هو مونکي سڏڪي سڏي پئي (امر سومرو بدين)

'سنڌي شاعري' فورم ۾ مير اشفاق طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2012۔

  1. مير اشفاق

    مير اشفاق
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [JUSTIFY]ديس جي ڌرتي سڏي پئي مان وڃان ٿو او پرين،
    تنهنجي ٻي سرتي سڏي پئي مان وڃان ٿو او پرين.

    *
    مان مڃان ٿو تنهنجي ڪاڪل ۾ اڃان آهي ڪشش،
    ڇڪ ٻي سرسي سڏي پئي مان وڃان ٿو او پرين.

    *
    تو چيو هو ڪانڌ منهن ۾ ڌڪ سيڪيندي سونهان،
    سا دعا تنهنجي سڏي پئي مان وڃان ٿو او پرين.

    *
    مرڪ تنهنجي جا پنجوڙ پير ۾ ڦاسن مگر،
    هو مونکي سڏڪي سڏي پئي مان وڃان ٿو او پرين.

    *
    ها ”امر“ ۾ اوچتو آيو آهي هي انقلاب،
    ڪا صدا مونکي سڏي پئي مان وڃان ٿو او پرين.
    [/JUSTIFY]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هو مونکي سڏڪي سڏي پئي (امر سومرو بدين)

    ادا اشفاق اها ڪنهنجي ڇڪ آهي؟ خدا خير ڪري!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو