• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنجاب يوٿ ليپٽاپ وڪري تي۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستن کي ياد هوندو ته سنڌ سلامت تي ڪجهه ئي ڏينهن اڳ ٻڌايو ويو هو ته پنجاب ۾ هوشيار شاگردن ۾ ليپٽاپ ورها ويا آهن۔۔

پاڻ کي به افسوس ٿيو هيو ته اهڙا ليپٽاپ سنڌ ۾ نه ورهايا ويا۔۔۔ نه ته پنهنجن سنڌين کي به ملن ها۔۔۔ ۽ اهڙي طرح پاڻ کي به ملي سگهن ها۔۔۔ :redface:
پر هاڻ فڪر ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي جو هاڻي اهي ليپٽاپ OLX سائيٽ تي گهٽ ملهه تي پيا آهن۔۔
توهان به OLX سائيٽ تان آرام سان اهي ليپٽاپ سرچ ڪري سگهو ٿا جو مون کي ڳولا ڪندي هڪ اهڙو پنجابي نظر آيو جيڪو ان ليپٽاپ کي 30000 ۾ وڪڻي رهيو هيو ۽ ڪهڙي خبر ته لاهي گاهي کان پوءِ 27000 تائين به اچي وڃي۔۔۔

youth_thumb1.jpg

هڪ ٻئي اطلاع موجب لاهور جي مشهور ڪمپيوٽر مارڪيٽ حفيظ سينٽر ۾ ته ساڳيو ليپٽاپ هاڻي 20000 روپين ۾ موجود آهي۔۔۔
منهنجو ته اندازو آهي ته ايندڙ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ OLX ۽ اهڙين ٻين سائيٽن ۽ دڪانن تي انهن ليپٽاپن جي وڪڻڻ جو واپار عروج تي هوندو ۔۔۔ ڇو ته ٿورو اندازو ته ڪيو پوري پنجاب ۾ هڪ لک ليپٽاپ ورهايا ويا آهن۔۔۔ ۽ جڏهن اهي سڀ مارڪيٽ جو رخ ڪندا ته ٻيا سڀ پوئتي رهجي ويندا۔۔۔


هائي ڙي پاڪستان۔۔۔
 
جواب: پنجاب يوٿ ليپٽاپ وڪري تي۔۔

ادا هل ته پاڻ به هلون لاهور ويسي به جس ني لاهور نهين ويکيا او جميا ئي نهين هل ڙي سنڌيو اوهان جي قسمت لعنت آهي زرداري جي حڪومت تي جو اهي ليپٽاپ پنجابين کي ڏنا ويا سنڌي ويچارا سدائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: پنجاب يوٿ ليپٽاپ وڪري تي۔۔

ابا اڃان ٿورو ترسو ،،،،

ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن

اسان وري حضرت آصف علي زرداري رحمت الله عليه پڻ لاهور ۾ اڄ ئي 1000 رڪشن ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۔۔۔۔ سو اهي رڪشا به مارڪيٽ ۾ اچڻ وارا آهن ۔۔۔۔ ٿورو ترسو ته سڀ گڏجي لاهور هلنداسون ۔۔۔ لڳي ٿو ته ٻيو ڪو سياستدان لاهور وارن کي شاديون به ڪرائيندو ۔۔۔۔

پو هلبو ته سڀ ڪم گڏ ٿي ويندا ۔۔۔۔ لاهور لاهور اي ۔۔۔
 
جواب: پنجاب يوٿ ليپٽاپ وڪري تي۔۔

لعنت آهي زرداري جي حڪومت تي جو اهي ليپٽاپ پنجابين کي ڏنا ويا
سائين علي منهنجي خيال ۾ اهو ڪم ميان شهباز شريف ڪيو آهي
لڳي ٿو ته ٻيو ڪو سياستدان لاهور وارن کي شاديون به ڪرائيندو
سائين جڏهن وڃو ته ڳالهه ڪجو، متان اڪيلا وڃو
 
جواب: پنجاب يوٿ ليپٽاپ وڪري تي۔۔

ادا هل ته پاڻ به هلون لاهور ويسي به جس ني لاهور نهين ويکيا او جميا ئي نهين هل ڙي سنڌيو اوهان جي قسمت لعنت آهي زرداري جي حڪومت تي جو اهي ليپٽاپ پنجابين کي ڏنا ويا سنڌي ويچارا سدائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

يار علي ڪجهه فورم جو خيال ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔

اڄ اوهان اخلاق کان ڪريل ٻولي استعمال ڪئي آهي، سڀاڻي ڪوبه اسان جي خلاف به اهڙا ئي ڪريل لفظ ڳالهائي ته پوء اسان وٽ دفاع ڪرٍڻ جو ڪو جواز ڪونه هوندو ؟؟؟

خدارا لفظ استعمال ڪرڻ وقت اوهان اهو ضرور خيال رکو ته اوهان سنڌ سلامت جي اهم انتطامي عهديدارن مان آهيو ۽ انتظاميه جي ذميواري ٻين کان به وڌيڪ هوندي آهي۔

اميد ته آئينده اوهان خيال رکندا۔
 
جواب: پنجاب يوٿ ليپٽاپ وڪري تي۔۔

ادا سليمان جي ڳالھ بلڪل صحيح آهي اسان کي اخلاق جي دائري ۾ رهي ڪري پنهنجي جزبات جو اظهار ڪرڻ گهرجي
اسان جي ٻن لفظن جي ڪري ٿي سگهي ٿو اسان جي هن محبت واري سٿ سنڌسلامت جي عزت تي داغ اچي وڄي
منهنجي اها گزارش آهي ته اهڙن لفظن کي دوبارا نه دوهرايو وڄي
 
جواب: پنجاب يوٿ ليپٽاپ وڪري تي۔۔

ابا اڃان ٿورو ترسو ،،،،

ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن

اسان وري حضرت آصف علي زرداري رحمت الله عليه پڻ لاهور ۾ اڄ ئي 1000 رڪشن ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۔۔۔۔ سو اهي رڪشا به مارڪيٽ ۾ اچڻ وارا آهن ۔۔۔۔ ٿورو ترسو ته سڀ گڏجي لاهور هلنداسون ۔۔۔ لڳي ٿو ته ٻيو ڪو سياستدان لاهور وارن کي شاديون به ڪرائيندو ۔۔۔۔

پو هلبو ته سڀ ڪم گڏ ٿي ويندا ۔۔۔۔ لاهور لاهور اي ۔۔۔

سائين اهي رڪشا سنڌ حڪومت جي خرچ تي پنجابي پيپلن کي فراهم ڪيا ويندا۔۔
 
جواب: پنجاب يوٿ ليپٽاپ وڪري تي۔۔

خدارا لفظ استعمال ڪرڻ وقت اوهان اهو ضرور خيال رکو ته اوهان سنڌ سلامت جي اهم انتطامي عهديدارن مان آهيو ۽ انتظاميه جي ذميواري ٻين کان به وڌيڪ هوندي آهي۔

ادا آئون هي هجت جي حيثيت ته نه ٿو رکان پر پوءِ به سليمان صاحب واري درخواست سڀني دوستن لا آهي۔ ڀلي اوهان جا لک اختلاف پر فورم تي اهي لفظ جڳائن نه ٿا!
 
Back
Top