• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سعودي عرب سوڊان کان 2 ملين فدان زمين حاصل ڪري ورتي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
riyadh-saudi-capital-128895.jpg


الشرق سعودي نيوز پيپر سعودي وزارت تجارت جده شهر جي صالح ڪامل کان هي ڳالھ نقل ڪئي آهي ته سعودي عرب زرعي پوک لاءِ سوڊان کان 2 ملين فدان زمين حاصل ڪري ورتي آهي.
ياد رهي ته فدان عربي ٻولي جو هڪ ماپ جي معيار طور استعمال ٿيندو آهي، هڪ فدان 4200 ميٽر چورس زمين جي برابر آهي.
هي زمين سوڊان جي اهم ترين علائقي بور سوڊان ۾ حاصل ڪئي وئي آهي جيڪو ريڊ سي (ڳاڙهي سمنڊ) جي بلڪل متصل آهي.
سعودي ۽ سوڊان جي ٻنهي وزارتن طرفان معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جنهن موجب سعودي سرمائيدارن لاءِ بور سوڊان ۾ 2 ملين فدان زمين ورتي وئي آهي، جيڪا (زمين) سوڊان جي ڪنهن به طرح ما تحت نه هوندي، ڪو شرط به نه رکيو ويو آهي، يعني بلڪل آزاد علائقو هوندو سوڊان جي گورنمنٽ جو ان ۾ ڪو عمل دخل نه هوندو.
سعودي عرب هي قدم پنهنجي آبادي جي تيزي سان وڌڻ ڪري ڪيو آهي، ان سان هڪ طرف سعودي عرب هڪ ته اناج (ڪڻڪ، چاور) وغيره ۾ پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهندو، ٻيو ته ان کوٽ جي ڪري مهنگائي تي قابو آڻيدو، ۽ ٻين ملڪن جهڙوڪ آمريڪا، ارجنٽين ۽ آسٽريليا وغيره کان به هن جي جند ڇٽي پوندي جتان هر سال وڏي مقدار ۾ اناج اڪسپورٽ ڪيو ويندو آهي.
سعودي عرب اهو ارادو رکي ٿو ته 2016 ع تائين هو اناج جي مسئلي تي ٻين سڀني ملڪن تي ڀاڙڻ ڇڏي ڏي.
هن وقت هڪ سعودي عرب ۽ هڪ يو اي اي جي ڪمپني پهريون ئي سوڊان ۾ زمين حاصل ڪري ڪم ڪري رهيو آهن.
 
جواب: سعودي عرب سوڊان کان 2 ملين فدان زمين حاصل ڪري ورتي

سٺي خبر آهي سعودي ملڪ دراصل زياده تر ريگستاني علائقن تي مشتمل آهي تنهن ڪري شايد هنن اها ڪوشش ورتي هوندي ، پنهنجي ملڪ لاءِ پيداوار وڌائڻ نهايت سٺو عمل ۽ تعريف لائق اقدام آهي بهترن ونڊ
 
Back
Top