ڏُکيا اهڙا لمحا ڇا جي ڪري هِن پرين منهنجي ويجهو پو ڀي پري هِن

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم ڪنهن مهربان پيار ڪندڙ هستيءَ چيو ته ناز پيار جي شاعري ونڊڻ ڇو ڇڏي ڏني اٿئي فوري ونڊ ڪري اطلاع ڪر، کيس ڪهڙي خبر ته ڏات جي ديوي
    رُسڻي محبوبه وانگر ٿي وئي آهي، خير هڪڙي پراڻي غزل کي
    نوان ڪپڙا پارائي انهي پيار ڪندڙ مهربان هستيءَ جي نظر ڪري ان کي ارپيان ٿو دوستو توهان کي جيڪڏهن دل وٽان لڳي ته کوڙ ساريون دعائون ان مهربان هستيءَ کي ڏيئي ڇڏجو بس اها ئي منهنجي نننڍڙي... وينتي آهي شال سڀئي مرڪندا رهو مسڪرائيندا رهو آمين[/JUSTIFY]

    غزل
    نثاراحمد ناز

    ڏُکيا اهڙا لمحا ڇا جي ڪري هِن
    پرين مُنهنجي ويجهو پوءِ ڀي پري هِن

    رُسي ويٺا آهن سي پرچن نه پل ۾،
    ڏُسو رُسڻا ماڻهو هُو ذر ذر ذري هِن

    اسان لئه اسان لئه يقينن اسان لئه
    گلابن سندا جهولَ آيا ڀري هِن

    وفا ۽ جفا جي اڻانگي سفر ۾،
    ويا هو به سمجهي ته کوٽي کري هِن

    نه چُوڙين جِي کن کن نه ڇمڪو نه ڇيرُن ،
    هُري ”ناز“ هينئڙي هُو آيا هري هن


    [​IMG]
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ڏُکيا اهڙا لمحا ڇا جي ڪري هِن پرين منهنجي ويجهو پو ڀي پري هِن

    وفا ۽ جفا جي اڻانگي سفر ۾،
    ويا هو به سمجهي ته کوٽي کري هِن

    فعولن فعولن فعولن فعولن جي وزن ۽ بحر متقارب مثمن سالم ۾ خوبصورت لفظن سان سجايل ھي غزل ڏاڍو سٺو لڳو۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڏُکيا اهڙا لمحا ڇا جي ڪري هِن پرين منهنجي ويجهو پو ڀي پري هِن

    رُسي ويٺا آهن سي پرچن نه پل ۾،
    ڏُسو رُسڻا ماڻهو هُو ذر ذر ذري هِن


    سائين نثار ناز سلام

    گهڻن ئي ڏينهن کانپوء اوهانجي شاعري پڙهڻ لاء ملي ، ٿورا۔ ان هدتيء کي به سلام جنهن اوهان کي شاعريء لاء مجبور ڪيو۔

    اميد ته اوهان جو شاعريء وارو سلسلو جاري رهندو۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    واهه واهه
    تمام بهترين ونڊ سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو