روايت آهي ته شاه ويهن ورهن جو ٿيو ته کيس مجازي محبت جو ڪان لڳو. چون ٿا ته ڪوتڙيءَ جي مرزا مغل بيگ جو شاه حبيب ۾ ڪامل ويساه هو ۽ کيس دعا ڦيڻي لاءِ اڪثر پنهنجي گهر ۾ وٺي ويندو هو. هو آرغون هو سندس گهر ۾ سخت پردو هوندو هو. سندس گهر ۾ اگهائي ٿي پوندي هئي ته مرشد کي عرض ڪري دعا لاءِ وٺي ايندو هو. هڪ دفعي سندس نياڻ بي چاڪ ٿي پئي اتفاق سان ساڳي وقت شاه حبيب جي طبيعت به ناساز هئي انهيءَ ڪري مرزا بيگ جي عرض تي پٽ عبداللطيف کي ساڻس وڃڻ جي هدايت ڪيائين. شاه، مغل جي دختر جو حسن بيخود ٿي ويو ۽ سندس آڱر پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيائين، “ جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪو لوڏو ” اِهي سخن سڻي مرزا ۽ سندس عزيز غصي ۾ لال ٿي ويا. پر ٻاهران صبر اختيار ڪيائون. ان کان پوءِ اندران ئي اندران سيدن کي اهڙو ته تپائي کيائون جو هو لاچار ٿي اتر طرف ڪجهه مفاصلو پري وڃي ڌار حويلي اڏي ويٺا. عشق جي ڪلن لڳڻ کان پوءِ شاه هرڻ ۽ هما وانگر صحرائن ۽ بيابانن ۾ سرگردان ۽ حيران ٿي پيو ڦرندو هو. هڪ دفعي ته ٽي ڏينهن سانده هڪ هنڌ غش ئي غش پيو هو. سندس جسم تي واري جا تهه چرهي ويا ۽ رڳو سندس ڪپڙي جو پلاند پئي ڏٺو. قضا سان هڪ پنوهار جي وڃي مٿس نظر پئي جنهن سارو احوال وڃي شاه حبيب کي سڻايو. شاه حبيب اڏامندو اچي ان هنڌ پهتو ۽ ڏاڍي سوز مان چيائين، “ لڳي لڳي واءُ ، ويا آنگڙا لٽجي ” شاه بيخودي جي حالت مان ڇرڪ ڀري اٿيو ٺهه پهه جواب ۾ چيائين، “ }پيئي کڻي پساه ، پسڻ ڪرڻ پرين جي. ” ڪي صاحب انهيءَ خيال جا آهن ته هن شعوري زماني ۾ اهڙي روايت کي ڏند ڪٿا ڪري شمار ڪرڻ جڳائي ۽ انهيءَ کان گريز يا ڪنارو ڪرڻ واجب آهي.
جواب: شاه جو عشق جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪو لوڏو ها ۔۔۔۔ عشق ئي ته آهي جنهن نيارا رنگ ڏيکاريا آهن۔ ۽ لطيف سائين جو عشق به ڪو جهڙو تهڙو ته ڪونه هوندو ۔۔۔۔
جواب: شاه جو عشق الا الا منهنجي مرشد لطيف جي مٺڙي ٻولي۽ منهنجي جانب (لطيف سائين) جي عشق جو اولڙو به اهڙو جو جي کي جلائڻ کان بنهه نٿو مڙي، هيٺين سٽن ۾ وڏي سڪ سمايل آهي جو ڪير سمجهي سگهي ، اصل سينو ڦاٽي پوي جهڙو درد منهنجي مرشد جي سيني ۾ لڪل هيو۔۔مون جهڙن جي ڪا به حاجت نه آهي، اسان جو عشق انساني لطيف جو عشق لافاني۔۔ پِرِين جي پَرديسَ ۾، تِنِ جي ڪانگا! ڪَجِ خَبَرَ، ته سَڀِ مَڙهايان سونَ سين، پکِي! تُنهِنجا پَرَ، گُھمِي مَٿان گَھرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي. ڪڍِي، ڪانگا! تو ڏِيان، هِنئون ساڻُ هَٿَنِ وَڃي کاءُ وِلاتَ ۾، اڳيان عَجِيبَنِ؛ پِرين مانَ چَوَنِ، ته هِئَن قُرِبانُ ڪيرُ ٿِئي!