• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪرڪيٽ چيمپينس ٽرافي براهِ راست ڏسو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
سنڌ سلامت جي انهن دوستن لاءِ جيڪي ڪريڪيٽ جا شيدائي آهن ۽ شل نه پاڪستان جي ميچ هجي سڀ ڪم ڇڏي ڪرڪيٽ تي ويهي رهندا آهن۔۔۔۔ انهن لاءِ اطلاع آهي ته اهي هاڻي سنڌ سلامت فورم تي براهِ راست ڪرڪيٽ ڏسي سگهن ٿا۔۔۔
ڪرڪيٽ ڏيکارڻ جو هي عمل عارضي آهي ان ڪري مختلف موضوع واري سيڪشن ۾ لڳايو پيو وڃي جيڪڏهن دوستن کي پسند پيو ته هڪ نئون سيڪشن ٺاهي سگهجي ٿو ۔۔۔ توهان جي راين جو انتظار رهندو۔۔۔۔

پاڪستان بمقابلا آسٽريليا

http://www.youtube.com/watch?v=XhYFvoHt94I

هي ميچ ختم ٿي چڪي آهي جيڪا آسٽريليا کٽي ورتي​
 
تمام بهترين ادا رشيد

بهترين محنت آهي توهان جي سنڌ سلامت لا۽
ادا رشيد بهترين نواڻ آهي۔ ڪرڪيٽ جي شيدائين لاٌءِ، شڪر ٿيو هاڻ خبر پئي ته فقير سائين اڄڪلهه چيئمپين شپ ٽرافي پيا ڏسن لڀجي ته پيا، خامخواهه اسان مسڪينن کي فقير جي ڳولا لاءِ اشتهار براءِ گمشده جي عطيي جو خرچ ڪرڻو پيو۔ سائين ڇا ڪريون پيارا ماڻهو ٿورو به اکين کان پري ٿا ٿين ته اصل اُڻ تُن ٿيو پوي۔
 
دوستو ادو رشيد جس لهڻي جنهن ڪرڪيٽ جي شوقينن لا۽ سنڌ سلامت تي لائيو انٽرنيٽ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ان کي مان اڳتي وڌائيندي انڊيا بمقابلا ويسٽ انڊيز جي لائيو ميچ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان

انڊيا بمقابله ويسٽ انڊيز

http://www.youtube.com/watch?v=4i69YYIfALs

هي ميچ ختم ٿي چڪي آهي جيڪا انڊيا کٽي ورتي​


sindhsalamatsaathsal
 
2eciz46.jpg

2eciz46.jpg
 
ٻيلي جهانداد ڏاهو ٿي اڃان فائينل ڇا سيمي فائينل به رهيل آهي ۽ توهان پاڪستانين کي ٽرافي پهريان ڏئي ڇڏي۔۔۔۔
 
مهرباني ادا پر اسان ايترا واندا ڪونه اهيون جو ويهي ڪرڪيٽ ڏسون مال جو گاه پٺو به ڪرڻو هوندو آهي
۽ وري شام جو اوطاق تي حاضري به ڏيڻي هوندي آهي
بحرحال واندن لا تمام بهترين شيئرنگ آهي
 
پاڪستان نيوزي لينڊ کان ڪرڪيٽ چيمپئين ٽرافي وارو سيمي فائنل هارائي ويو۔

پاڪستان هارائي ويو هارائي ويو هارائي ويو(ڪرڪيٽ وارو سيمي فائنل)

پاڪستان جي ڪرڪيٽ شائيقينن لاٌءِ اها خبر ڏُک ڀري آهي ته پاڪستان نيوزيلينڊ کان سيمي فائنل چيمپيئن ٽرافي وارو پنجن وڪيٽن تان هارائي ويو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جي سائين پاڪستان جي سڀني فينس کي دلي صدمون پهتو ۔ ۔ ۔ ۔
گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته هارائڻ جو سبب پاڪستاني ڪرڪيٽرز جو غرور هو جيڪو ٽئنٽي ٽئنٽي ورڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ ڏينهنون ڏينهن وڌندو پئي ويو ۔ ۔ ۔ ۔
 
Back
Top