آرزو
سينيئر رڪن
اڃا صبح ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت آهي
تون ڪيڏي گهري ننڊ ۾ آهين
۽ منهنجي ننڊ مونسان گڏ جاڳي رهي آهي
مان صفا الجهي پئي آهيان
صبح جي روشني ٿيڻ کان پهرين
پاڻ کي سلجهائڻ چاهيان ٿي
مونکي تنهنجي سڪون سان پيار آ
پر! اڄ تنهنجي ننڊ زهر لڳي رهي آ
ڇا ڪاڻ هوءَ توکي ڀاڪر ۾ ڀري
منهنجي ضبط کي
آزمائي رهي آ
۽ مان لڙڪن جو در کڙڪائي رهي آهيان
جيڪي تو وانگر گهري ننڊ ۾ آهن...!
[/IMG]1897 اٽيچمينٽ ڏسو
تون ڪيڏي گهري ننڊ ۾ آهين
۽ منهنجي ننڊ مونسان گڏ جاڳي رهي آهي
مان صفا الجهي پئي آهيان
صبح جي روشني ٿيڻ کان پهرين
پاڻ کي سلجهائڻ چاهيان ٿي
مونکي تنهنجي سڪون سان پيار آ
پر! اڄ تنهنجي ننڊ زهر لڳي رهي آ
ڇا ڪاڻ هوءَ توکي ڀاڪر ۾ ڀري
منهنجي ضبط کي
آزمائي رهي آ
۽ مان لڙڪن جو در کڙڪائي رهي آهيان
جيڪي تو وانگر گهري ننڊ ۾ آهن...!