اڃا صبح ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت آهي تون ڪيڏي گهري ننڊ ۾ آهين ۽ منهنجي ننڊ مونسان گڏ جاڳي رهي آهي مان صفا الجهي پئي آهيان صبح جي روشني ٿيڻ کان پهرين پاڻ کي سلجهائڻ چاهيان ٿي مونکي تنهنجي سڪون سان پيار آ پر! اڄ تنهنجي ننڊ زهر لڳي رهي آ ڇا ڪاڻ هوءَ توکي ڀاڪر ۾ ڀري منهنجي ضبط کي آزمائي رهي آ ۽ مان لڙڪن جو در کڙڪائي رهي آهيان جيڪي تو وانگر گهري ننڊ ۾ آهن...! [/IMG] 1897 اٽيچمينٽ ڏسو
جواب: اڃا صبح ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت آهي۔۔۔! سٽون به سهڻيون، اوهان به سهڻا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تعريف ڪجي ڊزائن جي يا سٽن جي ۔۔۔۔ واهه واهه
جواب: اڃا صبح ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت آهي۔۔۔! اصل صفا ظلم جهڙي حالت آهي ۔۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ۔۔۔ صبا سان جيڪا حالت ٿي آهي، سا هر ڪنهن سان ٿيندي هجي پر ڪو لفظ ڏئي وجهي ۽ ڪو مون جيئان بس تڙپندو رهي ۔۔۔۔ يار آرزو ڇو ٿو اسان کي وقت کان اڳ پوڙهو ڪرين ۔۔۔۔!!! ڪاش پيار پئدا ئي نه ٿئي ها ۽ نه شاعر۔ جڙيو هجين ۔۔۔
جواب: اڃا صبح ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت آهي۔۔۔! سائين پسند ڪرڻ اوهان جون لک مهربانيون....! اوهان دوستن جون همٿ افزايون ئي ته آهن جيڪي ڪجهه خاص شيئر ڪرڻ لاءِ اتساهينديون آهن...! لک مهربانيون...!
جواب: اڃا صبح ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت آهي۔۔۔! ادا آرزو اسلام عليڪم۔جيتري شاعري ۾ الفاظن جو انتخاب خوبصورت آهي ،ايتروئي ڊيزائن تمام سٺي ٿيل آهي۔صباء صاحبه جي هيٺيون بيت تمام وڏي معني وارو آهي،لوڪ جي اٿڻ کان اڳ هو پنهنجي پاڻ کي سلجهائڻ چاهي ٿي تاڪي هن جي ان بدليل ڪفيت کان ڪير واقف نه ٿئي ،۔ مان صفا الجهي پئي آهيان صبح جي روشني ٿيڻ کان پهرين پاڻ کي سلجهائڻ چاهيان ٿي