هي ڇوڪري افغانستان جي آهي پر هن کي خوبصورت اکين جو the eyes of the world awardمليو آهي ماشاء الله تبارك الله sindhsalamatsaathsal
ڀيڻ ناديه اهي تصويرون ۽ اها خوبصورت اکين واري نياڻي واريون تصويرون افغانستان سان تعلق رکندڙ ڪافي پراڻيون آهن، ڪافي سال اڳ ۾ جاگرافي چينل تي ان اکين واري ڇوڪريءَ جي ڊاڪومينٽري فلم نظر مان گُذري هُئي مُنهنجي خيال ۾ اها ڊاڪومينٽري فلم به گهٽ ۾ گهٽ 10 سال اڳم ۾ ڏٺي هُئم۔ خير ان هوندي خوبصورت اکين واري نياڻيءَ جون تصويرون شيئر ڪرڻ تي توهان جون مهربانيون
سائين نثار اوهان انهن ا'کين ۾ ؓغور سان ڏسو ته اهي ا'کيون و\يون هجڻ سان گڏوگڏ ۡخوبصورت به پڻ آهين پر انهن ۾ ڪششس هجڻ بجاء اداسي نظر اچي رهي آهي ۔ يا وري چوندا آهين ته پسند اپني اپني ياوري مون جهوني جي ڏسڻ جي گلتي آهي ؟؟ ۡخير جو به هجي تمام بهترين شيئرنگ آهي حسن جو قدر ڪرڻ هر محبت ڪندر دل جي لاء لازمي آهي ۔lajwab-sharinglajwab-sharing لاجواب شيئرنگ جي تمام گهڻي مهرباني shal judy hujeen
خوبصورت اکين واري نياڻيءَ جون تصويرون شيئر ڪرڻ تي توهان جس لهڻو اميد ته اڳتي به اهڙيون عجاعبات share ڪندا رهندا۔
سائين نثار ناز جي ڳالهه بلڪل درست آهي ته هي تصوير ڪافي پراڻي آهي ۔۔۔ هن تصوير ڪڍڻ واري فوٽوگرافر کي هن ننڍڙي جي خوبصورت اکين سميت ڦوٽو ڪڍڻ تي کيس نيشنل جاگرافڪ اسپيشل بهترين فوٽو گرافي جو ايوارڊ پڻ ڏنو هيو ۔۔۔۔ پر دوستن کي ياد ڏياريان ته هن فوٽو گرافر 10 يا ان کان مٿي سالن گذارڻ کان پوءِ افغانستان ٻيهر اچي وڏي جستجو کان پوءِ هن ڇوڪري جون ٻيهر تصويرون ڪڍيون هيون ۔۔۔۔ جيڪي وقت ۽ حالات کان پوءِ ڪافي تبديل ٿي ويو۔۔۔۔ ننڍڙي جي تصويرن فوٽوگرافر کي ته امير بڻائي ڇڏيو پر ان ننڍڙي کي عورت جي عمر تائين پهچندي به امير بڻائي نه سگهيون۔۔۔۔۔
جواب: خوبصورت اکيون صاحب تنهنجي صاحبي، عجب ڏٺي سون، پــــــن ٻـــوڙين پاتـال ۾، پهـــــڻ تارين تــــون، جي راضي ٿيـــن تون، ته ميريائي مان لهان۔ ڀيڻ ناديه جو هي ونڊ جيتوڻيڪ نظر مان گذريو هو پر ادي رشيد جون ونڊ ڪيل تصويرون ڏسي، ماضي ۽ حال تي سوچيندي اکين مان ڳوڙها وهي پيا ۔۔۔۔
جواب: خوبصورت اکيون سائين انسان جي لاء انسان جو ماضي ئي ته خوبصورت هوندو آهي باقي حال جي قدر ۽ قيمت ماضي بڻجي وڃڻ کان پوء ئي ٿيندي آهي ۽ مستقبل جي خبر تي مالڪ حقيقي کي ئي هوندي آهي ان ڪري اوهان پهنجي ماضي کي ياد ڪري کٽين ۽ مٺين ڳالهين تي ڳوڙها وهايا ضرور اوهان جو من هلڪو ٿيو هوندو۔ الله پاڪ اوهان کي شل دنيا جي هر غم کان بچائي رکي آمين