• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سمن سرڪار

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
15rh20l.jpg


پنگريو ويجهو سيد سمن شاهه سرڪار جي 80هين سالياني عرس جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن، سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمندن ۽ پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. لاڙ جي لال صوفي بزرگ سيد سمن شاهه سرڪار جي ميلي جون تقريبون پنگريو ويجهو شروع ٿي ويون آهن، درگاهه جي سجاده نشين سيد علي بخش شاهه جي غير موجودگي سبب اوقاف کاتي جي صوبائي وزير رفيق ٻانڀڻ مزار تي چادر چاڙهي تقريبن جو افتتاح ڪيو. سمن شاهه سرڪار جي ميلي ۾ پانڌيئڙا خاص ڪري خوبصورت ڪـُڪڙ وٺي اچي پنهنجون دلي مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ باسون باسيندا آهن. ميلي جي موقعي تي چوپائي مال جي نمائش ۽ اٺن جي ڊوڙ بعد صوفياڻي راڳ جي محفل جاري آهي. اوقاف کاتي پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ سان گڏ پانڌيئڙن کي طبي سهولتون ڏيڻ لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳائي وئي آهي، پر آبپاشي کاتي پاران وارابندي ڄاڻائي شادي سمال واهه جو پاڻي بند ڪيو ويو، جنهن سبب پانڌيئڙا پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن. تقريبن جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اوقاف کاتي جي صوبائي وزير رفيق ٻانڀڻ چيو ته درگاهون امن ۽ محبت جي علامت هونديون آهن، صوفي بزرگن جي ڏسيل گَس تي نه هلڻ ڪري ئي ملڪ ۾ بدامنيءَ ۽ دهشتگردي جو راڄ آهي.
 
جواب: سمن سرڪار

ننڍي هوندي کان سمن سرڪار جي شان ۾ مائي ڀاڳي جو ڳايل اهو صوفياڻو ڪلام ٻڌندا رهيا آهيون۔ جنهن جا ٻول آهن سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي۔

 
جواب: سمن سرڪار

سائين سمن سرڪار جو ميلو سدائين آڪٽومبر ۾ لڳندو آهي پر هن سال ٻوڏ سبب اپريل ۾ لڳو آهي بي ٽيمائتي ميلي جي ڪري اڳوڻي رش ناهي، جيڪر سنڌ سلامت جو ڪو دوست ميلو گهمڻ اچي ته مون غريب جي دعوت آهي حال حبيبان، پيش پريان!
 
جواب: سمن سرڪار

سائين سمن سرڪار جو ميلو سدائين آڪٽومبر ۾ لڳندو آهي پر هن سال ٻوڏ سبب اپريل ۾ لڳو آهي بي ٽيمائتي ميلي جي ڪري اڳوڻي رش ناهي، جيڪر سنڌ سلامت جو ڪو دوست ميلو گهمڻ اچي ته مون غريب جي دعوت آهي حال حبيبان، پيش پريان!

مهرباني دعوت ڏيڻ جي

ميلي ۾ نه صحي پر سمن سرڪار ۽ اوهان جو علائقو گهمڻ جو شوق اٿم۔ يقينن هڪ ڏينهن اوهان جا مهمان ٿينداسين۔
 
Back
Top