• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پستا ۔۔۔ کاڌو ۽ علاج

نثارابڙو

نائب منتظم
پستا

http://imageshack.us

امريڪن ايسوسئيشن آف ڪينسر ريسرچ ڪانفرنس جي مطابق پستن جي کائڻ سان ڦڦڙن جي ڪيئنسر جو خطرو گهٽ ٿئي ٿو. ”وٽامن اي“ “Vitamin A”ڪينسر جي تمام گهڻن قسمن جي خلاف انساني جسم جي حفاظت ڪري ٿي. ”گاما ڪوٽو فيرول“ جيڪا وٽامن اي جي هڪ قسم آهي، جنهن جي استعمال سان ڦڦڙن جي ڪينسر جو خطرو گهٽ ٿي وڃي ٿو.

يونيورسٽي آف ٽيڪسس جي ايپيڊيميالوجي ڊپارٽمنٽ جي ايم ايس ليڊيا ايم هرنينڊرس چوي ٿو ته پستن جو استعمال گاماٽوڪو فيرول (وٽامن اي) حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي. انجو استعمال دل کي تندرست رکڻ لاءِ به مفيد آهي، ڇاڪاڻ ته انجي استعمال سان جسم ۾ ڪيلسٽرول جو مقدار به قابوءَ ۾ر هي ٿو. ڪئي قسمن جي ڪينسر تي ضابطو رکي سگهجي ٿو.

سندن ڪيل تجربين مان اهو ثابت ٿيو آهي ته روزانه 2 اونس يا 28 گرام پستن جي کائڻ سان ڦڦڙن جي ڪينسر جي خطري کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، وٽامن اي جو قسم گيما توڪو فيرول جو خاصو مقدار منڱيرا، اخروٽ، سويابين ۽ مڪئيءَ مان پڻ حاصل ٿئي ٿو۔


http://imageshack.us

 
جواب: پستا ۔۔۔ کاڌو ۽ علاج

سائين تمام ڪارائتو ليک آهي

سعودي عرب ۾ شايد پستن جا ريٽ ڪجهه سولا هجن پر هتي اسان وٽ ته خشڪ ميوي جا ريٽ آسمان سان پيا ڳالهيون ڪن ۔۔۔۔ خير پوء به هاڻي ڪوشش ڪبي ته ٿوري مقدار ۾ ئي صحيح پر پسته کائبا۔
 
جواب: پستا ۔۔۔ کاڌو ۽ علاج

واه دوستو واه ۔۔۔ سنڌي ۾ ان لا کوڙ پهاڪا آهن بس ڪجهه فضيلت ڀريا پهڪا ته

لڏ ته ڏي پر لڏيندڙ به ڏي

يا وي

سٿڻ ته ڏي پر اڳٺ به وٺي ڏي

چوڻ جو مقصد ته صلاح به ڏيان ۽ پستا به وٺي ڏيان ۔۔۔ ابا مون پنهنجي صلاح واپس ورتي ۔۔۔۔ ههههههه

خئير مون باداميون، پستا ۽ اکروٽ کاوان ٿو، باقي مڱيرا هت خاص ناهن مڱيرا ته سچل جي ٻاهران ملندا آهن تازا تازا ۽ ها مڪئي جا سنگ به اوهانجي ويجهو سٺا ملندا آهن ۔۔۔ بس هڪ نه ته ٻيو ۔۔ وٽامن اي زنده آباد

سکڻي صلاح ڀائرن تان گهور
 
Back
Top