سائين علي حسن ملاح جو اهو سرهاڻ سوفٽويئر حاصل ڪرڻ جو ڏس پتو ٻڌائيندا جيئن هر سنڌي ان مان فائدو حاصل ڪري سگهي
سائين سافٽويئر بابت فيس بوڪ کان وٺي اخبارن تائين خبرون ته چڱيون عام ٿيون آهن۔۔۔ خوشي به ٿي ته آخر سنڌ جي تعليمي نصاب کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ ڏانهن پهرين وک ته کڄي۔۔ باقي جيتري قدر سافٽويئر هٿ ڪرڻ جو سوال اهي ته حيدرآباد ۾ رکيل سيمينار ۾ ادا علي حسن ملاح اسان جي هڪ دوست محترم شبير ڪنڀار جن کي ٻڌايو ته سافٽويئر مفت ۾ پر سي ڊي ۾ ڊسٽري بيوٽ ڪيو ويندو۔۔۔ ٻين لفظن ۾ ان سافٽويئر کي انٽرنيٽ تي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي لاءِ في الحال نه رکيو ويندو ۔۔۔ ته جيئن ان تي آيل ڪجهه خرچا ڪڍي سگهجن۔۔۔ سو ادا بس ان سافٽويئر جي سي ڊي مارڪيٽ ۾ اجهو سا آئي۔۔۔
سڀني کي سلام
عرض ته مهنهنجي حوالي سان لکيو ويو آهي ته”حيدرآباد ۾ رکيل سيمينار ۾ ادا علي حسن ملاح اسان جي هڪ دوست محترم شبير ڪنڀار جن کي ٻڌايو ته سافٽويئر مفت ۾ پر سي ڊي ۾ ڊسٽري بيوٽ ڪيو ويندو۔۔۔ ٻين لفظن ۾ ان سافٽويئر کي انٽرنيٽ تي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي لاءِ في الحال نه رکيو ويندو ۔۔۔ ته جيئن ان تي آيل ڪجهه خرچا ڪڍي سگهجن“
بلڪل ائين ناهي بلڪه مذڪوره پروگرام ۾ آئون آغا مشتاق ۽ شبير ڪيريو شريڪ ٿياسون علي حسن اسانکي سندس سافٽويئر ڏيکاريو جيڪو اسان به استعمال ڪري ڏٺو بلڪل وڻندڙ ۽ انتهائي وڏي محنت سان تيار ڪيل سافٽويئر ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيم ۽ اهو احساس پڻ ته اسانجي سنڌي ٻولي جي واثي اڃا جاري آهي۔
علي حسن جو چوڻ هو ته هو چاهي ٿو ته انٽرنيٽ توڙي سي ڊي جي صورت ۾ هي سافٽويئر رليز ڪجي ۽ ان لا کيس ڪا رقم گهربل ڪانهي بلڪه هو چاهي ٿو ته جتي انٽرنيٽ جي سهولت ناهي اتي به سافٽويئر موجود ڪجي ته جيئن ان مان هرڪو هڪجيترو لاڀ پرائي سًگهي، رهي ڳالهه ڪم تي آيل اخراجات جي سو بلڪل به ڪافي سيڙپ کانپو هي سافٽويئر تيار ٿيو آهي جنهن ۾ 5000 هزار جي لڳ ڀڳ فائل آهن جنهن مان پورهئي جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو پر ياد رهي ته ان جي باوجود هن مڻيادار مڙس ان لا ڪنهن معاوضي جي طلب ڪانه ڪئي آهي۔
آئون کيس سندس هن خدمت تي تعظيم جو سلام ٿو پيش ڪريان