اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين جيڪي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا هاء بشير خان تنهنجو وڇوڙو۔۔۔۔۔۔جياري نه ماري صرف پيو ٿو ڳاري هي مرد ته هو مهان موت پوي ڪو ڪان ڪٿي ٿئين مهمان جنهن لئي آهي سوڳ ۾ سارو هي ته جهان موت پوي ڪو ڪان سنڌوري سورن ۾ سنڌ کي آ ارمان موت پوي ڪو ڪان ڪشمور کان ڪينجهر تائين سڀ کي آهي غمان موت پوي ڪو ڪان
جواب: بشير خان جو بي وقتقائتو وڇوڙو سموري سنڌ سان تعزيتون ڪندي ۔۔۔ ور ور ڪري تعزيتون ڪرڻ تي دل ٿي چوي جو نقصان ئي ايترو وڏو آهي جو جيترا لڙڪ لاڙجن يا جيتريون به تعزيتون ڪجن ٿيون ته به هيانءُ آهي جو جهرندو ئي رهي ٿو ۔۔۔ صبر، همٿ ۽ غم کي سگهه بڻائڻ جي صلاح آهي لک قرب سهڻا سائين
سڀا ڻي [COLOR="Magenta"]نه ٿو جو سنڌ لئه وڙهي نه ٿو جو سنڌ لئه مري سو سنڌ مان لڏي وڃي سو سنڌ کي ڇڏي وڃي[/COLOR] سڀاڻي پنجاب ڏانهن ويندڙ سڀئي رستا ڪشمور ۽ ڪمون شهيد وٽ بند هوندا جيسين اسان جي شهيد سنڌ سوره ،بهادر اڳواڻ بشير خان جو انصاف تي مبني آغا خان اسپتال کان پوسٽ مارٽم ريپورٽ نه ڏني ويندي سڀاڻي هر گهٽي باه هوندي هر روڊ شعلو هوندو سڀئي سنڌ دشمن سڙي مري ويندا
جواب: سڀا ڻي ڪاش ايئن ئي ٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر افسوس جو سچل ڳوٺ ۽ سنڌي وسندين ۾ گذريل چئن ڏينهن کان پبلڪ ٽرانسپورٽ بند آهي ۽ ڪراچي ۾ امتحان هلي رهيا آهن۔ سنڌي شاگرد ۽ شاگردياڻيون گهڻو پريشان آهن۔ ڇو ته باقي سڄي ڪراچي ته کليل رهندي پر سنڌي وسنديون بند هونديون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪراچي جا ڪاليج ، يونيورسٽيون کليل هونديون پر سنڌي وسنديون بند هونديون ۔۔۔۔۔۔۔۔ سڀاڻي سچل ڳوٺ ۾ بشير قريشي صاحب لاء سنڌ گريجوئيٽس پاران رکيل ڀيٽا وارو سيمنار ۽ قرآن خواني جو پروگرام پڻ ڪينسل ڪرڻو پيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔
هاء بشير خان او مار پويئي اهڙا ماڻهو ماري ڇڏيه ڪو ڪهل به نه آيئه شهيد بشير خان سڌ جو سندا ملوڪ شهزادو هڏ ڏوکي درد ميٽيندڙ غريب امير کي هڪ ئي مان ڏيڻ وارو انسان اهنسا جو پيڪر عدم تشدد جو حامي سندا مسڪرائيندڙ چهرو تو اسان کان ڇو کسيو هي ته پوري سنڌ جو درد رکندڙ سنڌين لاء آسرو سنڌين جو ڀرجهلو ڪڏهن نه سانت ٿيڻ وارو جاکوڙي انسان ڪڏهن نه سمهڻ وارو مڙس ماڻهو کي تو زوري ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو۔۔۔۔۔حيف هجي حيف هجي۔۔۔۔ هاڻي ان جي جدائي ۾ تڙپندڙ جوڌا جوان توکي تڙپائي تڙپائي ماريندا تون سوره سنڌ کي شهيد ڪري هارائي وئين ۽ هو سهڻو جوان اڄ ه هر سنڌي جي دل ۾ پڪار بڻجي گونجي رهيو آ ۔۔۔۔۔
احتجاج اڄ پوري قوم سراپا احتجاج آهي ڦيٿا روڪ ۽ شٽر بند ڪيون ويٺا آهن ڏک ۾ ڏري رهيا آهن چئي رهيا آهن اي بشير خان تو سان آ وچن پلئه ڪندس پلئه ڪندس هن ديس جي دروهي کي ڀڄائيندس ڀڄائيدس
جواب: سڀا ڻي ادا اسان جي ملڪ ۾ هڙتالن صرف ۽ صرف عام ماڻهن ۽ اسان جي سنڌي عوام کي پريشان ڪرڻ کان سوائي ڪجھ نه ڪيو آهي توهان پٺيان مثال ڏسي وٺو جڏهن محترمه شهيد بينظير ڀٺو جي لائي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي شايد اها تاريخ جي پهرين وڏي ۾ وڏي هڙتال هئي جنهن اسان جي سنڌ صوبي کي وڏو نقصان ڏنو ان هڙتال جو نتيجو ڇا نقطو، نقصان ڪنهن کي ٿيو صرف ۽ صرف عام ماڻهو کي نقصان ٿيو قاتلن کي هڪ لوڏو به نه آيو اڄ به هڪ عام شهري پريشان ۽ دربدر آهي
جواب: بشير خان جو بي وقتقائتو وڇوڙو بشير جي بهادري بشير جو محبتون دعاگو ساري سنڌآ ڪروڙين توتي رحمتو هر اک اشڪ بار هر ماء تنهنجي سار آ صدين جي تون سڃاڻ هئين هي سڀ سنڌي پيا چئون ڪڏهن نه تون ستين ادا ڪڏهن نه تون آرام ڪيو ايڏو تو فڪر سنڌ لئه مري نه ٿين مات تون هي سنڌي سارا سوز ۾ پڪارون هي پڙاڏا ٿيا سچو ته سنڌ سان هئين هوائون سوڳ وار ٿيون تولئي روئي رت ڦڙا ماحول ماندڪائي جو تون ڀاءُ ڀرجهلو هئين توکي پيا ٿا ياد ڪيون
بشير خان کي ڀيٽا جواب: بشير خان جو بي وقتقائتو وڇوڙو بشير جي بهادري بشير جو محبتون دعاگو ساري سنڌآ ڪروڙين توتي رحمتو هر اک اشڪ بار هر ماء تنهنجي سار آ صدين جي تون سڃاڻ هئين هي سڀ سنڌي پيا چئون ڪڏهن نه تون ستين ادا ڪڏهن نه تون آرام ڪيو ايڏو تو فڪر سنڌ لئه مري نه ٿين مات تون هي سنڌي سارا سوز ۾ پڪارون هي پڙاڏا ٿيا سچو ته سنڌ سان هئين هوائون سوڳ وار ٿيون تولئي روئي رت ڦڙا ماحول ماندڪائي جو تون ڀاءُ ڀرجهلو هئين توکي پيا ٿا ياد ڪيون
جواب: بشير خان جو بي وقتقائتو وڇوڙو بس يار نه پڇو ته ڇا ڇا ن گزري آهي اسان جي هنياءُ تي،،، هيڏو وڏو هانڃهو هن بدنصيب قوم تي، ، ڌڻي در دعا آهي ته شل اهو مرڪندڙ چهرو وري جنم وٺي اچي..وري اچي