سنڌ سلامت جو سٿ سنڌي ٻوليء جي ناليواري اديب، دانشور، محقق، تاريخدان، شاعر، لوڪ ادب ۽ لطيفيات جي پارکو ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي پهرين ورسيء تي کيس ڀيٽا پيش ڪري ٿو۔
سنڌ ڌرتي جي ڪک مان هزارين اهڙا سپوت ۽ انمول انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مٿان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ناز ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي کي جنهن به پنهنجو ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي ان کي هڪ نه وسرندڙ سڃاڻپ ڏني آهي، انهن شخصيتن مان سنڌ جي مهان شخصيت علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب به هڪ هو، پاڻ هڪ ئي وقت عالم، محقق، تاريخدان ،لغت ۽ لسانيات جا ماهر، شاعر ۽ منتظم رهيا آهن.
سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي اسان جي دوست ممتاز وگهيو صاحب پاران ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي شخصيت تي مضمون پيش ڪيل آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي شخصيت گهڻ پاسائي هئي. پاڻ سنڌي لغت، سنڌي ادب ، سنڌي لوڪ ادب، لطيفيات ۽ لطيف سائين جي رسالي سان گڏ سنڌ جي تاريخ تي پڻ اهم ڪيو آهي. سندس شخصيت جي ڪهڙي پاسي تي ڳالهائجي. سندس زندگي سنڌ جي تاريخ ، ادب ۽ تحقيق لاء ڄڻ ته وقف ٿيل هئي.
اڄ سندس پهرين ورسيء تي ڌڻي در دعاگو آهيون ته رب پاڪ سندن درجا بلند ڪري ... آمين