مڙس ته ڪو منصور هو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مير اشفاق طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2012۔

  1. مير اشفاق

    مير اشفاق
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بشير خان قريشي جي اوچتي وفات جي خبر سان سڄي سنڌ تي سڪتي طاري ٿي وئي. قوم هڪ دلير ۽ باهمت قومپرست اڳواڻ کان محروم ٿي وئي. وڃڻو ته هر ڪنهن انسان کي آهي جيڪو ٺڪر ٺهيو آهي ان کي آخر هڪ نه هڪ ڏينهن ڀڄي ڀورا ڀورا به ٿيڻو آهي انسان جي پيدائش ۽ موت فطرت جي اصولن ۾ شامل آهي جيڪو انسان هن دنيا ۾ آيو آهي ان انسان کي هڪ نه هڪ ڏينهن هن دنيا مان وڃڻو به آهي. پر ڪي انسان اهڙا هوندا آهن جنن جو وڇوڙو پل پل ۽ گھڙي گهڙي گهاؤ ڏيندڙ هوندو آهي. بشير خان قريشي به اهڙن ئي مانجھي مڙسن مان هڪ هو جيڪي پوري قوم جي لاءِ ڀرجھلا هوندا آهن هي انهن انسانن مان هو جنن پنهنجي ديس جي آزادي جا خواب ڏٺا جنن کي سن واري سيد جي آزادي جي سُتي نصيب ٿي هئي جنهن کان پوءِ کين سر ڪٽائڻ ته منظور هو پر جھڪائڻ انهي جي روايت ۾ شامل نه هو. هن سدائين اصولن جي سياست ڪئي ۽ هر ڏکي وقت ۽ حالتن ۾ سنڌ جي پڪار تي ظلم خلاف للڪار ٿي اٿيو ۽ گرجيو هوندو. ظلم جا سڀ ڏهر هن جي للڪار سان ڏهڪي اٿيا هئا. سنڌ جي آجپي ۽ جياپي جو مسئلو هجي يا ڪالاباغ ڊيم جو وار هجي، پنجاب سامراج جي داداگير سياست هجي يا سنڌين کي پنهنجي ئي ديس ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا منصوبا هجن هي سڀني جي سامهون سينو تاڻي بيٺو رهيو. هو سنڌ ۾ موجوده وقت ۾ سورهيائي ۽ بهادري جي علامت هو ته ڏتڙيل سنڌين جو ڀرجھلو پڻ. تازو ئي هن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ 23 مارچ تي آزادي مارچ ڪري سنڌ وطن جي نعرن جي گونجار ڪئي هئي. هو سنڌ جي صوفياڻي روايتن جو امين هو عدم تشدد جو نظريو هن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هو ۽ وطن خاطر هو هر اول مورچي جو سپاهي هو. سندس جي اوچتي وڇوڙي سان سنڌ جي قوم پرست سياست ۾ اهو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ ٿيو. سائين جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ پيدا ٿيل خال اڄ ڏينهن تائين وري ڪير به ڀري نه سگهيو ۽ بشير خان جي وڇوڙي جو گهاؤ به ڀرجي نه سگهندو. هن پنهنجي پويان صرف خاندان جي چند فردن کي سوگوار نه ڇڏيو آهي پر سموري سنڌي قوم سندس ڏک ۾ سوگوار بڻيل آهي. قومي سوگ مان زندهه قومون حوصلو وٺي انقلاب ڏانهن وکون وڌائينديون آهن. بس اسان سنڌين کي گهرجي ته هنن جي ڏيکاريل انهي واٽ تي هلڻ سکون جنهن واٽ تي هو تادم مرگ هلندو رهيو. سنڌ جي سڀني سپوتن، سورمن ۽ مانجھي مردن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ جو اهو ئي سڀ کان وڌيڪ احترام لائق رستو آهي ته اسان انهن جي ڏنل فڪر کي سانڍي پنهنجي وک اڳتي وڌايون. يقين آهي ته هن جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي لاءِ خواب ڏٺا هئا اهي هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان ماڻيندا.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    محترم مير اشفاق، اڄوڪي هن موت واقعي هيان ڪپي وڌو آهي ۔۔۔ سنڌ جي ويڙهه جو هڪ جنريل وڇڙي ويو آهي ۔۔۔ ۽ اوهانجي تمام سهڻي صلاح آهي

    الله لڳ اي سنڌي قوم جا سچا انسانو! پنهنجو پاڻ کي سڃاڻو، قوم کي سڃاڻو، سنڌ ڌرتي جي سورن کي سڃاڻو ۽ ان طرف سچائي سان هلو ۔۔۔ آ مرڻو هر ماڻهون پر جي قوم لئه مرنداسون ته امر ٿي وينداسون ۽ سنڌ جي تاريخ بدلائي وينداسون ۔۔۔

    اچو ته سڀ سنڌي اهو وچڻ ڪريون ته سنڌ ۾ موجود هر برائي خلاف عملي، قولي ۽ مالي جهاد ڪنداسون ۽ سنڌ کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار وطن جي طور تي دنيا جي نقشي تي چٽينداسون ۔۔۔

    سچائي شرط آهي

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    [​IMG]

    اڄ جي ڪاوش ۾ مرحوم جو آخري بيان!
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    سنڌ بهادر قومپرست اڳواڻ کان محروم ٿي وئي۔۔۔۔۔سنڌ جي بهادر قومپرست اڳواڻ ۽ جسقم چيئرمين بشير قريشي جو مڙهه چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد اباڻي شهر رتيديري ۾ ديدار لاءِ رکيو ويو آهي، جڏهن ته بشير قريشي جي ِمڙهه کي سومهڻي جي نماز کانپوءِ رتوديرو باءِ پاس وٽ ڌرتي ماءُ جي هنج ڪيو ويندو. جسقم چيئرمين گذريل رات سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ دڙي مگسي ۾ جسقم تعلقي سڪرنڊ جي صدر آصف مگسي وٽ پهتو هو، جتي هن ۽ سندس ساٿين گڏجي ماني کاڌي. بشير قريشي ۽ سندس ساٿين پاران ماني کائڻ کانپوءِ هن ٽيليويزن ڏسڻ شروع ڪئي، جنهن دوران کيس تڪليف ٿي، جنهن کانپوءِ مقامي ڊاڪٽر کي گهرايو ويو، جنهن چيو ته بشير قريشي جو بلڊ پريشر خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويو آهي، جنهن کي فوري طور تي سڪرنڊ اسپتال منتقل ڪيو وڃي. جسقم چيئرمين کي سڪرنڊ اسپتال منتقل ڪرڻ وقت ڊيوٽي تي موجود ٻن ڊاڪٽرن، ڊاڪٽر اي بي ڪيريو ۽ ڊاڪٽر نصير ميمڻ سندس طبيعت ڏسي چيو ته سنڌ واسي يتيم ٿي ويا. بشير قريشي ۽ سندس ساٿين جيڪا ماني کاڌي اها هوٽل تان گهرائي وئي هئي. بشير قريشي جو مڙهه هنڱورجا پهتو ته قومي شاهراهه تي پريس ڪلب ڀرسان سندس ايمبولينس کي روڪي شهرين ۽ ڪارڪنن سندس آخري ديدار ڪيو ۽ اوڇنگارون ڏيندا روئيندا رهيا. بشير قريشي جي مڙهه جو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سندس مڙهه کي اباڻي شهر رتيديري آندو ويو، جتي وڏي انگ ۾ موجود ڪارڪن اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا. بشير قريشي جي مڙهه کي غسل بعد خاندان ۽ ڪارڪنن جي ديدار لاءِ رکيو ويو آهي. ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي جسقم جي وائيس چيئرمين نياز ڪالاڻي چيو ته، جسقم چيئرمين بشير قريشي جي مڙهه کي رتيديرو باءِ پاس لڳ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته، بشير قريشي کي رتيديري ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ جو فيصلو سندس خاندان ۽ پارٽي اڳواڻن جي رضامندي کانپوءِ ڪيو ويو. بشير خان قريشي جي جنازي نماز سومهڻي جي نماز کانپوءِ رتيديري ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد مڙهه کي باءِ پاس وٽ ڌرتي جي هنج ۾ ڏنو ويندو۔۔۔۔۔۔۔۔ بشڪريه ڪي ٽي اين نيوز .

    مسٽر بشير خان قريشي جووڻندڙ انٽرويو​


    مسٽر بشير خان قريشي پنهنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز شاگرد سياست کان ڪيو ۽ سال 1978ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪيائين. هو صاحب تنظيم م انتهائي خلوص سان سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ بنا ڪنهن عهدي جي ڪم شروع ڪيو. ٿوري عرصي ۾ قريشي صاحب جي سچائي محنت ۽ عمل کيس جساف جي مرڪزي اڳواڻن جي فهرست ۾ شامل ڪرايو. اهڙي طرح هن سڄي سنڌ جي دور دراز ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪارڪنن ۽ رهنمائن سان رابطه مهم شروع ڪري منجهن حوصلو ۽ همت پيدا ڪئي. جوش، جذبو وڌايو، تنظيم ۾ شامل ورڪرن کي مسٽر بشير خان جي محنت سادگي ۽ نظريي سان محبت گهڻو متاثر ڪيو ۽ جساف وڌيڪ قوت سان ميدان عمل ۾ نروار ٿي. جساف جي هر احتجاج، جلسي، جلوس ۽ جدوجهد ۾ بنا ڪنهن عهدي جي ذميواري نڀائيند بشير خان سرواڻي ڪندي نظر آيو. هر سياسي محاذ تي جنگ جوٽيائين. مقصد خاطر مورچو سنڀاليائين. هن بي لوث شخصيت جي جهاد کيس جساف ۾ هڪ هيرو بڻائي ڇڏيو.کيس 1980ع ۾ ٽنڊي ڄام جساف جو صدر چونڊيو ويو. سال 1982ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي نائب صدر ٿيو. پوءِ سال 1983ع کان 1985ع تائين زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو صدر به رهيو. اهڙيطرح سال 1986ع ۾ جساف سنڌ جو مرڪزي صدر مقرر ٿيو. جتي لڳاتار ٽي دفعا بحيثيت صدر جساف سنڌ سال 1988ع تائين وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪيائين. وري 1990ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي صدر به رهيو. سال 1995ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو قيام عمل ۾ آيو انوقت پاڻ جيل ۾ هيو تنهن هوندي به کيس ڊپٽي ڪنوينر چونڊيو ويو. سال 1996 ۾ قومي محاذ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. جڏهن ته 1998ع کان جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين هئڻ جو اعزاز به حاصل ڪيائين.(ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون ليکڪ عبدالستار ڀٽي ) هت قريشي صاحب جا ڪجهه انٽرويو پڻ ونڊ ڪجن ٿا، جنهن مان سندس شخصيت ۽ سنڌ سان محبت جي خبر پوي ٿي،





    بشير خان صاحب مرحوم جو هڪ ذاتي انٽرويو پڻ هت پيش ڪجي ٿو







    بشير خان صاحب مرحوم جو هڪ سياسي انٽرويو پڻ هت پيش ڪجي ٿو








     
  5. سوجهرو

    سوجهرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جون 2011
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    تڪليف جي مرحلن مان گذرڻ کانپو ئي قومون پنهنجي هڪ خاص سطح تي پهچنديون آهن۔ ڪيئي قومون ته اهڙيون گذريون جن تمام وڏا سانحا ڏٺا۔ سمورا جا سمورا شهر تباهه ٿي ويندا هئا۔ هنن جي جمع ڪيل محنت، ورثو ۽ ايستائين جو تاريخي آثار به مٽجي ويندا هئا۔ سندن سڃاڻپ ئي ڊهي وئي۔ اٿينس شهر کي مڪمل طور تي ساڙيو ويو هئو۔ هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي بمباري ڪئي وئي۔ پر تنهن کانپو هنن قومن پاڻ کي سنڀاليو ۽ پنهنجي محنت ۽ جذبي سان اڳ کان وڌيڪ ترقي ڪيائون۔ جامي چانڊيو جن ان تي ڳالهائيندي چيو هو ته سنڌي قوم پنهنجي تاريخ ۾ ايترا وڏا سانحا نه ڏٺا هئا تنهن ڪري اسان اُن طريقي سان نه سکي سگهياسون۔
    پر هي تاريخ جو ڪو دردناڪ دور گذري رهيو آهي۔ جتي ٻوڏن جي ڪري اڳ ئي اسان جا ڪيترائي شهر تباهه ٿي ويا۔ پر هاڻ ته ليڊرشپ جو خال به پيدا ٿيڻ شروع ٿيو آهي۔ هڪ ليڊر، جنهن ۾ سڀني جون نظرون هيون، هر مسئلي ۾ هر ڪنهن کي سندس انتظار هو ته پاڻ هن مسئلي تي ڇا ٿا چون۔ اڄ جڏهن ان ڳالهه تي سوچجي ٿو ته اُهو ليڊر ئي اسان وٽ نه رهيو آهي ته دل يقين ڪرڻ تي نه ٿو مڃي۔ اسين ڪنهن ڏانهن نهاريون۔ ڪجهه اهڙا واقعا جتي اسان وٽ لفظ باقي نه رهندا آهن۔ بس اُن ڪيفيت کي محسوس ئي ڪري سگهبو آهي۔ هي جيڪو دور گذري رهيو آهي خبر ناهي هن کي ڇا چئجي؟ تڪليفن ڀريو دور يا انقلابي دور؟ ڇو ته هي دور اسان کي هڪ نه ٻئي طريقي سان مضبوط ڪري رهيو آهي۔ اهي تڪليفون اسان کي طاقت ڏئي رهيو آهن۔
    هاڻ شايد اسان کي ڪنهن شي جو ڊپ نه آهي ڇو ته هاڻ اسان وٽ وڃائڻ لا باقي بچيو ئي ڇا آهي؟ پو اسين ڪنهن جو خوف ڪيون؟ ڇو ڊِڄون؟
    هي وقت اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري وڃي رهيو آهي۔ سائين بشير قريشي جن اسان کي هڪ طاقت ڏئي وڃي رهيا آهن۔ هڪ طاقت جنهن سان اسان ايترو ڪجهه ڪري سگهون ٿا جنهن جو اندازو في الحال نه ٿو ڪري سگهجي۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    سنڌي قوم جي پراڻي عادت آهي جڏهن اسان وٽ ليڊر شپ هوندي آهي ته ان جو قدر نه ڪندا آهيون، ان جو ساٿ نه ڏيندا آهيون، ان جا ٻانهن ٻيلي نه ٿيندا آهيون، جڏهن اها ليڊر شپ کسجي ويندي آهي ته پو ها گهوڙا ڪندا آهيون!!!
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    ادا طاهر صاحب توهان چئو ته سچ ٿا، جنهن ۾ ذرو به شڪ ڪونهي، ​
     
  8. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    انا الله وانا اليه رجعون۔

    هڪ بااصول۔ثابت قدم ، سنڌ ۽ سنڌين جي هڏ ڏوکي انسان جي موت تي اسان دل جي گهرائين سان پنهنجي ڏک جو اظهار ٿا ڪيون۔الله پاڪ شل هنن جي لاء هر مسئلي ۾ آسانيون پيدا ڪري ۽ هن جي مغفرت ڪري،هن جي پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي۔
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    سن(ن ع) جسقم چيئرمين بشير قريشي جي تدفين جي حوالي سان سيد ڊاڪٽر ضياءِ الحق جي نگراني ۾ سائين جي ايم سيد جي پيراندي شهيد روپلي چولياڻي جي آخري آرام گاهه جي ڀر ۾ قبر ڪشائي سميت سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا هئا پر بعد ۾ جسقم جي قيادت ۽ بشير قريشي جي وارثن اهڙو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو. سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن مان سوين ڪارڪنن قافلن جي صورت ۾ سن پهتا هئا. جيڪي بعد ۾ رتي ديري روانا ٿي ويا. جڏهن ته بشير خان قريشي جي وڇوڙي تي سائين جي ايم سيد جي وڏي پٽ سيد امير حيدرشاهه سائين جي ايم سيد جي وڏي پٽ سيد امير حيدر شاهه سخت ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته بشير قريشي منهنجو بازو هو.۔۔۔ بشڪريه روزانه عبرت

    شير قريشي 10 آگسٽ 1959ع تي رتوديرو ۾ جنم ورتو


    لاڙڪاڻو: سنڌ جي جوڌي ۽ بهادر پٽ جسقم چيئرمين بشير خان قريشي لاڙڪاڻي ضلعي جي رتوديرو شهر جي موٽڻ پور محلي ۾ غلام مرتضيٰ قريشيءَ جي گهر ۾ 10 آگسٽ 1959 ۾ ٿي، پرائمري ۽ مئٽرڪ جي تعليم پنهنجي شهر ۾ حاصل ڪندڙ شڪارپور مان انٽر پاس ڪرڻ بعد زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ 1976 ۾ داخلا ورتي بعد ۾ اتي هن سائين جي ايم سيد جي فڪر کان متاثر ٿيندي جساف ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن جي الزام ۾ يونيورسٽي انتظاميه کيس هڪ سال لاءِ يونيورسٽيءَ مان ريسٽيگيٽ ڪري ڇڏيو، بعد ۾ کيس ٻيهر پڙهائيءَ جو يونيورسٽيءَ ۾ موقعو ڏنو ويو جيڪو ڌرتيءَ جي مالي وسيلن توڙي سنڌين جي حقن خاطر جدوجهد ڪرڻ سان گڏ تعليم حاصل ڪندي ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين.۽ 1986ع ۾ جيئي سنڌ فيڊريشن جو مرڪزي صدر چونڊجي ويو ۽ 1990ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شامل ٿيو. سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کانپوءِ ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڏسندي 1995ع ۾ جسقم جو بنياد وڌو ۽ 1998ع ۾ سنڌ جي عاشقن سندس محبت جو اظهار ڪندي جسقم جو چيئرمين چونڊيو. بشير خان قريشي جيئي سنڌ جي نعري هڻڻ بعد مختلف الزامن هيٺ 10 سال سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪاٽيو پر سنڌ جي آزادءَ واري نعري تان هٿ نه کنيو. بشير خان قريشيءَ کي ڪراچيءَ ۾ ڪجهه سال اڳ احتجاج دوران آمر دور ۾ جلوس ڪڍڻ تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان لاٺي چارج ڪري ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪيا هئا. اهڙي ريت ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙ جوابدارن کيس قتل ڪرڻ لاءِ خنجر جا وار ڪيا، ان دؤران شڪارپور سان تعلق رکندڙ قيوم منگي شهيد ٿي ويو هيو. اهڙيءَ ريت بشير خان قريشي سنڌ جي پاڻي واري معاملي تي ٻٻرلو وٽ رٿيل ڌرڻي دوران پوليس سندس قافلي تي فائرنگ ڪري نئون ديرو سان تعلق رکندڙ هڪ ڪارڪن کي دادو ۽ موري واري پل وٽ گوليون هڻي شهيد ڪيو هيو پر بشير خان قريشي سنڌ جي آزاديءَ تان هٿ ڪين کنيو ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي گذريل 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري 1940ع واري قرارداد کي رد ڪندي سنڌ جي مالي وسيلن ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيو هيو جنهن کانپوءِ حڪومتي ڌر بشير خان قريشي مٿان هربا هلائڻ ۽ ميڊيا ٽرائل شروع ڪري ڏنو پر ڌرتيءَ جو ڪونڌر پٽ سڀني سختين باوجود به سدائين مرڪندو، جيئي سنڌ جو نعرو بلند رکندو رهيو پر گذريل جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات اڻ مندائت موت سندس ساهه کسي سنڌين کي صدين تائين غم ڏئي ڇڏيو آهي جيڪو ڪڏهن وسرڻ جو ناهي. بشير خان قريشي 3 پٽن، 4 نياڻين ۽ هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏي آهي.۔۔ ٻشڪريه روزانه عبرت
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    ڪي لفظ ڪونهن جو هن شيرِ سنڌ جي موت تي ڪجهه ڳالهائي سگهجي، نه لفظن ۾ ساهه آهي نه ذهن ۾ ڪا سگهه جو سوچي سگهجي ۔۔۔

    لطيف جو آسرو ٿا وٺون۔

    گهــــوٽن ۽ گهــــوڙن، جيئـــــڻ ٿـــــــورا ڏينهنڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا۔
     
  11. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙي سچ پچ جي جهوري وڌو ،۔ هي هڪ بهادر بيباڪ ۽ سنڌ جو سچو سپوت هو۔ بشير قريشِي جو شايد ئي ڪو خال ڀري سگهي
     
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    بشير قريشيءَ جو عوامي آواز کي ڏنل آخري انٽرويو۔۔۔امتياز چانڊيو ​


    سنڌ جو عاشق ۽ سائين جي ايم سيد جو فڪري پوئلڳ بشير خان قريشي نه رڳو سياسي جماعتن کي منظم ۽ متحد ڪرڻ جو قائل هو، پر هو صحافين، اديبن ۽ دانشورن سان مسلسل رابطي ۾ رهيو، ڪراچي ۾ فريڊم مارچ کي منظم ڪرڻ لاءِ هن مختلف اديبن ۽ صحافين سان گڏجاڻيون ڪيون، بشير خان قريشي 23 مارچ واري تاريخي قومي ٻڌي واري ڏينهن کان اڳ 17 مارچ تي ”عوامي آواز“ جي ريجنل آفيس حيدرآباد ۾ پنهنجن ساٿين سان گڏ دورو ڪيو هو، جتي هن ”عوامي آواز“ کي تفصيلي انٽرويو ڏنو هو، انٽرويو ڏيندي بشير خان قريشي چيو هو ته اردو ڳالهائيندڙن جو مستقبل سنڌ ۾ آهي، اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن، کين آجپي واري جدوجهد ۾ ڌرتي ڌڻين جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، ملڪ جي نالي ۾ سنڌ کي پنجاب جو غلام بنائي سنڌ جي سياست، درياهه ۽ وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي، 23 مارچ تي لکين ماڻهو ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ ڌرتي جي مالڪي جو ثبوت ڏيندا، ائين ئي ٿيو هو، بشير خان قريشي جي سڏ تي لکين ماڻهن جو سمنڊ ڪراچي ۾ اٿلي پيو هو، بشير خان کان جڏهن سوال ڪيو ويو هو ته اوهان سنڌ جو ڪيس عالمي فورم تي ڪيتري حد تائين رکيو آهي، جنهن جي جواب ۾ بشير خان قريشي چيو هو ته بلوچن جيان سنڌ جو قومي ڪيس به عالمي فورمن تي رکيو ويو آهي، جنهن کي ڀرپور موٽ ملي آهي. هن سنڌ ۾ هٿياربند جدوجهد جي حوالي سان چيو هو ته اسان سدائين عدم تشدد واري سياست ڪئي آهي، اسين تشدد نه پر سنڌي قوم جي طاقت ذريعي ئي تبديلي آڻينداسين، سنڌ هزارين سالن کان صوفين جي ڌرتي رهي آهي، سنڌين کي گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪي کين هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، دنيا اسان جي عدم تشدد واري آواز کي نظرانداز ڪندي رهي آهي، پر هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو آواز دنيا کي ٻڌڻو پوندو، اسان هزارين سالن جي حيثيت رکندڙ وطن جا مالڪ آهيون ۽ اسين هن ملڪ ۾ آزاد ۽ خودمختياري واري معاهدي تحت شامل ٿيا هئاسين، پر 65 سالن ۾ سنڌ کي ڪالوني بنائي سمورن معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، اسين هٿياربند جدوجهد بجاءِ پرامن سياسي جدوجهد ذريعي سنڌ جو آجپو حاصل ڪنداسين. ڪراچي ۾ تن ڏينهن ۾ حالتون خراب هيون ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي ماڻهو ماريا پئي ويا، جڏهن ته بشير خان قريشي کان هي سوال ڪيو ويو ته اهڙين خراب حالتن ۾ سنڌ جا ماڻهو فريڊم مارچ ۾ اچي سگهندا، جنهن تي هن اتي موجود پنهنجن ساٿين ڏانهن نهاريندي وڏي حوصلي سان هي چيو هو ته سنڌي ماڻهو هاڻ سور سهي سهي ڪندن بڻجي ويا آهن، تنهن ڪري هاڻ سنڌي ماڻهن مان خوف ختم ٿي ويو آهي، هٿ سان ڪراچي جون حالتون ڪيتريون به خراب ڪيون وڃن، پر آجپي واري مارچ کي تاريخي موٽ ملندي ۽ لکين ماڻهو ڪراچي ۾ گڏ ٿيندا، جنهن ڏينهن ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿيا هئا ته ڪن ڌرين خوف ڦهلائڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي هئي ۽ ڌرتي ڌڻين جو اميج خراب ڪرڻ لاءِ شهر ۾ ڪن شهرين مٿان تشدد ڪرڻ وارو بهتان به قومي ڪارڪنن مٿان لڳو هو، پر اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته هوائي فائرنگ وقت ڪو به قومي ڪارڪن مارچ مان خوف وچان ڀڄي نه نڪتو هو، هو اٽل هئا ۽ وطن جا محافظ بنجي اڳتي وڌي رهيا هئا، جن تشدد ڪيو پئي، تن کي ته قومي ڪارڪنن پڪڙي پوليس حوالي به ڪيو هو ته جيئن سنڌين جي مهذب ۽ پرامن هجڻ جو ثبوت ڏئي سگهجي. ياد آهي 17 مارچ جو اهو ڏينهن جڏهن بشير خان سنڌ جي درياهه ۽ وسيلن تي قبضي واري ڳالهه ڪئي هئي، هن سنڌ جو ڪيس رکندي چيو هو ته سنڌ جي درياهه ۽ سياست سميت هر شئي تي قبضو ٿي ويو آهي، سنڌ مٿان جنگ مڙهي وئي آهي، پر ان جي باوجود سنڌ جو ماڻهو ڪنهن به شئي کان نه گهٻرائيندو ۽ 23 مارچ تي ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿي ڌرتي جي وارثي جو ثبوت ڏيندا. اردو ڳالهائيندڙن بابت جسقم جي سدائين واضح پاليسي رهي آهي، جسقم جي ان پاليسيءَ ۽ انهن اردو ڳالهائيندڙن جيڪي سنڌ کي پنهنجي امڙ سمجهن ٿا، تن بابت بشير خان جو خيال هو ته اردو ڳالهائيندڙن کي ڌرتي ڌڻين سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ سندن مفاد به انهيءَ ۾ آهي، اردو ڳالهائيندڙن بابت بشير خان کان جڏهن سوال ڪيو ويو هو ته هن واضح ڳالهه ڪئي هئي، بشير خان چيو هو ته اردو ڳالهائيندڙن جو مستقبل سنڌ ۾ آهي، اردو ڳالهائيندڙ سنڌين سان گڏ نه بيهي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيا آهن، جيڪڏهن اردو ڳالهائيندڙ سنڌ وطن کان انڪار ڪندا ته سنڌ کين جاءِ نه ڏيندي، سنڌ هڪ اٽل حقيقت آهي، دنيا جي ڪا به طاقت ان کان انڪار نٿي ڪري سگهي. بلوچن جي جدوجهد جي سياسي حمايت ڪندي بشير خان چيو هو ته بلوچن جي جدوجهد جو طريقيڪار پنهنجو آهي ۽ سنڌ سياسي حوالي سان وڌيڪ سگهاري آهي، اسين بلوچن جي حمايت ڪريون ٿا، پر سنڌ صوفين جي سرزمين آهي ۽ اسين فڪر جي ايم سيد جي پوئلڳي ڪندي، سنڌ کي آجپو ڏيارينداسين، سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ سياسي جدوجهد بابت دنيا باخبر آهي، سنڌ جي سوڀ يقيني آهي. بشير خان قريشي ڪڏهن به پارلياماني سياست نه ڪئي، سياسي طور تي ڀلي سندس ان سوچ سان اتفاق نه ڪيو وڃي، پر هو ڳالهيون منجهائي ۽ لڪائي نه ڪندو هو. سنڌ ۾ مذهب جي نالي ۾ ڌرتي ڌڻين سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، بشير خان کان جڏهن رنڪل واري معاملي تي تاثرات ورتا ويا هئا ته بشير خان جواب ڏيندي چيو هو ته رنڪل جي مائٽن جو چوڻ آهي ته رنڪل کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري سندس مذهب تبديل ڪرايو ويو، ڪنهن به فرد جو بندوق جي زور تي مذهب تبديل نٿو ڪرائي سگهجي، سرڪار کي اهڙي روش بند ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سنڌ جا هندو اقليتي نه پر هزارين سالن کان سنڌ جا مالڪ ۽ ڌرتيءَ ڌڻي رهيا آهن، اهي اسان جا ڀائر آهن، کين تڪليف پهچائڻ انتهائي ڏکوئيندڙ عمل آهي، هٿيارن جي زور تي سنڌي هندن جي عورتن ۽ ٻارن کي اغوا ڪري کين مختلف طريقن سان تنگ ڪيو پيو وڃي، چڪ واقعي ۾ قتل ٿي ويلن جي وارثن تي دٻاءُ وجهي کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي، هڪ سازش تحت هندن کي سنڌ مان لڏائڻ جي ڪوشش پئي وڃي، پر اسين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جا هندو اڪيلا ناهن، حيدرآباد ريجنل آفيس ۾ به بشير خان قريشي سان آصف بالادي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آڪاش ملاح، فقير امداد منگي، ساگر حنيف بڙدي، حبيب ڀٽو، ڪيهر انصاري، سرفراز ميمڻ ۽ صفدر تنيو پڻ گڏ هئا، اڄ سندن اکيون آليون آهن، بشير خان سنڌ سميت جسقم جي ڪارڪنن کي اکين ۾ لڙڪ ڏئي ويو آهي، پر سنڌ پنهنجي عاشق کي وساري نه سگهندي.

     
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    سي اين بي سي پاڪستان ۾ سائين جي ايم سيد جو فڪري پوئلڳ بشير خان قريشي ، مراد علي شاهه پيپلز پارٽي ميمبر، ۽ مجاهد بريلوي مشهور صحافي تبصرانگار صاحب جي هڪ سنڌ ۽ سنڌي قوم پرستي بابت هڪ گفتگو پڻ هت پيش ڪجي ٿي،


     
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    سنڌ رئندي نه آهي، سنڌ رئڻي نه آهي، سنڌ دنيا جي بهادر ترين ڌرتي آهي جنهن صدين کان سوين ۽ هزارين صدما برداشت ڪيا آهن، پر نه هن رنو نه رڙ ڪئي، پر سنڌ ماءُ به ته آهي، هن جي دل ماءُ جي دل آهي، ڪڏهن ڪڏهن اهڙا واقعا ٿيندا آهن جو ڌرتيون ڌٻنديون آهن ۽ پهاڙ به ڦاٽي پوندا آهن. سنڌ ته وري به ڌرتي ماءُ آهي. ڪي اڌما برداشت نه ڪري سگهندي آهي ۽ روئي وجهندي آهي. ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن سندس ڪونڌر پٽ دودي کي ڪٺو ويو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن کيس ٽالپرن، پليٽ تي رکي انگريزن جي حوالي ڪيو هو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن سندس پٽ هوشو انگريزن جي گولين جو کاڄ ٿي ويو هو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن هيمون ۽ روپلي ڪولهيءَ جا ڪنڌ ڪپيا ويا هئا” ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن سندس بهادر پٽ مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو هو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن سندس قابل فخر بهادر سپوت ذوالفقار علي ڀٽي کي پنجابي جنرلن پنجابي ججن جي فتوا جي روشني ۾ ڦاسي چاڙهيو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن سندس شينهن جهڙي بهادر ڌيءُ بينظير ڀٽو کي پنجاب جي ڌرتيءَ تي هڪ جلسي کي خطاب ڪرڻ دوران موت کي مخاطب ٿيندي گولين ۽ بم جو نشانو بڻايو ويو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هوندو جڏهن سندس هڪ بهادر پٽ ”عوامي جرنيل“ فاضل راهوءَ کي قتل ڪيو ويو هو؟ ڇا سنڌ ان وقت نه رنو هو جڏهن سندس هڪ ٻئي اصول پرست پٽ نظير عباسيءَ کي پاڪستان جي ايجنسين جي جاسوس ڪتن چيري ڦاڙي قتل ڪيو هو؟ ها، سنڌ انهن مڙني معاملن تي رنو هو ۽ سنڌ اڄ وري روئي رهي آهي سندس بهادر، سچار ۽ موڀي پٽ بشير خان قريشي سندس هٿن مان ان وقت اڏامي ويو جڏهن هو پنهنجي سنڌ امڙ سان تاريخ ۾ ٿيل مڙني زيادتين جو پلاند ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هو.
    مون بشير قريشيءَ کي پهروين ڀيرو ان وقت ڏٺو جڏهن حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ان وقت جي ميئر آفتاب شيخ تي حملو ٿيڻ کانپوءِ سڄي حيدرآباد شهر ۾ وڳوڙ هو ۽ حيدرآباد جا سنڌي هيسيل هئا، ان دوران اهي اطلاع آيا ته سائين جي ايم سيد سن کان ڪراچي ويندي ڪجهه وقت لاءِ حيدرآباد شهر ۾ رئيس عبدالحميد خان جتوئي جي بنگلي تي ساهي پٽڻ لاءِ رڪيو آهي. آئون حيدرآباد ۾ هوس، اهو اطلاع ملڻ تي اسين سڀ صحافي ڊوڙندا لطيف آباد ۾ عبدالحميد جتوئي جي بنگلي تي پهتاسين، بنگلي ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏ هڪ قدآور جانٺو جوان ويٺل هو. ماڻهن انڪشاف ڪيو ته اهو بشير خان قريشي آهي. مون بشير خان قريشيءَ کي چتائي ڏٺو. هو خاموش هو، ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هو. منجهس ڪابه وڏائي ته نظر نه آئي، پر منجهس ڪجهه ته هو. هر هڪ جون اکيون منجهس کتل هيون. مون جڏهن چتائي سندس اکين ۾ ڏٺو ته سچ پچ مونکي بشير خان قريشي جي اکين ۾ سنڌ نظر آئي ۽ ڪو اهڙو عزم نظر آيو جنهن جو ڪو مٽ نه هجي. مون ان وقت پنهنجن ڪجهه ساٿي صحافين سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته يار مونکي ته هن جي اکين ۾ سنڌ نظر پئي اچي ۽ مونکي ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هيءُ سنڌ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪجهه ڪري ڏيکاريندو. بعد ۾ جڏهن تازو گلشن حديد ۾ بشير خان قريشي جي دعوت تي سندس گهر تي ملاقات ٿي جنهن ۾ مونکان سواءِ منهنجي دوست نصير ميمڻ کي به مدعو ڪيو ويو هو ۽ اسان کانسواءِ ان دعوت ۾ ٻين سان گڏ منهنجو دوست همسفر گاڏهي، حميد سبزئي، آصف بالادي، ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ ۽ الاهي بخش بڪڪ به گڏ هئا. مون هڪ ڀيرو وري ويجهڙائي کان بشير خان قريشي جي اکين ۾ چتائي ڏٺو ۽ مونکي وري به سندس اکين ۾ فقط سنڌ نظر آئي پر هن ڀيري مونکي سندس اکين ۾ ڪجهه عجيب اڻ تڻ ۽ هورا کورا به نظر آئي، آئون نه رهي سگهيس ۽ آئون پنهنجن انهن مڙني دوستن سان پنهنجي اها سرچ ۽ احساس شيئر ڪرڻ لڳس ته کيس بشير خان قريشي جي اکين ۾ خبر نه آهي ڇو سنڌ نظر ٿي اچي. ان وقت آئون پنهنجي ان اندازي جو به اظهار ڪرڻ بغير نه رهي سگهيس ته مونکي بشير قريشي مان خبر نه آهي ڇو اها توقع آهي ته سنڌ جي جنگ جي قيادت هو ڪندو.ان کان به اڳ جڏهن ڪراچي ۾ گهر شماري ٿي رهي هئي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ نه رهيو هو ته ڪراچي جي گهر شماري اسان جي ”مهربانن“ طرفان هائيجيڪ ڪئي پئي وڃي. ان پسمنظر ۾ ڊفينس ۾ هڪ بنگلي تي ڪجهه قوم پرست رهنمائن جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سائين جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، حاجي شفيع ڄاموٽ، عبدالحڪيم بلوچ کانسواءِ ان ۾ بشير خان قريشي به شرڪت ڪئي، ان گڏجاڻيءَ ۾ اسان ڪجهه صحافين کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ مون مڙني رهنمائن اڳيان الڳ الڳ هڪ تجويز رکي. پر هنن ان تجويز کي اهميت نه ڏني جڏهن مون اها تجويز بشير خان قريشي اڳيان رکي ته هن نه فقط ان سان اتفاق ڪيو پر خود ذميواري کنئي ته هو سنڌي ميڊيا کي گڏ ڪري هنن کي گهر شماري هائيجيڪ ٿيڻ بابت آگاهي ڏيندو ۽ هنن کي تيار ڪندو ته هو اهو اشو کڻن، ٻن ڏينهن کانپوءِ بشير خان قريشي ائين ڪري ڏيکاريو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سنڌ جي مڙني قوم پرست ڌرين طرفان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو، هن ڀيري هڙتال باقي سنڌ کانسواءِ سڄي ڪراچي ۾ به ٿي. ان هڙتال ۾ سچي ڳالهه اها آهي ته سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو ڪردار بشير خان قريشي جي جسقم ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي بهادر عورت ڪارڪنن جو هو . هنن جس لهڻي. ان هڙتال جو اهم پهلو اهو هو ته هن ڀيري هڙتال جو سڏ ڏيندڙن گاڏيون نه ساڙيون، نه مارا ماري ڪئي ۽ نه شهر جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ڪري دڪان ۽ ٽرئفڪ بند ڪرائي. حقيقت اها آهي ته اها هڙتال ڪراچي جي دڪاندارن ۽ ٽرانسپورٽون سنڌي قوم پرستن جي سڏ تي رضاڪاراڻه طور ڪئي، اهو ڪراچيءَ جي تاريخ جو هڪ مثالي واقعو هو.بشير خان قريشي عجيب شخص هو، هو لٻاڙي نه هو ۽ نه ئي ٻٽاڪي هو. هو شوشاءُ به نه ڪندو هو. ۽ نه ئي ڪا کوکلي لفاظي ڪندو هو، آئون ته ڪجهه دوستن کي ايئن به چوندو هوس ته مونکي بشير خان قريشي سنڌ جي جنگ وڙهندڙ هڪ اهڙو روبوٽ محسوس ٿئي ٿو جنهن کي سنڌ رموٽ ڪنٽرول تي هلائي رهي آهي. هو سنڌ جو سچو سپاهي آهي. مونکي محسوس ٿيندو هو ته هو ڪنهن نه ڪنهن وقت سنڌ امڙ جي حڪم تي نه فقط سنڌي قوم کي، نه فقط پنهنجي ”مهربانن“ کي پر شايد سڄي دنيا کي هڪ وڏو Surprise ڏيندو.هڪ Surprise ته يقينن اهو هو جو هن 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي هڪ وڏي ريلي منعقد ڪئي ۽ ٻيو وڏو سرپرائيز ان ريلي ۾ سندس ڪيل تقرير هئي جيڪا انتهائي سائنسي بنيادن تي تيار ڪيل ٿي ڏٺي ۽ خاص طور ان تقرير ۾ هن جنهن حڪمت عملي جو اعلان ڪيو اهو اڃا به وڏو Surprise هو، انهيءَ تقرير ۾ بشير خان قريشي 1940ع جي ٺهراءَ کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته هاڻ سنڌ پنهنجي ”آجپي جي جدوجهد شروع ڪندي. آئون ان تقرير ۽ ان تقرير ذريعي اعلان ڪيل حڪمت عملي کان ايترو متاثر “ٿيس جو مون ان ريلي، ان تقرير ۽ ان حڪمت عملي تي ڪالم لکيو. حالانڪ آئون ڪنهن به سياسي ڌر جي تعريف ڪرڻ جي لحاظ کان ڏاڍو محتاط هوندو آهيان. اهو ڪالم لکڻ کانپوءِ خود آئون به ڪنهن ڪنهن وقت پنهنجي پاڻ تي تنقيد ڪندو رهيس ته منهنجو اهو ڪالم ايترو Out of proportion ڇو هو؟ پر شايد مونکا به اهو ڪالم سنڌ جي شڪتي لکرايو.سڄي ڳالهه اها آهي ته ان کانپوءِ به بشير خان قريشي طرفان Surprise ڏيڻ جو سلسلو بند نه ٿيو، پتو پيو ته بشير خان قريشي ۽ سندس پارٽيءَ ساڻس جي ايم سيد جي مڙني حمايتي مڙني گروپن کي گڏ ڪرڻ جي Move شروع ڪئي هئي. اطلاعن مطابق هن بيري انهيءَ Move جو رد عمل منفي نه هو. انهيءَ صورتحال ۾ اوچتو بشير خان قريشي اسان کان ڌار ٿي ويو آهي، ڪٿان ايئن ته نه هو ته سنڌ جو هي محب وطن ڌرتي ماءُ جي چوڻ تي ان ڪري الڳ ٿي ويو آهي ته متان سندس قيادت جي ڪري ڪي گروپ گڏ ٿيڻ کان ڪيٻائيندا هجن.اڄ بشير خان قريشي اسان وٽ نه آهي. ان مرحلي تي نه فقط بشير خان قريشي جي پارٽي پر مڙني قوم پرست گروپن جو فرض آهي ته ڪوڙي انا کي ترڪ ڪري گڏ ٿين ۽ منجهائن هڪ اهڙي قيادت اڀارين جيڪا بشير خان قريشي وانگر بهادر سچار، نه وڪامندڙ ۽ پرعزم هجي، اها قيادت نه لٻاڙي هجي ۽ نه ٻٽاڪي هجي. اها قيادت اڳتي وڌي سموري قوم پرست سياست مان هر قسم جا اوگڻ جهڙو ڀتو، ڪميشن ۽ ايجنسين جو پڇ لٽڪائو ٿيڻ وارين بدعتن کي پٽي اڇلائي سڄي سنڌي قوم کي گڏ ڪري سنڌ جي عظمت ايڪي ۽ حقيقي بالادستي ڪاڻ سڄي سنڌ سان گڏجي مارچ ڪري.ظاهري طور تي هڪ اهڙي وقت جڏهن مختلف ڪارڻن ڪري سڄي سنڌ اڳيئي مايوسي جي چادر ۾ لپيٽل آهي ان وقت بشير خان قريشي جو اسان کان ائين ڌار ٿيڻ سبب مايوسي انتهاي گهري ٿي سگهي ٿي. پر زندهه قومون ان کان به وڏن چئلينجن کي قبول ڪنديون آهن ۽ پنهنجي وجود جي جنگ کٽي ڏيکارينديون آهن. ڇا سنڌ جو موجوده نسل ۽ سنڌ جي موجوده قوم پرست قيادت سنڌ کي مايوس ڪندي ۽ تاريخ ۾ پنهنجو پاڻ کي چنيسرن جي سٿ ۾ شامل ڪندي. ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هن وقت نه فقط سنڌ، سيد، پر بشير خان قريشي به چتائي ڏسي رهيو آهي ته اهو ڪير جوڌو آهي جيڪو سڀئي صفون ڇيري ٻاهر نڪري ٿو ۽ سنڌ جو جهنڊو اڀو ڪري سنڌ جي قيادت ڪري ٿو.۔۔۔جي اين مغل ۔ عوامي آواز
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مڙس ته ڪو منصور هو

    ادا طاهر ۽ ادا ممتاز اوهان جون ڳالهيون اکين تي

    بشير قريشي صاحب سان سياسي يا پاليسي اختلاف ته هئا پر ذاتي ۽ شخصي نه ۔۔۔۔۔۔۔۔ اڪثر منهنجا ڪمينٽس به سنڌ سلامت تي قومپرست ڌرين جي مخالفت ۾ هوندا آهن۔ ان جو سبب سڀني جو ڇڙوڇڙ هجڻ ۽ الڳ الڳ پارٽيون ٺاهڻ آهي۔ پر ذاتي طور مان به سندس جدوجهد کي اڳ به سلام ڪندو هوس ۽ هاڻي به ڪندو رهندس ، خاص ڪري سندس بهادري، ماڻهن کي گڏ ڪرڻ، سندس ملنسار طبيعت ۽ سنڌ جي مسئلي تي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ۔

    شايد 1998 ۾ هو خيرپور ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف هڪ ريلي ڪڍي رهيو هو جيڪا لقمان ڦاٽڪ کان ٿيندي پنجگوله چوڪ تي ختم ٿيڻي هئي۔ مان ان وقت ايم بي اي ۾ پڙهندو هوس ۽ اسان جا ڪلاس شام جو ٿيندا هئا۔ مان به ان ريلي جو حصو ٿيس ۽ ناز هاء اسڪول کان پنجگوله تائين ساڻن گڏ گڏ هليس ۽ پوء يونيورسٽيء لاء روانو ٿيس۔

    گذريل سال ادبي سنگت پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي اجتماع پريس ڪلب ڪراچي ۾ ٿيو ته اتي مان به ويو هوس۔ اتي ئي ڊاڪٽر صفدر سرڪي، بشير قريشي ، عبدالخالق جوڻيجو ۽ ٻيا دوست گڏڌ ٿيا هئا پر سڀ الڳ الڳ ٽولين ۾ هئا ۽ الڳ الڳ جهنڊي هيٺ۔ جنهن جو مون اتي ذڪر به ڪيو پر وري ڪارڪنن جي نعرن ۾ منهنجو آواز ڪٿي دٻجي ويو۔

    23 مارچ جي جلسي مان به ويو هوس پر ڪنهن مجبورين سبب جلدي واپس اچڻو پيو هو۔

    اهي دوست جيڪي چون ٿا ته اسان جيئري پنهنجي ماڻهن کي مان ناهيون ڏيندا ، اهي ٻڌاين ته، لکين ماڻهن گڏ ٿي ڇا اهو ثابت نه ڪيو ته اسان اوهان سان گڏ آهيون ؟

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو