هڪ عظيم رهنما جي وڇوڙي جو ڏينهن!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    اهو چيو ويندو آهي ته، وقت ۽ وير ڪنهن جو انتظار ناهن ڪندا. وقت جي تيز وهڪري ۾ هڪ سال جو محدود عرصو اک ڇنڀ ۾ گذري ويندو آهي. اهڙا ڪيترائي سال گذري چڪا آهن ۽ ڪيترائي اڃا اچڻا آهن. اصل ڳالهه ته اها آهي اوهان پنهنجي هٿ آيل وقت کي ڪيئن گهاري رهيا آهيو. مون کي ياد پوي ٿو ته ٿامس ڪارلائل جنهن هڪ ڏينهن چيو هو ته، ”دُنيا جي تاريخ در حقيقت عظيم ماڻهن جي جيون ڪٿا آهي.“ پاڪستان جي تاريخ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو دور سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو، اڄ عوام جڏهن پراڻن سٺن ڏينهن جو ذڪر ڪري ٿو ته، 70ع جو سنهري دور انهن جي يادن تي تَري اچي ٿو. هڪ اهڙو وقت جڏهن پاڪستان کي سڄي دُنيا ۾ ترقي پذير قوم طور سڃاتو ويندو هو، جڏهن ترقي ۽ تمدن ساٿاري هئا، جڏهن مستقبل لاءِ سوچڻ پنهنجي ماضيءَ کان اکيون چورائڻ نه هيو، جڏهن ترقي يافته ۽ روشن خيال هجڻ جو مقصد اولهه جي اکيون ٻوٽي ڪاپي ڪرڻ نه هيو، جڏهن دُنيا اسان جي هڪ عظيم قوم جيان عزت ڪئي ۽ اسان وٽ هڪ عزتِ نفس هئو. هڪ اهڙو دور جڏهن شيون خوبصورت نظر اينديون هيون ۽ مستقبل روشن پئي نظر آيو. هي اهو پاڪستان هئو، جنهن جون واڳون شهيد وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي هٿ ۾ هيون. هڪ عظيم ليڊر جنهن کي هڪ ڊڪٽيٽر پنهنجي محبوب عوام کان سفاڪيءَ سان جدا ڪري ڇڏيو، جنهن تي ڪوڙا الزام هنيا ويا، جيل ڀيڙو ڪيو ويو ۽ آخرڪار ڦاهيءَ چاڙهيو ويو. هن کي قانوني پڙدي ۾ ڍڪيل هڪ اهڙي غيرقانوني قتل جو شڪار ڪيو ويو، جنهن سان پوري پاڪستان کي هڪ لامحدود پيڙا ڏانهن ڌڪيو ويو.
    قائدِ عوام جو اهو مضبوط عقيدو رهيو هو ته هر شخص پنهنجي انفرادي قابليت جي آڌار تي پنهنجو مستقبل پاڻ بڻائي، جهڙي نموني سان هو پڻ پنهنجي مستقبل جو معمار پاڻ هيو. هن پاڻ کي هڪ مقصد سان آشنا ڪيو. هن پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي عوام جي خدمت جو خواب ڏٺو ۽ هُن پنهنجي خواب جي تڪميل ڪئي. هو يقين رکندو هو ته ڪنهن به فرد کي ظلم ۽ ناانصافي اڳيان جهڪڻ نه گهرجي. هُن پنهنجي اهڙن عقيدن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ زندگي وقف ڪئي. هو عوام جو حقيقي اڳواڻ هئو، جيڪو عوام لاءِ زنده رهيو ۽ عوام تي جان قربان ڪئي. هُن اِهي ساڳيا اصول پنهنجي پياري نياڻيءَ کي سونپيا. هڪ اهڙي عورت جنهن پنهنجا خواب، خواهشون ۽ آخرڪار پنهنجي زندگي عوام لاءِ ارپي ڇڏيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو مسلم دُنيا جي سڀ کان ننڍي ڄمار واري پهرئين وزير اعظم طور هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي ۽ سچي جذبي سان پنهنجي جان پياري وطن تي قربان ڪندي هُن اسان جي حياتين تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا، جيئن اسين پڻ قسم ٿا کڻون هُن جي واعدن ۽ وچنن کي پورو ڪرڻ جو.
    اڄ، شهيد ڀٽو جي قتل کي ڏهاڪن گذرڻ کانپوءِ به سمورو پاڪستان انهي نظرئي تحت متحد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قوم جي فخر جي علامت آهي. هڪ اهڙو شخص پنهنجي حيات ۽ موت سان ڪيترن ئي نسلن تي اڻمٽ نقش ڇڏيا، جنهن پنهنجي حياتي عوام جي حقن لاءِ وقف ڪئي، جنهن پاڪستان کي هڪ متحد، اتفاق راءِ وارو، جمهوري صوبائي خودمختياري ۽ انساني حقن جي مڃتا وارو اسلامي آئين عطا ڪيو. اهڙو آئين، جنهن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني عوام جي بنيادي حقن کي تسليم ڪيو ويو. هُن شخص اخلاقي جرئت ڏيکاريندي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف اقتدار جي ايوانن کي لت هڻي مظلوم عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڃي بيٺو، جنهن مقتل گاهه ڏي ڳاٽ اوچو ڪري فخر سان وڃڻ پسند ڪيو پر ڪنهن ڊڪٽيٽر جي خواهشن آڏو ڪنڌ ڪو نه جهڪايائين. هو هڪ اهڙو شخص، هيو جيڪو پنهنجي اصولن ۽ عقيدن سان ايترو مخلص ۽ سچو هئو، جو هُن ذلت کان موت کي ترجيح ڏني. هُن جي ڪردار جي پختگي جو اهو مقام آهي، جو هن جي ڏسيل راهه تي هلندڙ هُن جي پوئلڳن جا قدم به ڪڏهن ڪونهن ڏڪندا. هو هڪ اهڙو دور انديش شخص هيو، جو هُن جي شهادت کي 33 سال گذرڻ کانپوءِ به پاڪستان لاءِ ڏٺل هُن جا خواب پورا ٿي رهيا آهن. هو پنهنجي زندگي ۽ موت ٻنهي ۾ هڪ بينظير ۽ بي مثال دور انديش اڳواڻ ٿي رهيو آهي ۽ اهي سندس خواب ۽ عقيدا ئي آهن، جيڪي پاڪستان جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ عوام کي ڀٽو ازم جي عقيدي تي هلڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن. تاريخ هن جي قاتلن کي ڪڏهن ڪو نه بخشيو آهي ۽ جڏهن ته هُن هڪ ليجنڊ جو رتبو ماڻي ورتو آهي.
    ويجهڙ ۾ ئي اسلام آباد ۾ ريڊيو پاڪستان تي ڪنهن مون کان سوال پڇيو ته ”پاڪستان اڄ ڪيئن هجي ها جيڪڏهن وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل نه ڪيو وڃي ها؟“ اهڙي سوال جو ڪجهه سٽن ۾ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جيان آهي، تنهن باوجود به مان ڪوشش ڪئي ۽ اهڙي ڪاوشن جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه منهنجي ذهن تي آيو، سو ڪجهه هيئن هئو، ”اها حقيقت آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وارو پاڪستان معاشي، سماجي توڙي ادارتي طور تي مستحڪم هجي ها ۽ شهيد ڀٽي سان پاڪستان هڪ اهڙو محفوظ ۽ مستحڪم حالتن ۾ هجي ها، جو اسين انهن کي اک ۾ اک وجهي ڏسون ها، جيڪي اڄ اسان کي اکيون ڏيکاري رهيا آهن.
    اهو هڪ سچ آهي جڏهن ماڻهو چوندا آهن ته بي ڏوهه قتل جو پلاند ورجائبو رهندو آهي. شهيد ڀٽو جي وفادارن، دوستن ۽ هن قوم جي عوام ڀٽو جي قتل جو بدلو وٺڻ جو ڪو موقعو ناهي وڃايو. هن جي قتل جو پلاند هر اُن لمحي ورتو ويندو آهي، جڏهن ڪوئي ”جيئي ڀٽو“ جو نعرو بلند ڪندو آهي. هر وقت ڪونه ڪو هُن کي ياد ڪري روئيندو آهي، هر وقت ڪوئي نه ڪوئي هن جو دور ياد ڪندو آهي. هر وقت ڪوئي نه ڪوئي هُن جي قبر تي وڃي کيس خراج عقيدت پيش ڪندو آهي. هر وقت ڪونه ڪو هُن کي شهيد ڪندڙ آمر کي بددعا ڏيندو آهي ۽ هر وقت هُن جي حڪومت هُن جا خواب پورا ڪندي آهي ۽ اِهي ساڳيون ئي يادگيريون آهن، جيڪي هُن کي هُن جي افسوس ناڪ قتل کان ڏهاڪا پوءِ به زنده رکن ٿيون ۽ ايندڙ ڪيترن ئي نسلن تائين سندس نالو زنده ۽ جاويد رکنديون.

    [​IMG]

    سـڄڻ ۽ سـاڻيهه، ڪنهــن اڻـــاسيءَ وســــري،
    حيــــف تنين کـــي هوءِ، وطــــن جـن وساريو۔

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو