مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجيجڙندا ڪيئي جام،
نوان متولا ايندا، هڻندا تن جي هام!
سنڌ سلامت سٿ پاران دنيا جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيء تي کيس سلام پيش ڪري ٿو۔ تاريخ ۾ جڏهن به انهن شخصيتن جو ذڪر ٿيندو جن پنهنجي ديو مالائي ڪردار ۽ سحر انگيز شخصيت ڪري ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ذڪر ضرور نڪرندو جنهن پنهنجي ذهانيت، سحر انگيز شخصيت، اعلى فن خطابت ۽ عوام سان هڪ ٿي وڃڻ ڪري هڪ عرصي تائين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو آهي۔
پنهنجا ته پنهنجا پر دشمن به سندس ساراه ڪرڻ کان رهي نه ٿا سگهن۔ اڄ سندس ورسي جي موقعي تي سڄي پاڪستان جو رخ ڳڙهي خدا بخش ڏانهن آهي ۽ ماڻهو پنهنجي محبوب قائد کي سلامي ڏيڻ لاء ڪي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين ته وري ڪي پيرين پنڌ اتي پهتا آهن۔ هتي گڏ ٿيندڙ ماڻهن مان گهڻائي انهن جي آهي جيڪي پنهنجي محبوب اڳواڻ کي سلام پيش ڪرڻ لاء پهتا آهن۔ هي اهي ماڻهو آهن جن کي زوريء گاڏين ۾ چاڙهي هتي ڪونه آندو ويو آهي۔
ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت ۽ سندس پاليسين سان ته ڪيترن ئي ماڻهن کي اختلاف هو پر سندس ذهانت ۽ سحر انگيزي کي سندس ڪٽر دشمن به مڃين ٿا۔ ڀٽي صاحب جي اها وڏي خوبي هئي جو هن سياست کي بنگلن ۽ ڊرائئنگ روم مان ٻاهر ڪڍي عوام ۽ جهڳين تائين پهچايو ۽ عام ماڻهن کي زبان ۽ شعور ڏنو۔ اها سندس قابليت ۽ ذهانيت ئي هئي جو هن شملا ۾ هارايل ڪيس باوجود هندستان جي وزيراعظم کان پاڪستان جي زمين ۽ فوجون بغير ڪنهن اصافي شرطن جي واپس ڪرايون۔ هن پارٽي ته عوام، مزدور ۽ هاريء لاء ٺاهي هئي پر پوء وري جاگيردارن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو جتان ڪوششن باوجود به سازشي ماڻهن جي ڦندي ۾ ڦاسي پيو۔ پر پوء به هن هر سازش جو مقابلو ڪيو ۽ وڙهندو رهيو۔ هن نه ته ڪنهن سان مفاهمت ڪئي ۽ نه وري اصولن تي سوديبازي ڪئي۔ هن اياز جي هنن سٽن کي ڄڻ ته سمجهي ڇڏيو هو:
جي تون وڙهندين ماريو ويندين
هن ڌرتيءَ تان واريو ويندين
دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو
ماڻهن جو ويساهه نه ويندو
ڀٽو صاحب لاء جيڪي به مشڪلاتون پيدا ڪيون وين، هن کي ڪيڏو نه ايذايو ويو پر پوء به هن جو حوصلو بلند هو، ڪنهن صحافيء لکيو آهي:
ڪورٽ ۾ جڏهن پهرئين ڏينهن ڀٽو صاحب عدالت کي خطاب ڪرڻ لاءِ آيو ۽ ڪٽهڙي ۾ اچي، عدالت کي مخاطب ٿيو ته هو هڏائون پڃرو لڳي رهيو هو، هو فل سوٽ پائي آيو هو، پر ائين ٿي لڳو ته ڪوٽ ڪاٺين تي ٽنگيل آهي، هنن دوست صحافين ٻڌايو ته جڏهن پهرئين ڏينهن ڀٽي صاحب عدالت کي خطاب ڪرڻ شروع ڪيو ته هو بار بار سهڪڻ لڳو ٿي ۽ ڪنهن ڪنهن وقت ڪٽهڙي ۾ هٿ وجهي پاڻ کي ڪرڻ کان بچايائين. پر هنن جو چوڻ هو ته ايتري ڪمزوري جي باوجود هن پهرئين ڏينهن عدالت ۾ تاريخي خطاب ڪيو، بهرحال هنن ٻڌايو ته ٻئي ڏينهن ڀٽو صاحب مڪمل فارم ۾ هو، جو جتي تاريخ مان مثال ڏئي رهيو هو، اتي جاگرافي مان به حوالا ڏئي رهيو هو، پر ڀٽي صاحب جي ٽئين ڏينهن جي خطاب جو ذڪر ڪندي ٻنهي صحافين جي اکين ۾ پاڻي تري ايندو هو، هنن چيو ته توهين يقين ڪريو ته ٽئين ڏينهن جي خطاب ۾ جڏهن ڀٽي صاحب کلايو ته کلندڙن ۾ چيف جسٽس ۽ مخالف وڪيل به شامل هئا ۽ هنن کي اها خبر نه هئي ته هو کلي رهيا آهن، اهڙي طرح هنن چيو ته جڏهن ڀٽي صاحب روئاريو ته جن جي اکين ۾ لڙڪ تري پئي آيا تن ۾ چيف جسٽس ۽ مخالف وڪيل به شامل هئا ۽ هنن کي اها خبر نه هئي ته هنن جي ڪيفيت ڪهڙي آهي. هنن ٻنهي صحافين ٻڌايو ته پنهنجي تقرير ختم ڪرڻ کان پوءِ ڀٽي صاحب عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئون توهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان ٽي ڏينهن لڳاتار مونکي انتهائي صبر سان ٻڌو آهي، اهو چئي ڀٽي صاحب اهي تاريخي لفظ چيا ته اوهان جيڪڏهن مون کي ڦاسي به ڏئي ڇڏيندا ته مون کي ڪو افسوس نه ٿيندو. اهو چئي ڀٽي صاحب چيو ته جيڪڏهن مون کي ڦاسي ڏني وئي ته آئون ايترو ضرور چوندس ته زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي