پاڪ و هند جي سڌريل لاڳاپن ۾ وسريل سنڌ ۽ سنڌي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2012۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڇا شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان به نادرا وارا اڄڪلهه جهڙو سلوڪ ڪن ها!
    اڄڪلهه پاڪستان ۽ هندستان جي سڌريل لاڳاپن تي گهڻو زور ميڊيا ۾ ڏنو وڃي ٿو. حقيقت ۾ اهو سٺو ڪم آهي پر ارباب اختيار اهو ڪم ڪيتري حد ۾ ڪري رهيا آهن، ان جي ته خبر ناهي پر بقول منهنجي يار مولڻ موالي جي ته ٻنهي ملڪن جي سڌريل لاڳاپن ۾ ”وسري ويا سنڌ ۽ سنڌي “. مون کائونس پڇيو ته اي مولڻ اهو ڪئين آهي ؟
    مولڻ موالي هوندي به چيو ته پاڪ و هند سڌريل تعلقات معنيٰ ”هند“ جو علم ته ”رام ڄاڻي“ باقي ”پاڪ“ جو پتو اٿم ته پنجاب سان سڌريل واسطا مثال طور تازو چيو ويو ته امر تسر گرڊ اسٽيشن تان لاهور کي بجلي فراهم ڪري سگهجي ٿي، ٽماٽا، پٽاٽا، ڀاڄيون واگها کان اچن، مسافر بس اتان هلي، ريلون اٽاري واگها هلن جهنڊا اتي جهولن باقي پوءِ نالي ۾ پاڪستان ۽ هندستان تعلقات آهن، جيتوڻيڪ هتي سنڌ ۾ سر ڪريڪ، حرامي ڍورو، جاتي، ٺٽو مان روز مڇي ماريندڙ مهاڻان هندستاني فوج کڻي وڃي، جام نگر ۽ ڀڃ ۾ قيد ڪري ٿي ۽ پاڪستان عملدار هندستاني مهاڻا قيد ڪري ملير، لانڍي ۾ رکن ٿا، ڪو عام سنڌي سنڌ جي بارڊر تي کوکرا پار، گهمڻ لاءِ نٿو وڃي سگهي، فقط هڪ مسافر ريل هفتي ۾ ڪراچي کان جوڌ پور هلي ٿي، سنڌ سان ويجهن صوبن راجسٿان ۽ گجرات مان ڪا به سنڌ صوبي کي به سهوليت ڪونهي ته پوءِ ان کي پاڪستان ۽ هندستان تعلقات لکڻ، پڙهڻ ڇا درست آهي ؟ جيتوڻيڪ سنڌ اهو واحد صوبو هو جتان ورهاڱي وقت ڪو به جهيڙو نه ٿيو هو ۽ خون جي هولي ته سکن ۽ پنجابين اوڀر ۽ اولهه پنجاب ۾ کيڏي هئي. جيڪي اڄڪلهه کير ۽ کنڊ ٿي ڪوڏي ڪوڏي راند پيا کيڏن ته بسنت جا مزا به پيا وٺن، باقي ڏوهه رڳو ڪيو ”سنڌ ۽ سنڌين“ اهو ٻڌي مون مولڻ موالي کي ماٺ جي التجا ڪئي.
    ٻوڏ قدرتي آفت آهي، ڪنهن به هنڌ نه اچي، پر گذريل سال درياهه جي ٻوڏ ۽ هن سال برسات جي ٻوڏ تباهي آندي، برسات ته سنڌ پرڳڻي جن جن ضلعن کي متاثر ڪيو. سو ڪيو، ليڪن اصل متاثر ٿيڻ بعد امداد جي نعمت رڳو هڪ ڌرتي ”سياسي“ طور وسڻ لڳي، مون پنهنجي ڊيوٽي دوران ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ اکين سان ڏٺو ته سرڪار جي مهرباني تعلقي جهنڊو مري، چمبڙ ۾ صرف اهو ته برسات شايد رڳو هڪ سياسي ڌر جي ماڻهن جي گهرن مٿان وسڪارو ڪيو آهي، ان کانسواءِ ٽنڊو ڄام جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ به امداد جي رقم ورهائي وئي، جيتوڻيڪ بظاهر ته اتي بارش ڪو به نقصان ڪو نه ڪيو آهي، پوءِ همراهه ڪپڙائي ڦاڙائي رهيا آهن، سو ان منظر کي ڏسي مولڻ موالي به آهي ته عقل جو به ابو آهي، هو چيائين ته جيڪڏهن ان حالت ۾ نادرا يا بئنڪ جي دري تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي هجي ها ته ڇا ان سان به اها پوليس ۽ نادرا وارا اهو سلوڪ ڪن ها، ( ڇا؟ شاهه صاحب سان ان دور جي حڪمرانن سٺو سلوڪ رکيو هو، نه بلڪل نه ٍجڏهن ته ان دور ۾ به شاهه صاحب سان دشمنيون ڪيون ويون ۽ شاهه صاحب کي مختلف تڪليفون ڏنيون ويون، ايتري تائين جو شاهه صاحب کي مارڻ لاء هن کي زهر به ڏنو ويو، شاهه صاحب لاء اهو گهوڙو به موڪليو ويو، جنهن جي استعمال سان شاهه صاحب کي نقصان پهچي هان، اهو صرف ان لاء ته ان دور ۾ به شاهه سچ چوندو هو ۽ ان دور ۾ به شاهه صاحب غلط ريتن رسمن ۽ غلط عمل جي مطالفت ڪئي هئي، جيڪا ڳالهه گهڻن ماڻهن کي نه وڻندي هئي۔۔۔۔ ممتاز علي وگهيو ))))، جيڪو اڄڪلهه جي عوام سان ڪيو پيو وڃي.
    بهرحال ٻوڏ هڪ اهڙي قدرتي تڪليف به آهي ۽ نعمت به آهي، پر فقط فرق اهو آهي ته جيڪي تڪليف ۾ آيا انهن لاءِ برابر مصيبت آهي، باقي جيڪي ٽينٽ سٽي ۾ ويٺا ته اتي ريڙ ها لڳا، روزگار وڌيو، سرڪاري گاڏيون هليون، اين جي اوز پاڻي جي ڪلورينيشن ڪئي. مطلب ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري امداد ماڻڻ جو موقعو مليو، ٻاهران امداد آئي، ڪمبل ۽ مڇر دانيون ورهايون ويون، مون پنهنجن گناهه گار اکين خود ڏٺيون. برسات جو پاڻي سمنڊ ۾ نه ويو ڇو ته ڪڙيا ۽ ڀڏا ته کڻت تي زميندارن کڻي ڇڏيا.
    پاڻي جو اصل گس ۽ نيڪال بند ٿي ويو، مٿان وري جون ايندو، پر تازو جاپان جي ماهر موسميات چيو آهي ته هن سال بارش گهٽ پوندي البته سمنڊ جي ڀر وارن علائقن ۾ مناسب بارش سانوڻ جي هوندي، باقي وچ، اوڀر اولهه، اتي هندستان ۽ پاڪستان ۾ گهٽ ساوڻ وسندو، ڇو ته سمنڊ ۾ لرنيوندو جو اثر سياري جي پڄاڻي تي ختم ٿيندو ته ساوڻ ۾ مينهن گهٽ پوندا، وڌيڪ خبر خدا کي. هوڏانهن وزير تعليم پير مظهرالحق صاحب چيو آهي ته ڳالهيون گهٽ عملي طور ڪم وڌيڪ ڪيا وڃن، سائين برابر سچ فرمايو آهي پر هن آئي بي اي پاس استادن کي في الحال ته خود ڳالهيون ٻڌايون آهن ته کين سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي پڪو ڪيو ويندو، جيتوڻيڪ آخري اجلاس وقت به خبر ناهي ته هو ڪهڙي پراسرار بيماري سبب لنڊن مان اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو ۽ سيڪريٽري تعليم محمد صديق ميمڻ هڪ بل اماڻيو ته اجلاس ختم ٿي ويو، نيٺ استادن ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو، جيڪي فقط آسرن تي هلندڙ هئا. گورنر آرڊيننس ته جاري ڪيو پر ٽن مهينن ۾ کين پڪو ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو هيڏانهن سنڌ يونيورسٽي ۾ بشير چنڙ جي قتل بعد پيدا ٿيل تڪرار گورنر حل ڪرايو ته ٻيهر مداخلت ٿي. خبر ناهي ته سنڌ ۾ حڪومت ڪنهن جي آهي ؟ ٻئي طرف شاگرد ميڙ کڻي ويا، استادن وٽ ته اسان جي تعليم خراب ٿي ٿئي، پر استادن انڪار ڪيو، ماحول بعد ۾ ڪجهه ٺريو ته وري هڪ شاگرد قتل ٿيو، اهو هو قصو اڄ تائين هلي پيو، پڙهائي اڃا به پوري ساري آهي، ماستر پنهنجي سياست، اينجي اوز ۽ ميديا جي ڪمن ڪارين ۾ لڳل آهن ۽ شاگردن جو مالڪ ته مولا آهي.۔۔۔مير اعظم علي ٽالپر، روزانه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو