[JUSTIFY]صحيحي جواب جو چلينج آهي۔[/JUSTIFY] محترم ميمبرس،اسان جي هڪ دوست چلينج وارا ڪجه سوال اسان کي ڏنا هئا،جنهن جو اسان ان کي ته جواب ڏنو،هاڻي ڏسڻون آهو آهي ته اوهان جو ڇا جواب آهي،مهرباني ڪري هر ڪو پنهنجو جواب ڏئي ۽ ٻين تان ڪاپي نه ڪري،ڪنهن سوال جو به ڪوغلط يا گندو مطلب نه آهي نه ئي وري ان جو ڪو گندو جواب آهي،اهئي سوال ڪجه وقت اڳ ڪميشن جي زباني امتحان ۾ ،اميدوار جي ذهانت(Intelligance quality)پرکڻ لاء به پڇاء ويا هئا۔انهيڪري جنهن ميمبر جي ذهن ۾ جيڪو پهريون جواب آچي،اهو ڏئي۔ سوال:- (1)ڪراچي مان هڪ هوائي جهاز موهن جي دآڙي ايئرپورٽ لا ء آڏمي ٿو ۽ هڪ ڪلاڪ ويهن منٽن ۾ پهچي ٿو۔جڏهن واپس ان ساڳئي رفتار ۽ بلندي سان اچي ٿو ته ڪراچي ايئرپورٽ تي فقط آسي (80) منٽن ۾ پهچي ٿو۔ايئن ڇو ٿيو؟ (2) توهان گهر جو دروازو کولي گهر ۾ اندر داخل ٿيو ٿا،اوهان جي نظر پنهنجي ننگي ڀيڻ جيڪا اڳڻ ۾ بيٺي آهي ان تي پوء ٿي،توهانجو ردعمل ڇا هوندو ۽ ڇو هوندو؟ (3) هڪ همرام وٽ ڇھ جوڙيون اڇي ڪلر جورابن جون ۽ ڇھ ڪاري ڪلر جواربن جون آهن،جيڪي الماري جي هڪ خانه ۾ گڏيل رکيل آهن،رات جي ٽائيم، هو شادي لاء تيار ڪري رهيو آهي ،هڪدم لائيٽ هلي ٿي وڃي،هو اونده ۾ ڪيترا جوراب کڻندو جو ڪنهن به رنگ جي صرف هڪ جوڙي هن کي ملي وڃي؟ (4) هڪ نياڻي کي ان جي والد هڪ تحفو ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن سردي | ٿڌ لڳئي يا محسوس ٿئي ته ان کي باه ڏئي پنهنجو هٿ ۽ جسم سيڪجان۔بک لڳئي ته هن کي کائجان،اڄ لڳئي ته ان کي پيئجان۔هاڻي ٻڌايو ته ان ڇوڪري کي والد ڪهڙو تحفو ڏنو هئو؟ ڏاهن جي جوابن جو شدت سان انتظار۔
جواب: صحيحي جواب جو چلينج آهي۔ منهنجي خيال ۾ جواب ڏکيا ناهن ۔۔۔۔۔۔۔ دوستن کي دعوت آهي ته جلدي جواب موڪلين ان کان اڳ جو ٻروچ پهچي ۽ ميدان خالي ڪري وڃي۔۔۔
جواب: صحيحي جواب جو چلينج آهي۔ ادا سائین سوال دلچسپ آھن سوال نمبر 2 ء 3 سمجھ مین ن آیا باقی بن سوالن جا جواب ھی آھن سوال نمبر 1 جواب 80 منت ء ھک کلاک 20 منت ھکجیترا آھن! سوال نمبر 4 جواب اھو ناریل ڈنو ویوھو
جواب: صحيحي جواب جو چلينج آهي۔ 80 منٽ ۽ ا ڪلاڪ ويهه منٽ ۾ اوترو ئي فرق آهي جيترو ساڍا ٻه ۽ اڍائي ۾۔ جيڪڏنهن اها عمر ۾ سال کن جيتري آهي ته کڻي پيار ڪندس! 7 (4) هڪ نياڻي کي ان جي والد هڪ تحفو ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن سردي | ٿڌ لڳئي يا محسوس ٿئي ته ان کي باه ڏئي پنهنجو هٿ ۽ جسم سيڪجان۔بک لڳئي ته هن کي کائجان،اڄ لڳئي ته ان کي پيئجان۔هاڻي ٻڌايو ته ان ڇوڪري کي والد ڪهڙو تحفو ڏنو هئو؟ ناريل
جواب: صحيحي جواب جو چلينج آهي۔ محترم ميمبرس،هي سوال ايڏا ڏکيا ته نه آهن جو صرف ٽن ميمبرن جواب موڪليا آهن ۽ انهن مان ڪجه صحيحي جواب نه آهن،ادا نثار ابڙو،ادا سليمان وساڻ ،محترم عرس پريو،ادا افتخار چوهاڻ،محترم رحيم بخش ،ُڦلپوٽو فقير،ادا غلي علي ۽ ٻين ڏاهن اڃا تائين جواب ڪونه ڏنا آهن۔ان کانپوء ايڊمين صاحب جي جواب جو به انتظار رهندو۔ڏسون ته ڪير ٿو سڀني سوالن جا صحيحي جواب ڏئي۔مهرباني ڪري انتظار جواب ڏيڻ ۾ تمام گهڻو نه ڪرائيندا۔
جواب: صحيحي جواب جو چلينج آهي۔ سائين انتظار ۾ ئي ته اصل مزو آهي نه مون جي خيال ۾ ته ادا حفيظ لًغاري صاحب جا جواب درست آهن سدائين گڏ
جواب: صحيحي جواب جو چلينج آهي۔ ابا سائين جي اهڙا سوال ڀڃڻ اچن ها ته پرديس ۾ ڌڪا کائون هان، خئير وڏوا استاد ته چئبو رشيد سمون جو پاڻ ائين ڪڍائي ويو جيئن مکڻ مان وارُ ۔۔۔۔ هل ڙي ڏاها رشيد ۔۔۔ باقي مونکي به لغاري صاحب جا جواب دل سان لڳن ٿا ۔۔۔۔ متفق الراءِ ۔۔۔۔ لڳي ٿو سليمان اوطاق تي سڀني کان سوال ڪندو ۽ جيڪي جواب سٺا لڳندس سي ٻڌائيندو ۔۔۔ سياڻو ماڻهون آهي۔ سوالن جا جواب ڏيڻ پاڻ کي ڪڏهن آيا ئي ڪون ۔۔۔ انڪري ته گهر واري هميشه شڪايتون ڪندي آهي ته کيس اڃان تائين ان سوال جو صحي جواب نه مليو اٿس ۔ do u love me
جواب: صحيحي جواب جو چلينج آهي۔ سائين غلام مصطفى لائيٽ وڃڻ واري آهي فقط هڪ يا ٻن سوالن جا جواب لکي سگهبا هڪ ته پنهنجي ڀيڻ جيڪڏهن ننڍي عمر جي ئي آهي ته ان لاء چئبو ته ننڍڙيء کي ڪپڙا پارايو جو ان ۾ تهذيب جو ڪردار سمايل آهي ۔ جورابن جي ڪابه هڪ پيڪنگ کڻندو جو ان ۾ جوڙي ته هڪ رنگ جي ئي پيل هوندي۔ جهاز وارو ٽائيم دوستن صحيح ٻڌايو آهي باقي هڪ اڌ سوال ٻين لاء به بچائجي متان ڪنهن کي دل ۾ ارمان رهجي وڃي ته مان به جواب ڏيان ها پر اڳ ئي سڀ جواب اچي ويا ۔
جواب: صحيحي جواب جو چلينج آهي۔ ان ڏينهن جواب ڏيندي دوستن منع ڪيو هو ته جلدي جواب نه ڏجان ۔۔۔۔۔ ڀلي دوست ڪوشش ڪن ٽن سوالن جا ادا حفيظ صحيح جواب ڏنا آهن ۽ هڪ سوال جو جواب سائين رحيم بخش بلڪل درست ڏنو آهي ۔۔۔۔۔۔ باقي جي ڪا ٻي ٽِرڪَ رکيل آهي ته ٻروچ جو انتظار ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔ تنهنڪري پاڻ انهن دوستن لاء تاڙيون وڄائي رهيا آهيون ۔۔۔
جواب: صحيحي جواب جو چلينج آهي۔ ابا ڙي ماري ڇڏيو جو ڏاهن جي لسٽ ۾ مون موڳي کي به شامل ڪري ڇڏيو اٿو ، سائين ڳجهارتن ۾ پاڻ اصل ۾ ٻڙي آهيون ، ڳڄارتون حل ڪرڻ کي آئون ٽينشن کڻڻ جو متاردف سمجهندو آهيان ، ٻيلي صفا غريب کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿو ، ذهن تي زور لائي لائي اسان جا حال هيڻا ٿي ويا آهن ، جيتوڻيڪ دوستن اهي جواب ڏنا آهن جيڪو صفا پڌرا هئا جئين پهرون سوال ۽ آخري سوال ۽ هنن سان ته هر حال ۾ اسين سهمت آهيون ، باقي ٻئي نمبر سوال ۽ ٽئين نمبر سوال ڪجه مڙهئي ڏکيا لڳا پر ٻئي سوال جو جواب اوهان جي مٿي هدايت ڏين مهل اڳيان آيو ته مسلمان تي پنهنجي ڀيڻ جو ننگ ڏسڻ حرام آهي هن ڪري سڀ کان پهرين ڳالھ جيڪا ذهن ۾ ايندي سا اک بند ڪرڻ هوندي يا وري جيڪر ٻين دوستن جيان اهو به ٿي سگهي ٿو ته ٻارڙي هجي سو پوءِ ته يقينن دوستن جي ڳالھ درست آهي پر دوست اوهان جا سوال ٿورو منجهيل آهن باقي جورابن جو فلسفو پاڻ کي بلڪل سمجه کان ٻاهر آهن سو پاڻ اڳ ۾ ئي هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن ،
جواب: صحيحي جواب جو چلينج آهي۔ ادا ٽين سوال جو جواب اڃا تائين سهي نه آيو آهي۔ادا عبدالحفيظ جو جواب 7 جوراب غلط آهي۔ادا رحيم بخش جو جواب ته جوراب جي هڪ پيڪنگ کڻڻ سان هڪ رنگ جي جورابن جي جوڙي ملندي به صحيحي نه آهي ۔ڇاڪاڻ ته الماري جي خانه ۾ ٻارهن جوربن جون جوڙيون کليل ۽ هڪ ٻئي سان گڏ رکيل آهن۔ اسان کي يقين آهي ته ڏاها جڏهن پنهنجي ذهن تي ڪجه وڌيڪ زور ڏيندا ته ان سوال جو صحيحي جواب به پروڙي وٺندا۔
جواب: صحيحي جواب جو چلينج آهي۔ دوستو مون کان تڪڙ ۾ غلطي ٿي وئي۔ دراصل مون ٽوٽل ڇهه جوڙيون سمجهيون۔ جڏنهن ته اصل ۾ ٽوٽل 12 جوڙيون آهن۔ انهي حساب سان اگر 13 جوراب کڻجن ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ جوڙي صهيح هٿ ۾ ايندي۔ ڇو ته مثال طور هڪ ڪلر (جيئن اڇو) جا ڀلي 12 جوراب اچن ته به جي 13 کڻبا ته هڪ ڪارو ضرور ايندو۔ ۽ ايئن جوڙي ٺهي ويندي۔
جواب: صحيحي جواب جو چلينج آهي۔ نه ادا عبدالحفيظ لغاري نه ،اوهان جو جواب اڃا تائين صحيحي نه آهي۔لفظ صرف هڪ جوڙي ڏي وڌيڪ توجھ ڏيندا ته جواب سمجھ ۾ اچي ويندو۔