هڪ ديوانو عاشق۔۔

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ”هي سانول آهي۔۔۔ آهي ته بلوچ پر پاڻ کي سنڌي سڏائيندو آهي۔۔۔“ مون پنهنجي ٽن سالن جي پٽ جو تعارف ڪرائيندي چيو۔۔

    بشير خان جي چهري تي مسڪراهٽ اڀري جيڪا خوشي جي کل ۾ تبديل ٿيندي وئي۔۔۔ گهڻو پيار سان هن سانول کي پنهنجي جهولي ۾ ويهاريو۔۔۔

    ”بابو خوش آن۔۔“
    سانول هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو۔۔
    ”سنڌي هين۔۔“
    سانول وري هاڪاري ڪنڌ ڌوڻيو۔۔۔
    بشير خان اخلاق کي ڏسي خوشي مان وري کليو ۽ کيسي مان سو روپيا ڪڍي سانول کي خرچي ڏنائين۔۔۔ جيڪو رواج آهي۔۔۔

    ”سائين هي شرجيل آهي۔۔۔ هن به وڏو ڪم ڪيو آ۔۔۔“ اخلاق مون ڏانهن اشارو ڪيو۔۔۔
    بشير خان سواليه انداز ۾ ڏٺو ۔۔۔ هو گفتگو تمام گهٽ ۽ ضرورت جي ڪندو هو۔۔۔
    ”هن سنڌ تي ڊاڪيومينٽري ٺاهي آهي۔۔ صوفين تي۔۔۔ ڊاڪيومينٽري پهريون انعام کٽيو آ۔۔ ٻاهرين ملڪ ۾۔۔۔“
    بشير خان حيرت ۽ غور سان چند لمحا ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجي وزني هٿن ۾ منهنجو هٿ پڪڙي چيو۔۔
    ”سائين توهان جا ٿورا۔۔۔!“
    ڳالهائيندي سندس اکين ۾ اچانڪ ڪٿان ڳوڙها اچي ويا۔۔۔ اها ڳالهه ڪو ٻيو نه ڪري سگهندو سواءِ ان ديواني عاشق جي جيڪو پنهنجي محبوبا جي تعريف ڪرڻ واري کي به پنهنجو محسن سمجهندو هجي۔۔۔۔

    **************​

    دوستو هي ٽڪرو بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام جي پني تان ترجمو ڪيو ويو آهي ۔۔۔ جنهن ۾ ليکڪ شرجيل بلوچ سنڌ جي جوڌي مرحوم بشير خان قريشي سان گهاريل ڪجهه پلن جو ذڪر ڪيو آهي۔۔ سندس پورو ليک پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ ديوانو عاشق۔۔

    ڀائڙا رشيد! بشير جو نالو اکين جو پاڻي ٿي پيو آهي ۔۔۔ بس سندس لاءِ ڪي لفظ ته ڪون ٿا اڪلن، پر وڏي دل واري سورهيه رهبر لطيف جا لفظ ورجائبا ۔۔۔

    سپريان جي ڳالهڙِي، رڳو رنجائو،
    ڏونگر ڏولائو، ڏيندا مــون ڏير ويــا۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هڪ ديوانو عاشق۔۔

    اهو ليک پڙهي منهنجي به اکين ۾ لڙڪ اچي ويا هئا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خاص ڪري آخري جملا

    ”سائين هي شرجيل آهي۔۔۔ هن به وڏو ڪم ڪيو آ۔۔۔“ اخلاق مون ڏانهن اشارو ڪيو۔۔۔
    بشير خان سواليه انداز ۾ ڏٺو ۔۔۔ هو گفتگو تمام گهٽ ۽ ضرورت جي ڪندو هو۔۔۔
    ”هن سنڌ تي ڊاڪيومينٽري ٺاهي آهي۔۔ صوفين تي۔۔۔ ڊاڪيومينٽري پهريون انعام کٽيو آ۔۔ ٻاهرين ملڪ ۾۔۔۔“
    بشير خان حيرت ۽ غور سان چند لمحا ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجي وزني هٿن ۾ منهنجو هٿ پڪڙي چيو۔۔
    ”سائين توهان جا ٿورا۔۔۔!“
    ڳالهائيندي سندس اکين ۾ اچانڪ ڪٿان ڳوڙها اچي ويا۔۔۔ اها ڳالهه ڪو ٻيو نه ڪري سگهندو سواءِ ان ديواني عاشق جي جيڪو پنهنجي محبوبا جي تعريف ڪرڻ واري کي به پنهنجو محسن سمجهندو هجي۔۔۔۔
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هڪ ديوانو عاشق۔۔

    مان پاڻ بشير خان سان مليو هيس، بشير جا هٿ چميا هيم، بشير خان هٿ ڇڏائيندي فقط رواجي سنڌي واري پاٻوهه ڀري انداز ۾ ٻئي هٿ ٻڌي لک قرب جا لفظ اچاريا هئا، مون کي اٍڄ به ياد آهي اهو ڏينهن، مان بشير خان کي ويجهو کان سندس جي اکين منهجه ڏسي رهيو هيس، هن جي اکين ۾ الائي جي ڪهڙو اٿاهه سمنڊ ڇوليون هڻندي نظر ايندو هو، شايد گهڻا دوست منهنجي هن ڳالهه مان اتفاق به ڪن، ته بشير خان جي اکين ۾ ڪي شعلا هئا، اهي شعلا جيڪي سنڌ جي روح کي رهڙيندا هئا، بشير خان هميشه لئه اهي باهه جا اُلا پنهنجي اکين ۾ جوت جيان جاڳائي رکيا هئا، ڇو ته بشير خان سنڌ جي روح جي رڙ کي ورنايو هيو ۽ اهو وچن ورتائين ته جيسين سسي ۾ ساهه آهي، جيسين هي اکيون، سنڌ جي سنهري سج جي ڪرڻن کي پسنديون رهنديون، تيسين هي اکيون ننڊ نه ڪنديون، تيسين هنن اکين مان باهه جا اُلا دشمنن جي وجود کي ڏنگيندا رهندا، هر ان ڪميڻي ديش دروهي جي وجود کي هي اکيون آڙاهه جيان جالائينديون، پڄرائينديون رهنديون۔۔۔پر اها بشير خان جي اکين جي جوت هر ساڃاه وند، هر درد وند، هر اهو کاهوڙي جيڪو سنڌ جي وجود سان پنهنجو ساهه رکي ٿو، انهن جي اکين ۾ لڙڪن جيان ارپي ويو ته اهي گرم لڙڪ نه پر بشير خان جي اکين جي اها جوت آهي جنهن کي جاڳائي رکڻو آهي، جنهن کي ائين وهڻ نه ڏجو، اها جوت سنڌ جيجل جي آزادي جي صبح جيان سنڌوء درياهه جي ڪپرن تان اڪرندي، ان ڌينهن تائين پنهنجن انهن لڙڪن کي، پاڻي سمجهي وهائي نه ڇڏجو، انهن لڙڪن سان پنهنجن لڱن کي گرمايو، انهن لڙڪن کي سنڌ جي ويري لاء وهه بڻائي ڇڏيو، ڇو ته اهي ڄاڻن ٿا ته سنڌي روئڻ سکيا ئي نه آهن، اهي مرندا به آهن ته به مرڪندي۔۔ اها ڳالهه ازل کان وٺي هر ديش دروهي نه سمجهي سگهيو آهي ته سنڌين سولي تي به مرڪڻ ڪٿان سکيو آهي۔۔۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ ديوانو عاشق۔۔

    سر ســــلابت سپـــرين! مرڪڻ! تــــــون مَ مريج!
    آهييـــن ٺار اکيـــن جو، وٽـــان مـــــون مَ وڃيج،
    تماچي! تڳيچ، ڪو ڏينهن ڪينجهر ڪنڌيين.
     
  6. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: هڪ ديوانو عاشق۔۔

    10 آگسٽ 1959ع تي رتي ديري شهر ۾ جنم وٺندڙ بشير خان قريشي ننڍپڻ کان ئي انتهائي بهادر ۽ نرالي طبيعت جو مالڪ هو. بشير خان قيرشي جي پرورش هڪ وچولي گهراڻي ۾ ٿي. سندس والد غلام مرتضيٰ قريشي ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي هلائيندو هو ۽ اناج جو واپار ڪندو هو. بشير خان پرائمري کان ميٽرڪ تائين تعليم رتي ديري مان حاصل ڪئي. جڏهن ته انٽر سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان پاس ڪيائين. بشير خان قريشي 1976ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ داخلا ورتي. جتان هن سياسي سرگرمين جي شروعات ڪئي.بشير خان 1977ع ۾ جساف جو ميمبر ٿيو. اڳواڻي جون صلاحيتون هئڻ ڪري کيس 1980ع ۾ جساف ٽنڊي ڄام يونيورسٽي جو صدر چونڊيو ويو. بشير خان 1986ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي صدر مقرر ڪيو ويو. ان دوران جساف جيتري مضبوط ٿي ان جو مثال ئي نٿو ملي. 11 آگسٽ 1988ع تي بشير خان قريشي کي گرفتار ڪيو ويو هو. کيس 18 مهينا مختلف جيلن ۾ قيد رکي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو پرسندس حوصلا ڪمزور ٿيڻ بدران وڌيڪ مضبوط ٿيا. ان بعد 1994ع ۽ 1999ع ۾ پڻ بشير قريشي کي گرفتار ڪري اذيتون ڏنيون ويون. هو مختلف وقتن تي 8 سالن تائين قيد رهيو. سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کانپوءِ سينيئر اڳواڻن جي صلاح مشوري سان جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد وڌو ويو ۽ بشير خان قريشي کي ان جو ڊپٽي ڪنوينر بڻايو ويو. 1998ع ۾ هو پارٽي جو چيئرمين بڻيو. بشير خان وٽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جو فن هو، انهي ڪري ئي جسقم کي سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ ميمبر شپ رکندڙ قوم پرست پارٽي هئڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. جڏهن ته بشير قريشي سان سنڌي ماڻهن جي محبت جو اندازو 7 نومبر 2007ع ۽ 24 مارچ 2012ع تي ٿيل آزادي مارچ مان لڳائي سگهجي ٿو.
     
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هڪ ديوانو عاشق۔۔

    سائين آزادي مارچ 24 مارچ تي نه پر 23 مارچ تي ڪيو ويو هيو۔۔۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڪ ديوانو عاشق۔۔

    الله سائين سندس مغفرت فرمائي، ۽ جنت ۾ جايون ڏئي، آمين۔۔۔
     
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: هڪ ديوانو عاشق۔۔

    بشير قريشي جيڪو پنهنجي قوم ۽ مقصد سان تمام گهڻو سچو هئو۔هزار تڪليفن جي باوجود به هو ثابت قدم رهيا،انهن جي ناگهاني وفات تي اسان جي طرفان شاعرن جي رهبر شاه عبدا لطيف ڀٽائي رح جاهيٺيان بيت نذراني طور۔

    اَڄُ نه اوطَاقُن ۾ طالبَ تَوارينِ
    آديسيِ اُٿِي وئا مڙهيون مون ماَرينِ
    هُوء جي جِيء کَي جيِارِينِ،سي لاهُوتِي لَڏي وئَاَ۔

    اڄُ نه اوطاَقُنِ ۾ سندي جوڳينِ جوڙَ
    ساري سنَاسينِ کي کامي ٿَيَسَ کوڙَ
    مَنَ جَنيِ سانَ موڙَ،سي لاهُوتَيِ لَڏَي ويِا۔

    اَڄُ نه اوطاَقُن ۾ سَندي جوڳيان ذات
    ڏيِنهان ڏورَڻُ ڏکَ سِين، رُئڻَ سَڄيائيِ راتَ
    تَنِ جِنِيِ جي تاتِ،سي لاهُوتي لَڏي وِياَ

    اَڄُ نه اوطاَقُن ۾ سَندي بابُنِ باسَ
    وئا ويراڳي نڪرِيِ ولهَا ڪَري واسَ
    جَنِ جِي اَندَرِ ۾ اُداس،سي لاهُوتي لڏي وِئا۔
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هڪ ديوانو عاشق۔۔


    اَڄُ نه اوطَاقُن ۾ طالبَ تَوارينِ
    آديسيِ اُٿِي وئا مڙهيون مون ماَرينِ
    هُوء جي جِيء کَي جيِارِينِ،سي لاهُوتِي لَڏي وئَاَ۔



    اسان هر دؤر جي حاڪم، کي حق جي ڳالھ چونداسين،
    اسان وانگين جي هر ويري، وڏيري ساڻ وڙهنداسون.

    ڀلي ڪيسن ۾ اَٽڪايو، ڀلي ڦاسين تي ڦٿڪايو،
    ڀلي لوهن ۾ لٽڪايو، ڀلي ٽانڊن تي ٽهڪايو،
    ڀلي سُورين تي سَهڪايو، ڀلي ميدان ۾ ماريو،
    اسان سُوري تي پنهنجي ديس، جا نعرا پيا هڻنداسون.[


    /COLOR]
     
  11. جاويد احمد ميمڻ

    جاويد احمد ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2012
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هڪ ديوانو عاشق۔۔

    جيئون تنهنجي جند سان
    مرون توسان ما !

    ڳوڙها ڳاڙ نه سنڌڙي
    وري ورندو وا !

    جرڪن پيون جندڙيون
    تن من آهي تا !

    لون لون منجهه لڳا
    سڀ کي آهي ساڻيهه جو۔

    شيخ اياز۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو