انسان ذات جو بي لوث خدمتگار عبدالستار ايڌي، بي سهارن جي يار جي
8 جولاءِ تي پهرين ورسي
ابراهيم لاشاري (وارهه)
جئين ته سياڻن سچ چيو آ ته “چڱو انسان ڪڏهن به ڪو نه ٿو مري ؛هو پنهنجي زندگي ۾ جيڪا نيڪي يا ڪم ڪري ٿو انهي جي عيوض سندس نالو قيامت تائين زنده رهي ٿو .هن دنيا منجهه ڪيترائي عظيم ۽ ڀلارا انسان ٿي گذريا آهن ،جن پنهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي خدمت ڪندي گذاري آهي اهڙن انسانن منجهان غريبن، يتيمن جو يار انسان ذات جو بي لوث خدمتگار دنيا جي عظيم هستي ناليوارو سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي پڻ هڪ آهي . عبدالستار ايڌي سال 1928ع ڌاري گجرات رياست جي جهونا ڳڙهه جي ڀرسان هڪ ڳوٺ بانٽوا جي نيڪ مرد شخصيت عبدالشڪور ايڌي جي گهر کان زندگي جو حسين سفر شروع ڪيو هو سندس امڙ جو نالو غربي!هو سندس والد ڪپڙي جو واپاري هو ،عبدالستار ايڌي يارنهن سالن جو ٿيو ته سندس مٺڙي امڙ شگر جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي ۽ شگر جي مرض ڪري سندس فالج جو سخت حملو ٿي پيو هن ان زماني ۾ پنهنجي امڙ جي بي حد خدمت ڪئي .سندس کي ننڍپڻ کان ئي ٻين جي خدمت ڪرڻ جو قائل هوندو هو .سندس والد عبدالشڪور ايڌي صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو مڱر پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي نه هوندي هيس ،سڄو ڏينهن راند روند تي ڌيان هوندو هيس .هڪ ڏينهن سندس استاد عبدالستار ايڌي کي ڪلاس جو مانيٽر بڻايو تنهن بعد پڙهڻ سان وري دلچسپي وڌيس .هن عظيم انسان جي تربيت به امڙ جي هٿن ۾ ٿي ڇو جو والد واپاري هجڻ ڪري اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو هو عبدالستار ايڌي کي ننڍي هوندي مسڪينن ،غريبن ، ۽ ذهني اپاهجن انسانن سان بيهد همدردي هوندي هئي .يارهن سالن جي عمر کان نماز ۽ روزي جو پابند هوندو هو مڱر ڪڏهن به مذهبي انتها پسند نه رهيو ،ننڍي عمر ۾ مشهور واپاري سيٺ حاجي عبدالله نالي جي دوڪان تي 5 روپيه پگهار تي مزدور ٿي بيٺو ، هي ڪپڙن جا تاڪيا پٺن تي کڻي گهر گهر وڃي وڪڻندو هو ، هن هڪ ننڍڙو دوڪان به کوليو هو هن 15 سالن جي عمر ۾ رسمي تعليم پوري ڪئي ،عبدالستار ايڌي ننڍي هوندي گجراتي اخبارن جو مطالعو پڻ ڪندو هو هن بمبئي سماچار ذريعي مارڪس ۽ لينن جي نظري کان واقف ٿيو ، سندس ذهن ۾ تبديلي مئڪسم گورڪي جي ناول (ماءَ) آندي سندس من ۾ ٻين جي خدمت ڪرڻ جو جذبو وڌي ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد هندو مسلم فسادن جي خطري سبب ٽيهه هزار ميمڻ سان گڏجي هن جو خاندان سندس ڏاڏو حاجي رحمت الله پاڪستان هجرت ڪري ڪراچي جي پسگردائي ملير ۾ اچي رهيا ، هن سال 1951ع ڌاري پنهنجي گڏ ڪيل پيسن منجهان هڪ ننڍڙو دڪان خريد ڪيو ، هڪ ڊاڪٽر جي مدد سان هڪ ننڍڙي ڊسپينسري پڻ کولي ورتي جتي هن طبي امداد جي سکيا پڻ ورتي شروع شروع ۾ هي ڊسپينسري جي سامهون پيل هڪ بينچ تي ئي سمهي آرام ڪندي نظر آيو سندس خيال . ته جيئن ضرورت پوڻ واري انسان جي مدد ڪرڻ لاءِ ترت پهچي سگهان، سال 1957ع ڌاري جڏهن ڪراچي شهر ۾ هڪ وڏي پيماني تي وبا (فلو) جو مرض ڦهليو هو ته عبدالستار ايڌي ترت فوري طور تي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. هن ڪراچي جي هر هنڌ مختلف هنڌن تي خيما کوڙي وس آهر خدمت ڪري مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون ،اهڙي فلاحي ڪم ۾ دولتمند ماڻهن عبدالستارايڌي جي تمام گهڻي دل کولي مدد ڪئي ، ان زماني ۾ ان چندي جي پئسن منجهان عبدالستار ايڌي ڊسپينسري واري سڄي جاءِ خريد ڪري ان ئي جاءِ تي هڪ ويم گهر ( ميٽرنٽي سينٽر ۽ هڪ نرسن جي تربيت لاءِ اسڪول کوليائين ،انهي زماني ۾ ايڌي فائونڊيشن جو بنياد وڌهائين ،ان زماني ۾ هڪ ڪاروباري شخصيت هن عظيم انسان کي جهجي امداي رقم ڏني جنهن منجهان هن هڪ ايمبولينس خريد ڪئي جيڪا هو پاڻ هلائيندو هو .بي بي سي جي رپوٽ موجب سال 2002ع کان 2008ع تائين سڄي پاڪستان ۾ ايڌي سينٽر تمام گهڻي حد تائين سماجي ڪمن ۾ مصروف رهيا آهن هن وقت تقريبا 600 کان مٿي ايمبولينس گاڏيون سڄي ملڪ جي سينٽرن تي موجود آهن ان کان علاوه هوائي سروس پڻ حاصل اٿن جيڪا ڪنهن به وقت حادثي ۾ ترت طبي سهولتن سان گڏ تيار رهي ٿي تنهن کان سواءِ ڪيترن ئي شهرن منجهه ڪلينڪون ،ميٽرنٽي هوم ،پاڳل خانا ، پناهگاهون،۽ اسڪول پڻ کوليا ويا آهن ايڌي فائونڊيشن هر مشڪل گهڙي ۾ سڄي دنيا ۾ مدد فرامي ڪندو رهي ٿو ،هي انسان ذات جو هڏڏوکي عبدالستار ايڌي پاڻ خود وڃي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو . ايڌي فائونڊيشن پاڪستان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن بوسنيا ، افغانستان، عراق، چيچنيا ،سوڊان ،ايٿوپيا ۽ قدرتي آفت سٽيل ٻيٽن سماترا ۽ انڊومان ۾ به ڪم ڪندي رهي آهي . 16آگسٽ 2006ع ۾ عبدالستار ايڌي جي گهرواري ميڊم بلقيس ايڌي ۽ ڪبري ايڌي انٽرنيشنل ايمبولينس فائونڊيشن پڻ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ،جنهن تحت ايران ،آمريڪا، شام ،اسرائيل ،ڀارت ،بنگلاديش ،برطانيه ،سميت امير توڙي غريب ملڪ ۾ ايڌي جي ايمبولينس عطئي طور ڏني وئي .سال 1997ع جي عالمي رڪارڊ (گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ) موجب ايڌي فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس کي دنيا جي وڏي مان وڏي سروس قرار ڏنو ويو انکان علاوه بنا ڪنهن موڪل جي ايڌي کي ڪم ڪرڻ جي مڃتا پڻ مليل آهي، عبدالستارايڌي سياست پڻ ڪئي سال 1964 ڌاري هن صدر ايوب خان خلاف محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو ،بعد ۾ ٿورو عرصو خاموش ٿي ويٺو مڱر 1970ع ۾ هن ٻيهر سياست ۾ حصو ورتو مڱر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تي شڪست ملي ،عبدالستار ايڌي 1965ع ۾ ايڌي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندڙ بلقيس کي شادي ڪرڻ جي آڇ ڏني جيڪا بلقيس اهيا آڇ قبول ڪري سال 1966ع اپريل جي 19 تاريخ تي عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويا .عبدالستار ايڌي کي مڃتا طور ڏيهه پرڏيهه ۾ ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز سان نوازيو ويو حڪومت پاڪستان هن انسانيت جي هڏڏوکي خدمتگار شخص لاءِ امن جي نوبل انعام لاءِ به نامزد ڪيو هو ، ايڌي کي سال 1988ع ۾ لينن ايوارڊ پڻ مليو تنهن کان سواءِ اٽلي، آمريڪا ، ڪوريا ، ڀارت ، يو_اي_آي ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ ايوارڊ ڏنا ويا هئا . سنڌ حڪومت سال 1989ع ۾ پڻ عبدالستار ايڌي کي ننڍي کنڊ جي عظيم سماج سڌارڪ ايوارڊ ڏنو ايڌي پرڏيهه ۾ سماجي ڪمن ڪرڻ تي گرفتاريون ۽ غير قانوني حراست کي پڻ منهن ڏنو ، انسان ذات جو وڏو خمتدگار ،امن جو علمبردار انتهائي سادي شخصيت جو مالڪ هو ڪڏهن به غرور نه ڪيائين ٻن وڳن کان وڌيڪ ڪپڙا نه رکندو هو، هو سدائين سادي زندگي گذارڻ جو قائل هو. هي عظيم انسان ايڌي ڪلينڪ مٿان ٺهيل ٻن ڪمرن جي گهر ۾ سڄي زندگي گذاري ڪڏهن به عيش عشرت جي حوس نه لڳس هميشه عيد جي ڏينهن بي سهارن سان گڏ عيد گذاريندو هو ، انسانيت جي هي خدمتگار عبدالستار ايڌي گذريل ڏهن سالن کان گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو هو ، سال 2013ع کان ايس، آءِ ،يو، ٽي منجهان ڊائيلاسز ڪرائيندو رهيو مگر صحت ساٿ ڇڏي ڏنو ، يتيمن جو يار انسان ذات جو سچو خدمدگار عبدالستار ايڌي 88 سال 6 مهينا 7 ڏينهن زندگي جا پل گذاري هزارين يتيمن ۽ هزارين بي سهارا انسان ۽ سڄي دنيا کان 8 جولاءِ 2016 جمعي جي ڀلاري ڏينهن موڪلائي هميشه هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو گهر واري سميت چئن ٻارن فيصل ايڌي ، ڪبري ايڌي ، زينت ايڌي ، ۽ الماس ايڌي سميت ڪروڙين ماڻهن سوڳوار ڇڏي ويو . سندس سرڪاري اعزاز سان نيشنل اسٽيڊيم ۾ نمازي جنازه ادا ڪرڻ بعد وصيت موجب ايڌي وليج ڪراچي ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو ،ياد رهي ته هن عظيم انسان 25 سال اڳ پنهنجي قبر پاڻ تيار ڪرائي هئي ۽ وصيت پڻ ڪئي هئي ته مون کي پهريل ڪپڙن ۾ دفنايو وڃي. هي عظيم انسان ته هاڻ اسان وٽ ناهي رهيو مڱر سندس ڪيل خدمتون هميشه هميشه لاءِ ياد رهنديون .اڄ 8 جولاءِ 2017 تي سندس پهرين ورسي ملهائي ويندي