حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي آدمشماري باقي سڄي سنڌ جي برابر؟!! ڊاڪٽر ايوب شيخ [JUSTIFY] اوهان پاڪستان جي آدمشماري جا پراڻا ۽ تازا انگ اکر ڏسي اهو غور ڪريو ته آبادي ڪيڏي ته وڌي وئي آهي. اڳي ته بنگالي به گڏ هئا، هاڻي رڳو اسان پاڪستاني بچيا آهيون، اهي به ايڏا وڌيا آهيون، جو ڀيڻي نه ڀر. ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر. ڪنهن کي ٻڌائجي به ته شرم اچي ۽ لڄ وچان ڳالهه پنهنجي ڳچيءَ ۾ پئي. ان ڪري اسان ڪنهن کي به نه ٿا ٻڌايون ته اسان پنهنجي ”جائزي ۽ ڪٿ“ Analysis & Assessment واسطي ڪهڙا ڪهڙا انمول ڪم ڪندا آهيون. اها ڳالهه سولي سنڌي ۾ ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن به آدمشماري ” سياست“ ۽ ”وسيلن تي قبضي“ جي نيت سان ڪئي ويندي ته اها ڪڏهن به اصل ته ڇڏيو پر نقل به اهڙو سامهون ايندو، جو ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي ته ڪٿان کان اهي سڀ ڪجهه انگ اکر آندا اٿئون؟ انگ اکر به ايئن ٿا وڌن، جيئن شاهه لطيف چيو هو، ”پنجن مان پندرنهن ٿيا، ايئن ٿا ورق ورن“. اچو ته ان معاملي کي سمجهڻ جي شروعات ڪريون، متان دير نه ٿي وڃي. آدمشماري کاتي پاران جيڪي انگ اکر ظاهر ٿي رهيا آهن، انهن کي هو آخري يا Final ته نه ٿا سڏين پر انهن کي شروعاتي يا Preliminary جو نالو ڏنو پيو وڃي. انهن اکرن جي وچور موجب، سنڌ جي آبادي 3 ڪروڙ، 4 لک، 39 هزار، 8 سئو 93 مان وڌي هاڻي بيٺي آهي 5 ڪروڙ ، 52 لک، 45 هزار 4 سئو 97. اهڙي طرح سنڌ جي آبادي وڌڻ جي شرح 81.5 سيڪڙو ۽ گهرن جي واڌ جي شرح 83.9 سيڪڙو پهتي آهي. اڳي اٽڪل پنجاهه لک گهر هئا، جن جو تعداد هاڻي 92 لکن تي پهتو آهي. انگن اکرن جي روشني ۾ هيٺيون ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون. (1) ڪراچي سٽي گورنمينٽ 2010ع ۾ پنهنجي شهر جي آدمشماري جو تخمينو لڳائيندي چيو هو ته ڪراچي جي شهري علائقن جي آبادي هڪ ڪروڙ ٽيهه لک 52 هزار آهي، جيڪا انهن انگن اکرن ۾ اٽڪل ٻيڻي آهي. جي شهري سرڪار جو اهو تخمينو مڙيئي تخمينو سمجهجي ته 1998ع ۾ ڪراچي جي آبادي جيڪا 98 لک هئي ۽ باقي سنڌ جي ٻه ڪروڙ هئي، اها سٽي گورنمينٽ موجب ڏهن سالن ۾ 32 لک وڌي آهي، جڏهن ته هنن انگن اکرن موجب، اها وڌي 2 ڪروڙ 11 لک بيٺي آهي. ان حساب سان حيدرآباد ۽ ڪراچي جي آبادي هاڻي باقي سنڌ جي اٽڪل برابر ٿي ويئي آهي. جنهن موجب ڪراچي ڊويزن ۽ حيدرآباد شهر جي آبادي باقي سنڌ جي 21 ضلعن جي برابر ٿي ويئي آهي. (2) ان تخميني جي صورت ۾ ظاهر ڪيل آدمشماري ۽ گهر شماري مان ان ڳالهه جا چٽا ثبوت ملي رهيا آهن ته جڏهن ان آدمشماري ٿيڻ واري ڏاڪي تي مختلف بي قاعدگيون ٿيون هيون ته سڄي سنڌ ان رويي ۽ ڪوڙ تي ٺهندڙ عمارت تي سخت احتجاج ڪيو هو. هنن انگن اکرن موجب، سنڌ هڪ نئين حالت ۾ سامهون اچي رهي آهي. (3) سنڌ جي اها آبادي ملڪ جي ٽئين حصي جيتري آبادي ۾ تبديل ٿي رهي آهي، جيڪا ان کان اڳ چوٿون حصو هوندي هئي. (4) ان آدمشماري موجب ڪراچي سان زيادتين جي اها خطرناڪ صورتحال سامهون اچي رهي آهي، جنهن موجب ڪراچي ۾ 12 سالن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن، جيڪي مهيني ۾ نو لک ۽ روزانو ٽي هزار آهن. انهن ۾ پهرين نمبر تي پختون، ٻئي نمبر تي سنڌي، ٽئين نمبر تي بنگالي ۽ هندستاني ۽ چوٿين نمبر تي سرائيڪي ۽ پنجابي آهن. (5) 1998ع ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي اٽڪل چاليهه لک هئي، جيڪا هاڻي سئو سيڪڙو وڌڻ سان اسي لک هوندي، جنهن حساب سان شهر ۾ هڪ ڪروڙ ٽيهه لک ماڻهو ٻين آبادين جا آهن، انهن ۾ اهي ٽيهه لک بنگالي، ڀارتي، بهاري، افغاني به شامل آهن، جيڪي غيرقانوني طور هتي رهن ٿا ۽ هر سرڪار انهن جي باري ۾ ڪڏهن به مناسب خيال ڪندي انهن لکين پرڏيهين کي پنهنجي وطن ڏانهن نه موڪليو آهي، جنهن ڪري اهي پنهنجي وطن کان پري، هتان جي اصلوڪن ماڻهن سان ڪنهن به حالت ۾ سهمت ناهن. (6) انهن ڏهن سالن ۾ هڪ پاسي، ۽ ٻه سال لاڳيتي ٻوڏ ۽ برساتن ۽ بيروزگاري جي ڪري سنڌين جو وڏو انگ ۽ انهن سنڌين ۾ بد امني ۽ ڏاڍ جي ڪري هندن جو وڏو انگ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري ڪراچي جي سموري صورت، آبادين جو توازن، ڪراچي جي مالڪي جي باري ۾ نت نوان سوال پيدا ٿيا آهن. (7) جڳ مشهور ڏاهي ۽ اريگيشن جي ماهر ايم ايڇ پنهور پنهنجي انگريزي ڪتاب ”سنڌ؛ آبپاشي جا ڇهه هزار سال“ ۾ لکي ٿو ته، سنڌو درياءَ جو اڄوڪو وهڪرو 238 سال اڳ کان موجود آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته قبل مسيح کان هيستائين سنڌو درياءَ سورنهن دفعا پنهنجا رُخ بدلايا ته ڪيئي گهراڻن ۽ سياستن جا رخ به بدلجي ويا. ڪيئي حڪومتون دربدر ٿي ويون. (8) ملڪ جي عوام کي سندن علائقن ۾ ترقين جا موقعا ڏنا وڃن ۽ خاص ڪري ٻين صوبن مان سنڌ ۾ لڏپلاڻ کي روڪڻو پوندو. جي ايئن نه ڪيو ويو ته دنيا مان هر روز پناهگيرن جا ڪٽڪ سنڌ سان اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهندا، جيڪي دنيا جا وڏا وڏا فاتح پنهنجي فوجي ڪاهن ۾ به نه ڪري سگهيا هئا. ان ڪري سنڌ جي عوام کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي جيئن يوسف شاهين جي ٿيسز آهي ته، ”دنيا ۾ فوجي ڪاهن قومن جا مهانڊا نه بدلايا آهن جيئن Immigration يا تاريخي لڏپلاڻ بدلائي ڏيکاريا آهن“ . (9) سنڌ جي سمورين پارٽين کي ٿر جي ريل سميت، اترين علائقن کان ايندڙ سمورن ماڻهن جي باري ۾ سوچڻو پوندو، ڇو ته جي اڄ نه سوچيو ويو ته سڀاڻي سنڌ جا وسيلا پاڻي ۾ لوڻ وانگر ڳري ويندا. سمورن ماڻهن کي اها ڳالهه سوچڻ گهرجي ته اها ڳالهه ڪنهن هڪ نسل يا رڳو سنڌين جي فائدي ۾ ناهي، پر جي حالتون ايئن رهيون ته پوءِ سنڌي ماڻهو پنهنجا گهڻا نقطا سامهون کڻي ايندا. (10) پاڪستان سرڪار بنا دير پرڏيهين کي سنڌ يا ملڪ مان ٻاهر تڙڻ لاءِ ڪوششون ڪري. ان لاءِ عرب رياستن وارو سسٽم رکيو وڃي، جنهن ۾ ڪنهن به ٻاهرين کي ملڪيت ۽ شهريت جو حق نه ٿو ملي سگهي. ان ڳالهه تي به سوچڻ گهرجي ته ڪٿي اميگريشن کاتو پنهنجي چئن سڪن واسطي جيڪي ڪجهه ڪري پيو، ان جي ڀوڳنا تي به سوچڻ گهرجي. انهن ماڻهن کي تاريخي سزائن لاءِ ڇونه ٿا سنڌي ماڻهو ڪا تاريخي ڪانفرنس ڪن ۽ سفارشون سرڪار ڏانهن موڪلين؟ (11) سنڌ ۾ ته آبادي جو دٻاءُ ايندڙ ڏهن سالن ۾ ڪنهن به ائٽم بم کان وڌيڪ اثر ڏيکاريندو پر، خود سنڌي قوم کي به سمجهڻ گهرجي ته انهن جي ترقي گهڻا ٻار ڄڻڻ ۾ نه پر ”ٿورا پر بهتر“ واري فارمولا تي ٻار ڄڻڻا پوندا. اها ڪنهن به حوالي سان هڪ سڌريل قوم جي نشاني آهي، ان تي پڻ غور ڪرڻ گهرجي. [/JUSTIFY] روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي آدمشماري باقي سڄي سنڌ جي برابر ؟ !! ان ئي سبب تازو ايم ڪيو ايم وارن چوڻ شروع ڪيو آهي ته سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ هاڻ برابر آهن ۔۔۔ 40سالن کان قومپرست رڙيون ويٺا ڪن ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون پيون هلن پر سنڌين پ پ پ، مسلم ليگ ۽ ٻين وفاق پرستن ڌرين کي ووٽ ڏئي قوم جو منهن ڪارو ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ پ پ پ ۽ وفاق پرستن جي ڇانوَ ۾ هميشه سنڌ جا دشمن پنهنجا مقصد پورا ڪندا رهيا آهن ۔۔۔ ۽ آءُ گهڻو ڏوهه پ پ پ کي ڏيندس جنهن جي ذريعي پاڪستاني سامراج پنهنجا ڪم پورا ڪري پ پ پ جي اهم اڳواڻن کي مارائي ڇڏيندا آهن ۔۔۔ سنڌين جي اکين جي سامهون ۔۔۔۔ پر افسوس جو سمورو ڀٽو خاندان مارائڻ کانپوءِ به سنڌي ۔۔۔ رڍ جي رڍ، ساڳئي ٻ ٻ ٻ ۔۔۔۔ کپي کپي کپي ۔۔۔۔ علم کان عاري عوام ويڪائو وڏيرا ۽ وزير مفادپرست نوڪر شاهي وڃي ٿيا خئير ۔۔۔۔