• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي ارڏي پُٽ بشير خان قريشي لا تعزيتي ريفرنس

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران 8 اپريل 2012ع آچر جي ڏينهن سنڌ جي سورهيه پُٽ ارڏي پٽ بشير خان قريشي لا تعزيتي ريفرنس ڪوٺايو ويو۔ جنهن ۾ مختلف قوم پرستن جماعتن جا اڳواڻ انهن جا ڪارڪن سنڌي ادبي سنگت جا جملي ميمبر ۽ عام سنڌي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔

رپورٽ : نثاراحمدناز
تصويرون : شاهه زيب نثار سمون​

دوستو گُذريل آچر 8 اپريل 2012 تي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران سنڌ جي سرواڻ پُٽ بشير خان قريشي جي اوچتي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جون سانڃهه وند ڌُرين جا نمائندا، سنڌ جي قوم پرست جماعتن جا اڳواڻ، ڪارڪن ۽ سنڌي ادبي سنگت جا ميمبر وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي دلير اڳواڻ بشير خان قريشي  جي سنڌ لا ڪيل جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ بشير خان قريشي جي هن جُدائي کي سنڌي قوم ۽ سموري سنڌ لا هاڃيڪار قرار ڏنو، ان موقعي تي سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز جيڪو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جو سيڪريٽري پڻ آهي سڀني اڳواڻن کي بشير خان قريشي جي اچانڪ وڇوڙي تي ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس ۾ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سنڌي ادبي سنگت هر انهي سنڌي پُٽ کي سنڌ جو رهبر ۽ هيرو سمجهندي آهي جيڪي جيجل سنڌ لا سنڌي ماڻهن جي حقن جي حاصلات لا پاڻ پتوڙيندا آهن ۽ سنڌ امڙ جي دشمنن جي اکين ۾ اکيون وجهندا آهن ، جيئن ته بشير خان قريشي جي اچانڪ وڇوڙي تي سڀ کان پهريون فورم سنڌي ادبي سنگت جو هو جنهن بشير خان قريشي جي لاڏاڻي تي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو، نثاراحمد ناز وڌيڪ چيو بشير خان قريشي سان سندس ملاقات صرف هڪ ڀيرو مارچ 2012۾ ٽنڊو محمد خان مهراڻ چوڪ تي سنڌ لا مارچ جي سلسلي ۾ ٿي جڏهن هو ٽنڊو محمد خان جي سنڌي عوام کي 23 مارچ 2012 واري مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ لا متحرڪ ڪرڻ لا آيو هو ۔ ان کانپو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي خزانچي انعام ٽکڙائي کي مرحوم بشير خان قريشي جي جدوجهد تي ڳالهائڻ لا نينڊ ڏني انعام ٽکڙائي پنهنجي اکين مان ڳوڙها وهائيندي چيو ته جڏهن به سنڌ جي دلير اڳواڻن جو ذڪر ٿيندو انهن ۾ بشير خان قريشي جو ذڪر لازمي لازمي مٿاهون هوندو، بشير خان قريشي جي ڪري ئي سنڌي ماڻهو آزادي  سان سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد جي رستن تي سنڌي ٽوپيون پائي گهمندا هُئا، بشير خان قريشي سنڌ جي ازلي دشمنن جي اک جي ڪنڊو هو۔ ان کانپو سنڌي ادبي سنگت جي اعظم ڀٽي کي بشير خان قريشي جي فڪر سنڌ جي موضع تي دعوت خطاب ڏنو ويو ، اعظم ڀٽي پنهنجي تاريخي لکيل مقالي ۾ چيو ته اڄ جيجل سنڌ جا ماڻهو بشير خان قريشي جي اچانڪ وڇوڙي تي ائين محسوس پيا ڪن ڄڻ انهن جي مٿن تان ڇت ڪري پئي هُجي هو يتيمي جي ڪيفيت ۾ آهن ، سنڌ ۾ قومي غدارن جي ڪري سنڌي هيروز تمام ٿورا آهن انهن ٿورن هيروز ۾ بشير خان قريشي به چوڏهين جيان چنڊ جيان چمڪندڙ هيرو آهي، جنهن جي دل ۾ سنڌ رچي ۽ وسي پئي هُئي بشير قريشي سدائين سنڌ لا زنده رهيو ۽ يقينن هن سنڌ لا موت ماڻيو۔سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سينئر ميمبر پروفيسر ريٽائرڊ محمد موسى سٺيو سنڌ جي قومي سرواڻ بشير خان قريشي کي لفظن جي ڀيٽا ڏيندي لاکيڻي لطيف جو هي بيت پڙهيو : اڄ نه اوطاقن ۾ ٿا طالب تنوارين، آديسي اُٿي ويا مڙهيون مون مارين، جيڪي جِيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا هُن چيو ته بشير خان قريشيءَ جهڙا اڻموٽ بهادر سپوت پُٽ صدين کان پوءِ جنم وٺندا آهن بشير خان قريشيءَ سدائين سنڌ امڙ جي حلالي پُٽ وارو ڪردار ادا ڪيو، پنهنجي پاڻ کي سنڌ جيجل لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، هُن سنڌ جي عشق ۾ پنهنجو پاڻ کي تياڳي ڇڏيو هو، اسان سڀني سنڌين کي گهرجي ته بشير خان قريشيءَ جي لاڏاڻي واري ڏُک کي هڪ آواز ٿي متحد ٿي طاقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيون ۽ جڏهن اسان سڀ سنڌي هڪ ٿينداسين ته جيجل سنڌ جي آجپي وارو خواب جيڪو اسان جي سنڌ جي قومي هيروز ڏٺو هو ان جي ساڀيان ماڻڻ پوءِ اسان لاءِ مشڪل ڪونه هوندو۔​
سنڌي ادبي سنگت جي سينئر ميمبر ۽ کاهوڙي ليکڪ مشڪور ڦلڪاري چيو ته بشير خان قريشي جو لاڏاڻو منهنجي قلم منهنجي سوچ منهنجي ڏات تي وڄ بڻجي ڪريو آهي ، مونکان لکڻ وسري ويو آهي، مونکان پڙهڻ وسري ويو آهي ڏات جي ديوي ڪارو لباس پائي ماٺ جي صحرا ۾ گم ٿي وئي آهي منهنجي سنڌ جا ماڻهو سڪتي ۾ آهن منهنجي شهر جا ماڻهو اشڪبار آهن منهنجي اکين مان ڳوڙها مهراڻ بڻجي پيا آهن بشير خان قريشي سان سندس قربت جو ناتو تڏهن کان آهي جڏهن کان هر سنڌي جيئي سنڌ جو نعرو هڻڻ شروع ڪيو آهي بشير خان جو وڇوڙو سموري سنڌ لاءِ عظيم صدمو آهي۔
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ميمبر منظور عادل سومرو چيو ته ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ۽ تاريخ جي وارتائن جا رُخ موڙي ڇڏيندا آهن ، يقينن بشير خان قريشي پنهنجي پاڻ ۾ هڪڙي تاريخ هو ، جنهن جي دل ۾ سنڌ سان پيار جا دريا هميشهه موجزن رهندا هُئا ، سنڌ جيجل جي دشمنن سان سائين جي ايم سيد جي ارڏي پُٽ جيان وڙهيو، سنڌ دشمنن سان سدائين لاکيڻي لطيف : هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار، اُٿي تيغ ترار مار ته متارو ٿئين جي مصداق اکين ۾ اکيون وجهي ويڙهاند ڪئي۔ ڌرتيءَ جي ارڏي ۽ اڻ موٽ پُٽ جيان سنڌ جي سنڌي ماڻهن کي سنڌ جي مالڪي جا حق ڏياريا۔ بشير خان قريشيءَ جي جدوجهد وارو سبق هر سنڌي جيڪڏهن پڙهي ان تي عمل ڪري ته سنڌ تان غاصبن جي تڏا ويڙهه لازمي ٿي سگهي ٿي۔ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر شبير شاهه سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جا ٿورا مڃيندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان وارن کي شاباسون هُجن جو فوري طور تي بشير خان قريشيءَ لاڏاڻي تي هڪڙو تعزيتي ريفرنس جو انعقاد ڪري اسان سڀني قوم پرست پارٽين کي هڪڙي جاءِ تي گڏ ڪري ويهاريو، جنهن مان سنڌي ادبي سنگت وارن جو سنڌ سان محبت وارو جذبو تمام زبردست نموني ظاهر ٿئي ٿو۔ جيڪڏهن هر قوم پرست پارٽي پنهنجي پاڻ کي متحد ڪري صرف سنڌ امڙ جي نالي تي گڏ ٿي هڪ مُٺ ٿي وڃن ته اسان سنڌي پنهنجي منزل کي جلدي حاصل ڪري وٺنداسين، ۽ بشير خان قريشي جي تاريخي جدوجهد کي ساڀيان جي شڪل ۾ ماڻي وٺنداسين ، بشير خان قريشي سنڌ امڙ جو هڪ سورهيه پُٽ هو سدائين سنڌ امڙ جو مان ۽ شان وڌائڻ ۾ جاکوڙڻ ۾ اڳي کان اڳرو رهيو۔ سنڌي ماڻهو ۽ سنڌ سندس دل م سدائين رچيا وسيا پيا هُئا۔جسقم ضلعي ٽنڊو محمد خان جي نائب صدر ذوالفقار حاجاڻو چيو ته بشير خان جو وڇوڙو اسان سڀني سنڌين مٿان وڄ وراڪي جيان ڪريو آهي اسان بشير خان قريشي جي خوابن کي ضرور ساڀيان ڪري ڏيکارينداسين هن حڪومت وقت کان مطالبو ڪيو ته بشير خان قريشي جي موت جي عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي ڇو ته اها ڳالهه تاريخي آهي ته سنڌ جا حلالي پُٽ سدائين غدارن جي سازشن جو شڪار ٿيندا آهن اسان جي سرواڻ بشير خان قريشيءَ به اهڙي ڪنهن مڪروهه غداري سبب پنهنجي جان سنڌ جيجل مٿان قربان ڪئي آهي ۽ شهيد بڻجي هميشهه لاءِ امر بڻجي ويو آهي۔​

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران بشير خان قريشي جي وڇوڙي تي تعزيتي ريفرنس جون تصويري جهلڪيون

523709_10150735042388216_794048215_9597190_615363381_n.jpg


538151_10150735042863216_794048215_9597195_2024146375_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان پاران تعزيتي ريفرنس جو بينر ۽ ڊائس تي لکيل بينر

539752_10150735172208216_794048215_9597984_2002488812_n.jpg

سنڌ سلامت جوجهونو نثاراحمدناز جيڪو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان سيڪريٽري پڻ آهي هن تعزيتي ريفرنس جي ڪاروائي هلائي رهيو آهي

555804_10150735284853216_794048215_9598571_1113165228_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري مرحوم بشير خان قريشي کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي

485311_10150735504548216_794048215_9599677_202520051_n.jpg

سنڌ مشهور ليکڪه شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه پڻ ڀيٽا جي صورت ۾ بشير خان قريشي جي ياد ۾ هڪڙوآزاد نظم پڙهيو ۽ تفصيل سان بشير خان قريشي جي جدوجهد کي سارهايو

575593_10150735487413216_794048215_9599575_1813822544_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊو محمدخان جو رابطه سيڪريٽري پنهنجي صدارتي تقرير ۾ بشير خان قريشي کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي

549968_10150735185258216_794048215_9598069_597951641_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر اعظم ڀٽي پنهنجو مقالو پيش ڪري رهيو آهي

318293_10150735177288216_794048215_9598011_491112090_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو خزانچي انعام ٽکڙائي بشير خان قريشي جي جدوجهد کي سلام پيش ڪري رهيو آهي۔

293003_10150735248063216_794048215_9598310_116990488_n.jpg

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ضلع ٽنڊو محمدخان جو صدر سيد شبير شاهه مرحوم بشير خان قريشيءَ کي خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي

562476_10150735257183216_794048215_9598355_1785535423_n.jpg

جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي ٽنڊو محمد خان جو اڳواڻ بشير خان قريشي جي جدوجهد کي سُرخ سلام پيش ڪري رهيو آهي​
 
Back
Top