• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

احمد سولنگي

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
http://i44.tinypic.com/aljk1t.jpg

احمد حسين ولد رسول بخش سولنگي ، 5 جنوري 1971ع تي موري شهر ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو . سندس تعليمي قابليت بي . اي آهي . سنڌي نظم جي حوالي سان ، جديد شاعريءَ ۾ سندس اهم سڃاڻپ آهي . طويل مزاحمتي ۽ رومانوي نظم لکڻ تي عُبور حاصل اٿس . غزل ۽ وايون به سٺيون لکيون اٿس . ادبي سنگت موري شاخ جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي . شيخ -اياز- فائونڊيشن جو پريس سيڪريٽري به رهيو آهي . ڪجهه وقت پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ وڏي وزير جو معاون ، ڪجهه وقت موجوده صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ جو پروٽوڪول آفيسر رهيو . هن وقت ڊائريڪٽر ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ، لاڙڪاڻي جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي . سندس موجوده رهائش قاسم -آباد- حيدرآباد ۾ آهي .
 
جواب: احمد سولنگي

انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانه جي ويب ڊائريڪٽري تان ورتل سهڻو پروفائل آهي۔

ادا عبدالواحد هڪ عرض ته ڪوشش ڪري سورس جو نالو به ڏيندا ڪيو ته بهتر رهندو۔
 
Back
Top