16 جنوري 2012 تي حڪومت سنڌ جي سپلاء ۽ پرائس ڊپارٽمينٽ ۾ روزگار جو اشتهار ڇپيو هو ۽ مون ساڳيو اشتهار سنڌ سلامت تي هڪ ڌاڳي جي صورت ۾ دوستن سان ونڊ ڪيو هو۔ دوست چوندا هيا ته هن مان ڪنهن کي فائدو به ملي ٿو يا نه ؟ پر اسان پنهنجو ڪاوشون جاري رکندي دوستن کي آگاهي ڏيندا رهياسين۔
هن هفتي گهڻا ڏينهن ٿي ويا ته اسان پنهنجي لوڪل فقير وحيد ڦلپوٽو کي فورم تي ڪونه ڏٺو ته پريشاني ٿي ۽ کيس فون ڪيم۔ خبر پئي ته دوست هتي ئي ڪراچي ۾ آهي ۽ هڪ سرڪاري اداري ۾ سندس ٽيسٽ ۽ انٽرويو ٿي چڪو آهي۔ ساڳئي مٿين کاتي ۾ کيس ڪمپيوٽر آپريٽر (ڊيٽا انٽري) لاء آفر آرڊر مليو هو ۽ ٻئي ڏينهن کيس ميڊيڪل لاء وڃڻو هو۔ تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ فقير کي ملاقات لاء چيم۔ پر پاڻ شڪارپور واپس وڃي رهيا هئا ۽ واپسي تي ملاقات جو چيم۔
مٺائي فقر پاران جيستائين ملي تيستائين پاڻ ئي ورتم ۽ کائي ڇڏيم۔ پيارا دوست فقير عبدالوحيد ڦلپوٽا اوهان کي دلي واڌايون پيش ڪيون ٿا۔ دعا آهي ته رب اوهان جي راڄ، ڀاڳ ۽ رزق ۾ واڌارو ڪري ۔۔۔۔۔ آمين

دوستن جو وات مٺو ڪرڻ لاء مٺائي آندي اٿم