شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنه 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي [[هاڻوڪي ٽنڊي آدم تعلقي جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌر]، هالا حويلي۾ ڄائو. شاهه عبداللطيف حبيب شاهه جو پٽ، عبدالقدوس شاهه جو پوٽو، جمال شاهه جو پڙپوٽو ۽ جمال شاهه شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ٽيون پٽ هو. شاه تاڃيءَ پيٽي سيد هو. سندس والده ڏيرن فقيرن منجهان هئي. سندن ڳوٺ ڀٽ کان ٿورو ئي پنڌ آهي،اڃان تائين ان ڳوٺ ۾ شاھ جا ڪنڊا نالي ديھ آهي.چون ٿا ته شاه حبيب پنهنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشهور عالم آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو، وائيءَ جو ڳوٺ ڀٽ کان ڇهه ۽ اڏيري لعل کان ٻه ڪوهه پري آهي. چون ٿا ته شاه الف اچاري ب چوڻ کان نابري واري. شاه صاحب امي (اڻ پڙهيل) هو يا نه تنهن بابت جدا جدا عالمن جدا جدا رايا ڏنا آهن. ڪنهن جو چوڻ آهي ته هو هڪ يگانو علم هو. ۽ ڪن صاحبن جو رايو آهي ته مٿس علم لدني نازل ٿيل هو جو ڌڻيءَ طرفان ڪامل ولين کي عطا ٿيندو آهي. شاه صاحب سان اڪثر ٽي ڪتاب ساڻ هوندا هئا: قرآن شريف، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي، شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام.( جڏهن پڙهيل به ڪو نه هو ته اهي ٽي ڪتاب ڇو کڻندو هو ) انهن ڪتابن تي ڪنهن به هنڌ ڪجهه به لکيل ناهي جنهن کي شاه جو دستخط چئجي. مير علي شير قانع ٺٽوي، جيڪو عبداللطيف جو معتقد هو سندس ئي زماني ۾ رهندو هو، سو پنهنجي ڪتاب تحفه الڪرام ۾ لکي ٿو اگرچه عبداللطيف اڻ پڙهيل هو ته به ساري عالم جو علم دل جي لڪيل تختيءَ تي لکيل هو. تحفه ڪرام شاه صاحب جي وفات کان صرف سورنهن سال پوءِ يعني 1786 ۾ لکيل آهي انهي ڪري ڪي علام ان کي هڪ اهم سند سمجهن ٿاحقيقت ۾ عارفن اوليائن جو ذڪر ڪندي مير علي شير قانع وڃي ڪرامتن ۽ معجزن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آهي. سندس دفتر مان ڪو ّخاص تاريخي يا شخصي احوال خير ٿو ملي. سنڌ سلامت جا دوستو شاهه صاحب بابي هون ته هن فورم تي ڪافي مضمون ۽ مقالا ۽ وڊيوز ونڊ ٿيندا رهيا آهن مگر هي ڪجهه وڊيوز آهن جنهن ۾ هڪ عالم دين ۾حترم شفيع محمد کوسو صاحب شاهه جي شاعري ۽ قرآن جي روشني ۾ ڪجهه ڳالهيون سمجهائي ٿو جنهن کي هت ونڊ ڪجي ٿو،
جواب: َقرآن ۽ شاهه جي شاعري ۔۔۔ علامه شفيع محمد کوسو تمام سٺو محترم ممتاز صاحب، جيتوڻيڪ وڊيو اڳ به ٻڌل يا ڏٺل آهن ۽ شايد ڪجهه وڊيوز مون پاڻ واري ڌاڳي ” شاهه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون“ ۾ ونڊ به ڪيون هيون۔ خئير جو ڪم جيترو گهڻو اوترو ڀلو ۔۔۔ اوهانجي ونڊ دل خوش ڪري ڇڏي آهي۔ ٿورا ناهن ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت