هي لکڻي لکندي اکيون آليون ٿي پيون اهو پهرکي ياد ڪري جنهن پهر منهنجي ملاقات منهنجي محبوب بهادرِ سنڌ ۽ جرنيل بشير خان سان مليو هيس، بشير جا هٿ چميا هيم، بشير خان هٿ ڇڏائيندي فقط رواجي سنڌي انداز ۾ پاٻوهه ڀري انداز ۾ ٻئي هٿ ٻڌي لک قرب جا لفظ اچاريا هئا، مون کي اٍڄ به ياد آهي اهو ڏينهن،بشير خان ڳيريلو شهر ۾ اچڻا هئا، ۽ اسين دوست بشير خان جي آمد جي اوسيئڙي ۾ رات جا 2 بجه تائين انتظار ۾ روڊن تي ويهي رهيا هئا سي، هوء ارادي جو پڪو ۽ پنهنجي يارن سان ڪيل واعدي تي پورو لهندو هيو۔ هن ڪڏهن به ڪنهن پروگرام تي ڀل ڪجهه به ٿئي هوء پهچندو ضرور هيو، مان بشير خان کي ويجهو کان سندس جي اکين منهجه ڏٺو هو، هن جي اکين ۾ الائي جي ڪهڙو اٿاهه سمنڊ ڇوليون هڻندي نظر ايندو هو، شايد گهڻا دوست منهنجي هن ڳالهه مان اتفاق به ڪن، ته بشير خان جي اکين ۾ جيڪي شعلا اوتيل هئا، اهي شعلا جيڪي سنڌ جي روح کي رهڙيندا هئا، بشير خان ماء جي هنج کان وٺي اهي ڏڍ ڏيندڙ باهه جا اُلا هميشه لئه پنهنجي اکين ۾ جوت جيان جاڳائي رکيا هئا، ڇو ته بشير خان سنڌ جي روح جي رڙ کي ورنايو هيو ۽ اهو وچن ورتائين ته جيسين سسي ۾ ساهه آهي، جيسين هي اکيون، سنڌ جي سنهري سج جي ڪرڻن کي پسنديون رهنديون، تيسين هي اکيون ننڊ نه ڪنديون، تيسين هنن اکين مان باهه جا اُلا دشمنن جي وجود کي ڏنگيندا رهندا، هر ان ڪميڻي ديش دروهي جي وجود کي هي اکيون آڙاهه جيان جلائينديون، پڄرائينديون رهنديون۔۔۔پر اها بشير خان جي اکين جي جوت هر ساڃاهه وند، هر درد وند، هر اهو کاهوڙي جيڪو سنڌ جي وجود سان پنهنجو ساهه رکي ٿو، انهن جي اکين ۾ لڙڪن جيان ارپي ويو۔۔۔۔ ۽ بشير خان اها پنهنجي اکين جي جوت جيڪا دشمن کي ڏنگيندي هئي اها جوت اڄ لڙڪ بڻجي هر سنڌي پٽ ، ڀاء، ڀيڻ، هر ان ٻڍڙي پيءُ ۽ جيجل امڙين جي اکين کي ارپي ويو۔۔۔اڄ هر اک مان وهندڙ لڙڪ نه پر بشير خان جي اکين جي اها جوت آهي جنهن کي جاڳائي رکڻو آهي، جنهن کي ائين وهڻ نه ڏجو، اها جوت سنڌ جيجل جي آزادي جو سهڻو سٍج بڻجي صبح جيان سنڌوء درياهه جي ڪپرن تان اڪرندي، ان ڌينهن تائين پنهنجن انهن لڙڪن کي، پاڻي سمجهي وهائي نه ڇڏجو، انهن لڙڪن سان پنهنجن لڱن کي گرمايو، انهن لڙڪن کي سنڌ جي ويري لاء وِهه بڻائي ڇڏيو، ڇو ته اهي سنڌين کي روئائڻ گهرن ٿا پر سامراجي اهو به چڱي ريت ڄاڻن ٿا ته سنڌي روئڻ سکيا ئي نه آهن، اهي مرندا به آهن ته به مرڪندي۔۔ اها ڳالهه ازل کان وٺي هر ديش دروهي نه سمجهي سگهيو آهي ته سنڌين سولي تي به مرڪڻ ڪٿان سکيو آهي۔۔۔ http://www.sindhsalamat.com/newthread.php?do=newthread&f
جواب: منهنجو محبوب سنڌ جو گوريلو جرنيل۔۔۔۔ سهڻا دوست اوهانجي صلاح وزنائتي ۽ ڪارائتي آهي ۔۔۔ بيشڪ مرڻ وار مري ويندا آهن پر جيڪي دڳ پيچرا خالي ڪري ويندا آهن انهن جو ڀرجڻ تمام ضروري هوندو آهي ۔۔۔ اميد آهي ته سنڌي قوم انهن سورهيه انسانن جي ڇڏيل ۽ خالي ڪيل پيچرن کي وڌيڪ سگهه ۽ ڏاهپ سان ڀريندي ۔۔۔ سر سلابت سپرين! مرڪڻ! تــــون مَ مريج! آهييـــن ٺار اکيـــن جو، وٽان مـــــون مَ وڃيج، تماچي! تڳيچ، ڪو ڏينهن ڪينجهر ڪنڌيين.
جواب: منهنجو محبوب سنڌ جو گوريلو جرنيل۔۔۔۔ سڄڻ سائين سچ پڇو ته سنڌ جي هن محبوب جوڌي جي اڻ مندائتي ائين اوچتو وڇڙي وڃڻ کانپوء اکين جي آڳ وڄ بڻجي وجود کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي، ۽ مان سمجهان ٿو ته اها آڳ شايد اسان سنڌين کي هميشه لا جاڳائي رکڻ لا هجي، ۽ مان ان آڳ سان پنهنجي وجود کي سک سان سمهڻ نه ڏيندس، ڇو ته منهنجو محبوب به هن سنڌي قوم لا ڪيئي راتيون نه ستو هيو، هن پنهنجي اکين کي اسان جي تقدير کي هميشه لا سهڻو ڏسڻ لا جاڳائي رکيو۔۔۔