[JUSTIFY]جي ها دوستو! ته هاڻ فيس بوڪ ٽيم ان خيال ۾ رڌل آهي ته لائيڪ (پسند) بٽڻ سان گڏ نا پسنديدگي جي اظهار جي بٽڻ جو به اضافو ڪجي يا نه؟ حالانڪه اها ڳالھ اڃان فائينل نه ٿي سگهي آهي، پر ان تي ٽيم ۾ بحث ضرور ٿي رهيو آهي۔ اڄ ڪلھ روزاني 7۔2 مليار شخص فيس بوڪ تي لائيڪ بٽڻ جو استعمال ڪن ٿا، پر پوئين وقت ۾ اٽڪل 3 ملين ماڻهن ڊسلائيڪ يا هيٽ بٽڻ جي اضافي جي پڻ گُهر ڪئي آهي۔ ته ڏسجي ته ڇا فيس بوڪ ان جو اضافو ڪندي يا نه، جنهن سان فيس بوڪ تي ماڻهن جي ايڪٽوٽي پڻ اڃان به وڌي سگهي ٿي، ڇو ته فيس بوڪ آهي ئي هڪ سوشل نيٽ ورڪ، جنهن ذريعي سماج هڪ ٻئي کي پنهنجي پسند نا پسند متعلق آگاھ ڪري سگهندو اتي سماج کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۾ به آساني ٿيندي۔ يقينن ان بٽڻ جي اضافي سان فيس بوڪ جي مقبوليت ۾ اڃان به اضافو ٿيندو، آءُ پڻ ان اضافي جي حمايت ڪريان ٿو۔ ان سان گڏو گڏ آءُ سنڌ سلامت انتظاميه کي به گذارش ڪندس ته ان جي سنڌ سلامت تي به اضافي جي اسٽڊي ڪئي وڃي۔ [/JUSTIFY]
جواب: ڇا فيس بوڪ تي ڊسلائيڪ dislike يا hate بٽڻ جو اضافو ٿيندو؟ ها يار اها ڳالهه به صحيح آهي ۔۔۔ پر ان سان نوان اختلاف ڪر کڻڻدا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻين وٽ ته الائي پر سنڌي ماڻهن جي سوچ عجيب اٿئي، ڪيئي دوستن کي ايلاز منٿ ڪري ڊسلائيڪ ڪرائي پنهنجو پاڻ کي مٿڀرو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا۔ هاڻي فيسبوڪ وارن جي مرضي ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر مان سنڌ سلامت تي اهڙي ڪنهن اضافي بٽڻ جي ذاتي طور مخالفت ڪندس، باقي اڪثريتي راء جو فيصلو آخري هوندو آهي۔
جواب: ڇا فيس بوڪ تي ڊسلائيڪ dislike يا hate بٽڻ جو اضافو ٿيندو؟ سائين تڪڙ نه ڪريو، سوچي سمجهي فيصلو وٺو، اسان اهو نه ٿا چئون ته اوهان منٽن ۾ جلدي ڪريو، بلڪه ٻين ميمبر دوستن جي راءِ به اچڻ ڏيو، اوهان اسان جا سائين سنڌ سلامت جا اهم پِلَر آهيو، آخر ۾ به پنهنجي راءِ ضرور ڏجو، اصل ۾ اهڙا فيصلا تڪڙ ۾ نه ڪرڻ گهرجن ، بلڪه ان جي سڀني زاوين تي برابر روشني وجهڻ گهرجي، اوهان ڪتاب جو هڪ پاسو پڙهيو، صرف هڪ زاويي جو اظهار ڪيو، مهرباني ڪري ان ڊسلائيڪ جي ٻين زاوين تي به روشني وجهو ها ته خوشي ٿئي ها، ڪا به شي صرف نقصان ده نه هوندي آهي، يقينن ان جون ڪجھ خوبيون به هونديون آهن.