پنهنجي انتهائي قابل ِاحترام بزرگ ، محسن ۽ شفيق و مهربان قبله ميرسائين رح جن کي سندن 25 ورسي تي نهايت احترام سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ دعاگو آهيان ته الله پاڪ سندن مرقد کي پنهنجي رحمتن ۽ برڪتن سان منور رکي ، سندن مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ بلند مقام عطا فرمائي ۽ سندن اولاد کي سدائين سربلند ، شاد و آباد ۽ نيڪ نام رکي هميشه پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي۔( آمين ثم آمين )
جواب: ميرعلي احمدخان ٽالپر جي ياد ۾ مهربانيون سائين سنڌ جي هن سڄاڻ شخصيت بابت هڪ تفصيلي ليک حاضر آهي جيڪو روزانه عبرت تان ورتل آهي۔ الحاج مير علي احمد خان ٽالپر اڪبر درس [JUSTIFY] الحاج مير علي احمد خان ٽالپر 31 آگسٽ 1915ع ۾ ٽنڊو مير محمود ۾ پيدا ٿيو. پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي تعيلم حيدرآباد شهر ۾ ورتائين، سياسي ۽ سماجي زندگي جو آغاز 20 سالن جي عمر ۾ شروع ڪيائون. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، مولوي خير محمد نظاماڻي ۽ فضل احمد غزنوي سان ملي انجمن اهليائي ملت ٺاهيائون. آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جا ميمبر رهيا. ساڳئي سال 1937ع ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيا. پهرين صوبي بهار جي نائب حاڪم اعليٰ جي عهدي تي چونڊيو ويو. تنهن بعد سنڌ ۽ بلوچستان جا حاڪم اعليٰ ٿي رهيا. 1946ع ۾ قوم پرست مسلمانن جي ڪوٺايل هڪ اهم اجلاس جيڪو دهلي ۾ ٿيو ان ۾ شريڪ ٿيا، ساڳئي سال سنڌ اسيمبلي جو رڪن منتخب ٿيو ۽ پاڻ مخالف ڌر ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيائون ۽ سنڌ جي حقن جي لاءِ جدوجهد جاکوڙ ڪندا رهيا. 1953ع ۾ ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ وزير خوراڪ ٿي رهيا. ايوب دور ۾ فاطمه جناح جو کلي ساٿ ڏنائون. هي اهو دور هو جيڪو ايوب آمر خلاف ڪوبه شخص بيهڻ جي لاءِ تيار نه هو پر مير علي احمد خان ٽالپر محترمه فاطمه جناح سان گڏ رهيا ۽ نيٺ ايوب کي مجبور ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايائون. سنڌ جو ماڻهو گواهه آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي خوش آمديد چوڻ وارن ۾ مير صاحب سرفهرست هئا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد ٽنڊي مير محمود ۾ وڌائون ۽ سندن بنگلي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد پيو، جتي جهنڊي ۽ تلوار جي نشان کي حتمي قرار ڏنو ويو. ياد رهي ته جهنڊي جي جوڙجڪ ۾ مير صاحب علي احمد خان ٽالپر جي ننڍي فرزند مير حيدر علي خان ٽالپر جو اهم ڪردار هو. 1970ع جي عام اليڪشن ۾ بدين ضلعي مان قومي اسيمبلي جا ميمبر منتخب ٿيا پر اصولن تي سودي بازي نه ڪندي 1973ع جي آئين تي صحيح نه ڪيائون. جنهن جو مؤقف اهو ڏيندا هئا ته 1973ع جو آئين فرد واحد جي بقا جو آئين آهي. جنهن ۾ نه خودمختياري ۽ نه ئي خوداختياري آهي. هن پاداش ۾ سندن ڀاءُ مير رسول بخش خان ٽالپر کي سنڌ جي گورنري تان استعفيٰ ڏيڻي پئي ۽ محموداڻي مير بعد ۾ صعوبتن جي پاداش ۾ آيا ۽ سندن ٻچن کي جلاوطن ٿيڻو پيو. اهو اعزاز به هنن ٻن ڀائرن کي حاصل آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي منزل تي پڄائي متل ميلي کي خيرباد ڪري آيا. اڄ ته شايد ڪو بي ڊي ميمبر بلديه جي ميمبري به نه ڇڏي پر اهي ٻه مرد مجاهد ڀائر هئا جن گورنري کي ٿڏن تي هڻي پنهنجي گهر موٽيا. الحاج مير علي احمد خان ٽالپر جي خداترسي، سچائي، اصول پسندي کي مد نظر رکندي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جنهن جو سربراهه جنرل ضياءِ الحق هو تنهن پاڻ حيدرآباد جي مير صاحب کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿين جي درخواست ڏني جيڪا مير صاحب سنڌ جي حقن خاطر قبول ڪئي ۽ پاڻ وفاقي وزير دفاع ٿيا، ان دوران سنڌ رجمنيٽ جو قيام عمل ۾ آندائون. هزارين ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائون. جنهن ۾ ڪسٽم، پي آءِ اي، اسٽيل مل، واپڊا، ريلوي،گئس، ڪي آئي ايس سي، پورٽ قاسم، وزارت دفاع، ايجوڪيشن ۽ ٻين متعدد ادارن ۾ اعليٰ ۽ ننڍيون نوڪريون ڏياريائون. 1985ع جي اليڪشن ۾ کٽي نه سگهيا ۽ عوام جو فيصلو دل سان قبول ڪيائون. بين حلقائي احباب ۾ فيض احمد فيض، احمد فراز، ابراهيم منشي ۽ حبيب جالب جهڙا عوامي شاعر ٽنڊو مير محمود ۾ مهينن جا مهينا ترسيل هوندا هئا. پاڻ حافظ قرآن، بي باڪ سياستدان، مفڪر، دانش مند، دانشور ۽ بهترين مقرر هئا ۽ آخرڪار 5 اپريل 1988ع تي هي مرد مجاهد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس موت سان پاڪستان جي وقار کي ڇيهو رسيو، ها قومي بحرانن ۾ هميشه جرئت ۽ بلند بانگ مظاهرو ڪرڻ وارو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. ها پاڻ قومي اثاثو هئا. ها علم ۽ ادب جي محفلن ۾ خال پئجي چڪو. ها هي ملڪ بلند پائي جي پارليامينٽرين کان محروم ٿي چڪو آهي. اڄ سندن اشد ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ته وري ڪي اهڙا مهمير جاڳن جو هن ڌرتي جا ڏک ونڊائڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿين.[/JUSTIFY]