
دوستو اسان مارچ جا خواب ئي ڏسندا رهياسين۔۔۔ ۽ هوڏانهن افغانستان وارن خواب ڏسڻ کانسواءِ ئي گوءِ کٽي ورتي۔۔۔

حيرت انگيز ڳالهه اها ئي آهي ته افغانستان ۾ ٿري جي ٽيڪنالاجي ڪنهن ٻي ڪمپني نه پر اتصلات ئي متعارف ڪرائي آهي۔۔۔ جيڪا پاڪستان ۾ هن ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي۔۔۔
دوستن کي خبر هجي الائي نه پر کين ياد ڏيارجي ته پاڪستان جي حڪومت پي ٽي سي ايل جي نجڪاري ڪرڻ وقت اتصلات ڪمپني سان معاهدو ڪيو هو ته ايندڙ ستن سالن يعني 2013 تائين ڪنهن به نئين ٽيڪنالاجي جو لائيسنس ڪنهن ٻي ڪمپني کي نه ڏنو ويندو۔۔ اهو ئي سبب هيو جو پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي تيز رفتار ترقي باوجود ٿري جي ٽيڪنالاجي کي حڪومت ٽاريندي رهي۔۔۔۔ ۽ هاڻي جڏهن بجٽ جو خسارو ڳچي ۾ پيو پوي ته هن ٽيڪنالاجي جي نيلامي ڪئي پئي وڃي۔۔۔
حيرت انگيز ڳالهه اها به آهي ته عوام جي دٻاء باوجود اعلان ڪيل مارچ مهينو به گذري ويو پر پاڪستان ۾ ٿري جي ٽيڪنالاجي جي اڃان تائين نيلامي نه پئي ڪئي وڃي۔۔۔ افسوس ته هن حڪومت جي ڪهڙن ڪهڙن ڪارنامن تي زور ڏئي کلجي ۽ ڪهڙن ڪهڙن ڪارنامن تي زور ڏئي روئجي۔۔