهشتگردي ٿئي يا ڪا قدرتي آفت سان ڪو به جاني يا مالي نقصان ٿيندو هو ته ان جي امدادي ڪم ڪارن لاءِ سڀ کان پهرين ايڌي فائونڊيشن جا رضاڪار حرڪت ۾ ايندا هئا ۽ رياست جون ذميواريون ايڌي فائونڊيشن سرانجام ڏيڻ لڳي.
ايڌي ويلفيئر آرگنائيزيشن، اها واحد آرگنائيزيشن آهي، جنهن وٽ پنهنجي ايئر ايمبولينس به آهي، جنهن جي وسيلي اھا دشوار جڳهن تي به پهچي امدادي ڪم سرانجام ڏيندي آهي. اڄ ايڌي فائونڊيشن، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ڪامياب ويلفيئر آرگنائيزيشن طور سڃاتي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ انھيءَ کي ڪروڙين روپيا چندي جي صورت ۾ ملن ٿا. ايڌيءَ جي ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل، صرف 8 شاخون غريب ۽ لاچار ماڻهن جو مفت علاج ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه هڪ اکين جي استپال، هڪ ڪينسر اسپتال، ٻه بلڊ بئنڪ پڻ ڪراچيءَ ۾ ايڌي فائونڊيشن جي زير نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه، ايڌي فائونڊيشن جي نگرانيءَ ۾ هڪ ليگل ايڊ ڊپارٽمينٽ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو غريب لاچار ماڻهن کي مفت قانوني سهولتون مهيا ڪري ٿو ۽ اھو ليگل ايڊ ڊپارٽمينٽ، ڪيترن ئي غريب بيگناهه قيدين کي وڪيلن جي سهولت پڻ ڏئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا ئي بيگناهه قيدي آزاد ٿيو وڃن. بلقيس ايڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ڪيل ”اپنا گهر“ پڻ، ڪراچيءَ جي غريب لاچار ماڻهن جي لاءِ، ڪاڙهي جي لُڪ ۾ ٿڌي ڇانو جو احساس ڏياريندڙ، انتهائي قابلِ تعريف ۽ قابلِ ذڪر آهي. هن اپنا گهر ۾ 20000 هزار کان وڌيڪ ٻار پلجن پيا، جن جي ٽن وقتن جي ماني، علم ۽ هنر جي ذميداري پڻ ايڌي فائونڊيشن جي ذمي آهي. هڪ ملين کان وڌيڪ غريب ٻارن جي ڊليوري پڻ ”اپنا گهر“ ۾ مفت ڪرائي ويندي آهي. ڇا اڄ ڪا ماءُ عبدالستار جي ماءُ وانگر، پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪري ٿي؟ ڇا اڄ ڪو نوجوان عبدالستار واري رستي جي چونڊ ڪندو؟ هڪ حقيقي وڏو ماڻهو، عبدالستار پاڪستانين ۾ موجود وڏن ماڻهن ۾، سڀ کان وڏو ماڻهو آهي.