زندگي ۾ جيڪو به ڪجهه انوکو هوندو آهي ان ۾ رسڪ ته ضرور هوندي آهي پر ٻين کي ڪجهه حيران ۽ ڪجهه خوش ضرور ڪندو آهي هي به اهڙو ڪم آهي پر هر انسان جي سوچ پنهنجي آهي ڪوبه ڪنهنجي سوچ کي آساني سان نه ٿو بدلائي سگهي ڪڏهن ماڻهو اگرچه في الفور ته لاجواب ٿي خاموش ٿي ويندو آهي ليڪن سامهون واري جي ڳالهه کي تسليم ڪرڻ ۾ ان کي پنهنجي انا جو مسئلو درپيش ايندو آهي ان ڪري هو ان جو ڪونه ڪو ابتو سبتو جواب تلاش ڪرڻ ۾ هوندو آهي ۔ بهرحال فورم تي اها هڪ نئين ڳالهه ضرور آهي ۔ اهڙي ڳالهه هرڪو هٿ ڪري نه ٿو سگهي ليڪن نيٽ جي مهربانين سان گهر ويٺي الائي ڪهڙيون ڪهڙيون حيرت انگيز شيون ڏسڻ لاء ملن ٿيون ۔ عورتون معاشري جو حصو آهن انڪري اهي به ڪنهن ڪنهن مرحلي ۾ مردن کان اڳتي هونديون آهن اهوئي سبب آهي جو حديث ۾ آهي ته جنت ماء جي پيرن هيٺان آهي اها عظمت به اسلام ۾ عورت کي حاصل آهي ۔ اسلام ۾ عورتن جو وڏو مقام آهي الله تعالي کان اها دعا ته اسان جي مائرن ڀينرن کي اسلام جي احڪامن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔