• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مجبور آهيان!!!!

رنجيت

سينيئر رڪن
محمد قاسم ماڪا اسٽائيل....... ڏيهه چاهي پرڏيهه ۾ رهندڙ سمورن سنڌين کي هي ناچيز رنجيت ڪمار رامرکيا سلام پيش ٿو ڪري.... اسانجي اها ڪوشش رهي ته پرديس ۾ رهندڙ پرديسين کي سنڌ جي ويجهو رکجي ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي پيش آهي هيءَ پيشڪش... اميد ته اوهان سڄڻن کي پسند ايندي.....

جيئن ته اڄ ڪالهه پنهنجي اوطاق سنڌ سلامت تي مجبور لفظ ديرو ڄمايو آهي... سو مان به هڪ موقعاتي شاعري پيش ٿو ڪريان.... جنهن کي هموار ڪرڻ ۾ استاد نثازناز جو وڏو هٿ آهي.... اميد ته اوهان سڄڻن کي پسند ايندي........

رام رکيا رنجيت ”ساحل“
گيت
مجبور آهيان
مجبور آهيان مجبور آهيان مجبور آهيان
مجبور آهيان پوءِ به گيت لکندس،
مان ته سنڌ امڙ ڏي وري نيٺ ويندس
ڏاڍي سوز سڪ سان پيو گيت ٺاهيان
مجبور آهيان مجبور آهيان مجبور آهيان.

ڏاڍو ياد اچن ٿا سنگتي سمورا، وڃڻو ضرور آ
مُنهنجا دوست دلبر ساٿي سمورا، وڃڻو ضرور آ
ويٺو ڪانگ تن لئه هرهر اُڏاريان
مجبور آهيان مجبور آهيان مجبور آهيان

آهي دلڙي ماندي پرين پنهنجي پسڻ لئه ڏوري ڏسڻ لئه
اکڙيون ڀي آتيون سڄڻ سُهڻو ڏسڻ لئه،ڏوري ڏسڻ لئه
رويو روز جنهن کي هر هر سنڀاريان
مجبور آهيان مجبور آهيان مجبور آهيان.

سهارو آخري پنهنجو بس” ساحل“ بچو آ، ” ساحل“ بچو آ
پنهنجي دل تي نالو سنڌ جو چِٽو آ، سنڌ جو چِٽو آ
شل هند ۾ سنڌ سان ناتو نڀايان
مجبور آهيان مجبور آهيان مجبور آهيان​
 
شاندار تخيل، شاندار سوچ، تمام تمام تمام بهترين شاعري، ادا رنجيت واقعي اها شاعري اهڙي آهي جو هند ۾ رهندڙ سڀني سنڌي دوستن جي روح جي پُڪار آهي۔ دل جي صدا آهي۔ ادا رنجيت تُنهنجون مهربانيون آهن جو توهان مونکي اُستاد جي حيثيت سان مان ڏيو ٿا۔ مان ته تُنهنجي هن شاعري کان ايڏو متاثر ٿيو آهيان جو ڳالهه ئي نه پُڇ۔ هن شاعريءَ ۾ سنڌي لوڪ ادب يا لوڪ شاعريءَ جون اهي سڀ خوبيون سمايل آهن جنهن کي پڙهي ۽ ٻُڌي دل جا تار ڇِڙي سگهن ٿا۔ مون ته تُنهنجي خيالن کي صرف ٿورو ۽ ٿورو صرف سنواريو آهي۔ باقي تُنهنجي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ محبت ۽ جذبي جو ته ڪو جواب ئي ڪونهي۔ شال اهو پيار اهو چاهه سنڌ ۽ سنڌين لاءِ سدائين برقرار رهي۔توهان جو دعاڳو
 
Ustad sain! Maaf kajo! Mai roman mai likhi rhyo ahyan, maan hane ghar piyo wanjan, anjaan ta beetthe per piyo wanjan, umed ta jald wehan ji jaai mli wendi, moon sindhi mai likhan ji jaam koshsh kaee, par pahnji id tan login thi na sghyus, so majburn hik bi id thahi,
 
Back
Top