ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
انسان بيشڪ فطرت الله تي خلق ٿيل آهي ان فطرت تي قائم رهڻ بندگي آهي ۔ فطرت تي قائم رهڻ پنهنجو پاڻ کي تسخير ڪرڻ آهي فطرت تي قيام بندگي جو قائم ڪرڻ آهي ۔ انساني زندگي ٻن شين جي گرد گهمي ٿي يا عادت جي گرد يا فطرت جي گرد ۔ عادت جو تعلق نفسِ عماره سان آهي ۽ فطرت جو تعلق نفسِ لوامه ۽ نفسِ مطمعنه سان آهي قرآن جي 13 سپاري ۾ نفس عماره جي مطلق اقرارِ زُليخا آهي ته هي ته هميشه بُرائي جو حڪم ئي ڏيندو آهي ۔ ۽ سالڪن جي مطابق هن نفسِ عماره جي ستر هزار رحماني و ستر هزار شيطاني جال آهن انتهائي شعور سان هن جي وارن کان بچي سگهجي ٿو جيئن سلطان باهو جو قول آهي جو دم غافل سو دم ڪافر هاڻي آخر ۾ ان کي سمجهن لاءِ حضرت علي عه جو قول پيش ڪري رهيو آهيان ۔
بُري عادت ۽ سُٺن تعلقاتن جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن انهن کي ڇڏيو وڃي۔
( حضرت علي عليه السلام)
ڪجھ ڏينهن غير حاضر رهڻ تان معافي سڄي سنگت کان ۔
وسلام
بُري عادت ۽ سُٺن تعلقاتن جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن انهن کي ڇڏيو وڃي۔
( حضرت علي عليه السلام)
ڪجھ ڏينهن غير حاضر رهڻ تان معافي سڄي سنگت کان ۔
وسلام