هي هڪ سائلينت مرڊر آهي ۽ ان جي تحقيق به انٽرنيشنل طرظ تي ٿيڻ کپي سنڌي گهر ڪري رهيا آهن ته اسان جي اڙٻنگ جاکوڙي سنڌين ۽ سنڌ ماءُ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان جي موت جي تحقيق جديد بنيادن تي ڪئي وڃي ۽ ان سنڌي ڊاڪٽرن کي گهرجي ته ڪنهن به قسم جي بزدلي جو مظاهرو نه ڪن ۽ هن تحقيق ۾ سنڌ جا سچا حلالي پٽ ٿي سچ وائکو ڪن نه ته قوم هنن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي
جواب: شهيد سنڌ بشير خان اي شهيد سنڌ توکي سرخ سلام آ تو ثابت ڪيو ته تو هڪ شخص نه هئين پر پوري سنڌ هئين سنڌ جي جند هئين تو جهڙو پٽ مائر صدين ۾ پيدا ڪنديون آهن هي ڏس تو سان سڀ سنڌي اڄ توکي پڪاري رهيا آهن هنجون هاري رهيا آهن ۽ وچن ڪري رهيا آهن ته تو جو سفر سڄي زندگي ڪيو ان جي تڪميل اسان ضرور ڪنداسين هي ڏس تنهنجا پٽ تنهنا ڀائر تنهنجون ڀينر سڀ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ وستي واهڻ جنهگ جهر ۾ تو لا تڏو وڇايون توکي ڀيٽا ڏيئي رهيا اهن ها تو ن اسان سان جسماني ته گڏ نه آهين پر تنهنجو روح اسان سنڌين جي روح ۾ اچي ويو آ ۽ اهائي تڙپ ڏيئي رهيو آ ته سنڌ هڪ آزاد وطن هئي آهي ۽ رهندي هن جي دشمنن کي للڪار ڪري نيست نابود ڪبو انساءَالله ُ۔۔۔۔۔
جواب: شهيد سنڌ بشير خان سچ پڇو ته ٽن ڏينهن کان وهندڙ ڳوڙها اڃان خشڪ ناهن ٿيا ... بشير جو نالو ۽ سنڌ جو تصور ور ور روئڻ تي مجبور ٿو ڪري ... پر ها هڪ آسرو الله جو ۽ ٻيو سنڌي جوڌن جو آهي ... اميد آهي ته ڏاهپ، سورهيائي، ۽ حڪمت سان سنڌ جي لڏندڙ ٻيڙيءَ کي ڪناري ڪندا .... پارس هٿن مان نڪري ويو آهي ... پر سون ٿيل دودا جوڌا ته موجود آهن. جيڏو رب تيڏو آسرو ..... سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
جواب: شهيد سنڌ بشير خان ادا ابڙا صاحب توهان سچ ٿا چئو ته بشير قريشي صاحب جي ياد ته دل تان لهي ئي ڪا نه ٿي، مون کي سندس ٻه مهينا اڳ شانتي نگر ۾ جلسو ٿو ياد اچي، جنهن ۾ سنڌ جي بهادر شخص بشير قريشي صاحب صرف 10 منٽ اسان سان ڳالهايائين ( تقرير ڪيائين ) تنهن کان پوء اهي الفاظ ڪڍيائين ته مون کي اڃان اڳتي وڃڻو آ سو ٽائيم ڪونهي، سو هاڻ توهان کان اجازت وٺندس، ۽ پوء اتان راهي ٿيا، ۽ شانتي جي سنڌي ماڻهن کي بشير خان قريشي ( مڙس ته ڪو منصور هو ) جو اهيو آخري ديدار نصيب ٿيو اياز لطيف پليجو جو هڪ بشير خان قريشي بابت تاثر
سنڌ جو سوڳ 3 ٽن ڏينهن کان سنڌ مسلسل سڪتي ۾ آهي هر گهر م تڏو آهي هر سنڌي اک اشڪبار آهي هر ماڻهو هنجون هاري رهيو آهي اي شهيد سنڌ بشير خان توکي اسان نه وساري سگهون ٿا سنڌ جي سار ۾ تون اپٽار ۾ تون تون هي تون آن بس تون هي تون هي وجد سڀن تي تاري آ وچن وڙهيچن جو تو سان آ هي ۔۔۔۔