محمد عيسى ڀٽو
سينيئر رڪن
ڪالهه بانيء پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀرڻ جو شرف حاصل ٿيو، قائداعظم محمد علي جناح اسان جي آزاد وطن جو باني ۽ قوم جو محسن آهي جنهن پنهنجي علم عقل فهم ۽ ڊگهي جدوجهد جي آڌار تي ملڪ کي آزادي ڏياري قوم تي وڏو احسان ڪيو جنهن کي اڄ اسين پاڪستان چئون ٿا. هڪ بانيءَ جي حيثيت سان ملڪ جو هر ٿيندڙ صدر، وزير اعظم، صوبن جا گورنر، وزير اعليٰ، ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينيٽرس، سول ۽ فوجي سربراهه، وفاقي توڙي صوبائي وزير ۽ مشير وقتن فوقتن بانيء پاڪستان جي مزار تي اچي حاضري ڀري، دعائون گهرندا آهن ۽ ان جي قبر مٿان گلن جون چادرون به چاڙهيندا آهن. پر جڏهن آءُ بانيء پاڪستان جي مزار تي ويس ته مون وٽ نه مٿي ڄاڻايل عهدو هو نه اڳيان پويان گارڊ پر هڪ عام ماڻهو جي حيثيت ۾ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ گهران سهي سمبري ڀاڙي ڪرائي لاءِ ٻٽي روپيه ڪنهن دوست کان اڌار وٺي پنهنجي ذهن ۾ ٻه ڳالهيون ڳڻي بانيء پاڪستان جي مزار تي پهتس. هڪ اهو ته بانيء پاڪستان کي دانهن ڏيڻي هئي ته تنهنجي تشڪيل ڏنل ملڪ جنهن کي اسين آزاد وطن چئون ٿا تنهنجي وفات کان پوءِ اسان سنڌي ماڻهن سان ڪهڙيون نه جٺيو ۽ ويساهه گهاتيون ڪيون ويون آهن ۽ اڃا به اسان خلاف طرحين طرحين جون ويڌنيون ۽ ناانصافيون ڪيون پيون وڃن جن جي انت جي اڃا ڪا به خبر ناهي جڏهن ته بانيء پاڪستان جي مزار تي منهنجي حاضري ڀرڻ جو ٻيو مقصد اهو هو ته بانيء پاڪستان اسان کان الاءِ ڇو رسي ويو آهي جنهن کي پرچائڻ لاءِ ضروري هو ته اتي وڃي ان جي مزار تي حاضري ڀري کيس کي پرچائي وٺان ۽ اهو ٻڌايانس ته آخر 18 ڪروڙ عوام منجهان اسان تنهنجو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي جو تون اسان کان پري پري ٿو رهين ۽ تنهنجي خوبصورت تصوير سان ڇاپيل نوٽ اسان جي جيب طرف اچن ئي نٿا، ڇا صرف ان ڪري ته پاڻ کي حق حلال جي ڪمائي لاءِ موقعو فراهم نٿو ڪيو وڃي؟ هر قسم جي روزگار جا دروازا اسان لاءِ بند آهن، هيروئن، چرس، آفيم يا موت مار هٿيارن جو ڪاروبار پاڻ نٿا ڪري سگهون، ڪنهن کان سپاري وٺي دهشتگردي ۽ خود ڪش حملا به پاڻ نٿا ڪري سگهون ۽ اهو به سوچيون پيا ته اسان ڪڏهن اهڙو ڪڌو عمل به ناهي ڪيو جنهن سان باني پاڪستان جي دل آزاري ٿي هجي جنهن ڪري هو اسان کان خفا ٿي ويو هجي پر مون کي ياد آهي ته جڏهن به اسان وٽ قائداعظم واري تصوير وارو ڪو نوٽ آيو هوندو ته اسان ان کي ڏاڍي پيار ۽ عزت سان سانڍي ۽ سنڀالي رکڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ۽ دل ئي نه چيو هوندو ته ان کي پنهنجي جيب کان الڳ ڪجي پر ڇا ڪجي ملڪ ۾ ايتري ته منهنگائي وڌي وئي آهي جو باني پاڪستان جي تصوير سان چپيل وڏي کان وڏي نوٽ جي به ڪا حيثيت نه رهي آهي ۽ چند منٽن اندر اهو نوٽ ايترو ته تيزي سان سفر ڪري ٿو جنهن کي غريب ماڻهو پهچي نٿو سگهي. پر اي بانيء پاڪستان اسان تو کان اهو سوال ڪرڻ چاهيون ٿا ته نوازشريف، آصف علي زرداري، الطاف حسين، اسفنديار ولي، مولانا فضل رحمان، پنجاب جي چوڌري ڀائرن، سول ۽ فوجي بيوڪريٽ، توڙي ملڪ جي مڙني سرمائيدارن ۽ جاگيردارن وٽ تو ڇا ڏٺو آهي جو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جي عرصي کان تون انهن جي خزانن، ٽجوڙين ۽ جيبن جي زينت بڻجي اتي وڃي ديرو ڄمايو آهي جن وٽ اڳي ئي دولت جا ڍير لڳا پيا هئا. پر تون ته پوري قوم جو باني آهين ته پوءِ تون صرف انهن چند گهراڻن وٽ ڇو؟ جي اها صورتحال آهي ته باقي ٻيو سمورو غريب عوام ڪاڏي وڃي جن وٽ تنهنجي تصوير جي چپيل ڪرنسي واري نوٽ کان سواءِ جيئڻ مشڪل ٿي پيو آهي. پر جيڪڏهن صرف پنهنجي ڳالهه ڪجي ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان بانيء پاڪستان جي تصوير سان چپيل ننڍي وڏي ڪرنسي واري نوٽ جي ڏسڻ لاءِ ترسي رهيا آهيون. هن ملڪ جو به عجيب نظام آهي ته جيڪي غلط ۽ غير قانوني عمل ڪن انهن وٽ دنيا اڻ کٽ گڏ ٿيو وڃي جڏهن ته اسان جهڙن سڌن سادن جي جيب مان خالي دوائن جون پرچيون، ٻن چئين مهينن کان کير واري جا بل، راشن واري جا بل، ٻارڙن جي اسڪول جي رهيل فيس جون پرچيون ۽ ٻن چئين مهينن جا رهيل يوٽلٽي بل جيب مان نڪرندا جيڪي اسان جي جيب جو سدائين لاءِ حصو بڻيل آهن جن مستقل بيماري ڏئي ڇڏي آهي.
بانيء پاڪستان جي مزار تي وڃي ان کي اها به شڪايت ڪيم ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پهرئين دور ۾ سرڪاري نوڪري ملي جنهن مان ٻچن جو پيٽ پالي گذر سفر ڪري سگهبو هو ۽ ٻچن جي تعليم تي به خرچ ڪري سگهبو هو پر 1999ع ۾ ملڪ اندر مارشلا لڳي وئي، هڪ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري آئين معطل ڪيو ويو، ڏاڍ ۽ ڏنڊي جي زور تي 9 سال عوام مٿان حڪمراني ڪئي وئي مون سميت هزارين ملازمن کي برطرف ڪري انهن کان روزگار کسيو ويو ۽ ايتري قدر جو معزز عدالتن جي ججن کي به نه بخشيو ويو ۽ انهن کي به پنهنجين نوڪرين تان هٿ ڌوئڻا پيا پر جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ ٻٽي معيار جو نظام رائج ٿيل آهي تنهن ڪري ججز صاحبان ۽ اسان جهڙن عام ماڻهن ۾ فرق ڪيو ويو، ججز صاحبان جي بحالي لاءِ تحريڪون هلايون ويون ۽ لانگ مارچ ڪري انهن کي بحال ڪرايو ويو پر اسان جهڙن غريب ۽ بي پهچ برطرف ملازمن کي هرطرف کان بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو ويو جن جي حمايت ۾ اڃا تائين نه ڪنهن اسمبلي فلور تان آواز آيو نه ڪنهن جي ڪن تي جونئه سرڪي ڄڻ سياستدانن کي ووٽ صرف ججز صاحبان ڏيندا آهن. موجوده جمهوري سرڪار به جن برطرف ملازمن کي بحال ڪيو ان ۾ به ٻٽو معيار رکي هڪ محدود صدارتي آرڊيننس 2009ع ذريعي چند سئو کي بحال ڪيو جنهن ۾ تاريخ جي ديوار اُڀي ڪئي وئي ته فلاڻي تاريخ تائين جا برطرف ٿيل ملازم بحال ٿي سگهندا باقي مشرف جي مارشلا دوران برطرف ٿيل ملازمن مان ڪنهن به هڪ کي بحال نه ڪيو ويو. مشرف جي مڙني قدمن کي ته غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏئي انهن کي قلعدم ڪيو ويو پر صرف برطرف ملازمن واري مشرفي قدمن کي جائز قرار ڏئي غريب ملازمن سان ظلم ۽ ناانصافي ڪئي وئي، اهو ان ڪري ته ان معاملي ۾ سڀئي غريب ملازم آهن جنهن ۾ نواز شريف، آصف علي زرداري، الطاف حسين، اسفنديار ولي يا چوڌري ڀائرن جا پٽ يا ڀاٽيا، ڀاڻيجا ناهن. جمهوريت بحال ٿي پر الاءِ ڪنهن جي لاءِ، عوام ان آسري تي وڃي ووٽ ڏنا ته سڀحاڻي اسان کي يا اسان جي ٻچن کي عزت ڀريو روزگار ملندو پر عوام پاران ڏنل ووٽ ڄڻ ٻڪري کائي وئي.
خير غريب ۽ بي پهچ ماڻهو جڏهن ڪنهن جو آسرو ناهي سمجهندو ته وڃي عدالت سڳورين جو دروازو کڙڪائيندو آهي، پاڻ به ان تي ئي عمل ڪندي عدالت سڳوري جو دروازو کڙڪايو پر جيئن ته اسان جي ملڪ جو عدالتي نظام به قابل رشڪ ناهي جنهن ۾ ماڻهو جي زندگي ڳري وڃي ٿي پر فيصلو سامهون نٿو اچي پر تنهن هوندي به ملڪ جي مروجه آئين ۽ قانون موجب وڃي عدالت جو در کڙڪايو ۽ 8 سالن تائين ڪيس جو پيڇو ڪيو۽ آخر آڪٽوبر 2009ع تي عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي مون سميت 23 ملازمن کي بحال ڪيو، عدالتي فيصلي جي ڪاپي کڻي ملازم اداري اندر پهتا ته سوين رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون جوائننگ ورتي وئي پر وفاقي وزير جنهن جو تعلق سنڌ جي راڄڌاني ۽ بانيء پاڪستان جي شهر ڪراچي سان آهي جنهن کي حڪومت جي مفاهمتي پاليسي تحت وفاقي وزارت ڏني وئي آهي تنهن اهو اعتراض واريو ته ان بحال ٿيل ملازن ۾ سنڌي ملازمن جو تعداد وڌيڪ آهي ان ڪري مان انهن کي بحال نه ڪندس. اي بانيء پاڪستان هي اهوئي پاڪستان آهي جنهن ۾ اسان به رهون پيا، ڇا سنڌي هجڻ ڏوهه آهي جو پنهنجي ئي ڌرتي تي بيروزگاري جي بٺي ۾ سڙي رهيا آهيون؟ اسان جو صرف ايترو ڏوهه ايترو آهي ته اسان سنڌي آهيون، پر جيڪڏهن اسان ڪنهن سنڌي غريب گهراڻن ۾ پيدا ٿيا آهيان ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو قصور جو اسان جي ٻچن کي به سزا ڏني پئي وڃي پر اي قائداعظم جڏهن تو پاڪستان بنايو پئي ته سنڌ اسمبلي اها واحد اسمبلي هئي جنهن پهريون ئي پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪري اهو ثابت ڪيو ته سنڌي جمهوريت پسند آهن ۽ اها اسمبلي اسان جي ابن ڏاڏن جي ووٽن تي چونڊجي آيل ميمبرن تي مشتمل هئي. اڄ اسان کي قانوني طور حاصل ٿيل روزگار کان ڏاڍ ۽ تعصب جي بنياد تي محروم رکيو پيو وڃي. پرهاڻي ته اسان جي چونڊيل نمائندن کي به ڪراچي شهرمان تڙي ڪڍڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ورهاڱي دوران جن ڀائرن کي اسان پنهنجو ڀاءُ سمجهي هر طرح جي مدد ڪئي سين ۽ سڀ ڪجهه انهن مٿان نڇاور ڪيو سين پر اڄ اهي اسان کان شديد نفرت ڪري رهيا آهن ۽ اهو چئي رهيا آهن ته ڪراچي ڇڏي وڃو نه ته قتل ڪيا ويندئو، حالانڪه دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستان جي وجود کان به اڳ دنيا جي نقشي تي سنڌ آباد هئي، آهي ۽ رهندي جنهن ۾ ڪراچي به شامل آهي.
اي بانيء پاڪستان تنهنجي وفات کان پوءِ تنهنجي ئي بنايل پاڪستان ۾ اسان سنڌي ماڻهن سان جيڪي جٺيون ۽ تعديون ڪيون ويون آهن ۽ اڃا به جاري آهن جن جو انت اڃا خبر ناهي ڪڏهن ٿيندو پر اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ اسان سنڌي سڀ خوشحال ۽ آزاد هئا سين نه اسان جي شهرن ۾ دهشتگردي هئي نه ڀتاخوري پر هاڻي اسان کان ڪراچي خالي ڪرائي اسان جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪائي پئي وڃي. اي بانيء پاڪستان اسان تنهنجي آزاد وطن تي قابض ٿيل انهن قوتن کان سوال ڪريون ٿا ته آخر سنڌي ماڻهن توهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اسان کي گذريل 65 سالن کان رڍون ۽ ٻڪريون سمجهي ڪٺو ۽ ماريو ٿو وڃي ۽ ڇو اسان جي امن پسندي، عدم تشدد ۽ معصوميت مان ناجائز فائدو وٺي اسان کي هڪ سست، ڪمزور ۽ لاچار قوم تصور ڪيو ٿو وڃي. اي بانيء پاڪستان تنهنجي وفات کان پوءِ تنهنجي بنايل ملڪ ۾ اسان جي انهن قائدين کي به نه بخشيو ويو جن سدائين وفاق پاڪستان کي مضبوط کان مضبوط بنائڻ جي اڻ ٿڪ ڪوشش ڪئي ملڪ کي متفقه آئين ڏنو، ائٽمي ۽ ميزائل ٽيڪنالوجي ڏني، اسٽيل مل، پورٽ قاسم، پاڪستان هيوي مڪينيڪل ڪمپليڪس، پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري کان علاوه ٻيا کوڙ سوين ادارا قائم ڪيا جن جي مدد سان هڪ پاسي ملڪ جي پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن کي عزت ڀريو روزگار فراهم ڪيو ته ٻئي پاسي ملڪ کي ناقابل تسخير بنايو. اسين انهن کي به خوب سڃاڻي ورتو آهي جيڪي غير ملڪي ايجنڊا تي عمل ڪري تنهنجي وفاق پاڪستان خلاف سازشون ڪن ٿا ۽ ملڪ جي بنيادن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن پر تنهن هوندي به انهن جو ته ڪير به نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي پر اسان جي قائدين کي ائين چونڊي چونڊي شهيد ڪيو ويو جنهن جو اڃا تائين ڪو به داد فرياد نه پيو ٿئي. اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ سنڌ جي ٻين جمهوريت پسندن اڳواڻن جي قاتلن کي خوب سڃاڻون ٿا پر انهن ۾ هٿ وجهڻ لاءِ ڪٿان به حمايت نٿي ملي، انصاف جا دروازا اسان لاءِ بند آهن، شهيد محترمه بينطير ڀٽو جي ايڏي وڏي قرباني کان پوءِ جمهوري حڪومت وجود آئي جتي پيپلز پارٽي کي اقتدار ته مليو پر اختيار ڪو به ناهي، وزيراعظم جي هوندي به هو تنقيد کان آجو آهي جڏهن ته سڀني جي توپن جا رخ صرف صدر آصف علي زرداري طرف آهن، ان ڪري ته هو هڪ سنڌي آهي جنهن کي ايوان صدر ۾ ويهڻ برداشت نٿو ڪيو وڃي، گذريل چئين سالن کان جهڙي طرح هڪ چونڊيل صدر جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ ان جو ڪٿي به مثال نٿو ملي پر سنڌي قوم اهو سڀ ڪجهه ٻڌي برداشت ڪري رهي آهي ته اهي سموريون گاريون اسان سنڌي قوم کي ڏنيون پيون وڃن جن جو آصف علي زرداري اڳواڻ به آهي ته نمائندو به پر اي بانيء پاڪستان توکي مڃڻ وارا پوءِ به خاموش تماشائي بڻيل آهن.
meb_110@yahoo.com