• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاء بشير خان

هاءِ افسوس صد افسوس
مڻيادار مڙس اسان مان هليو ويو
ڏونگر ڏري پيا پهڻ پاڻي ٿي پيا
اڇنگاريون آسمان ڪيون
ڌرتي رني رت ڦڙا ڪونڌر ڪسجي ويو
حيف هجي موت ۔۔۔۔۔۔
سنڌ جي سهاري سنڌ جي آسري سنڌ جي سوره پٽ کي
ساڻ کڻي وئين
سنڌين کي ڪنهن جي سهاري ڃڏيئه ۔۔۔۔
پاپي ايڏو پاپ ڪيئه
هي پهاڙن جيڏو پٽ
سنڌ کان کسي وئين
سنڌ امڙ روئي پئي سڏڪي پئي هنجون هاري پئي ۔۔۔۔
 
Back
Top