ڇا وحيده شاهه جي غلطي معافي لائق نه هئي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [JUSTIFY]چيو وڃي ٿو ته فوبيا Phobia هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا سڌو سئون انسان جي دل و دماغ تي اثر ڪندي آهي، اها بيماري جنهن به انسان کي لڳي وڃي ته اهو انسان هرطرح جي خوف ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ۽ ان جي دل و دماغ ۾ ڪيترائي خطرا ۽ خدشا جنم وٺندا آهن جڏهن ته ماڻهو رات جو ننڊ ۾ به ڇرڪ ڀريندو آهي پر ماهر نفسيات جو چوڻ آهي ته فوبيا بيماري جون ٻيون به گهڻيون علامتون ٿين ٿيون جنهن ۾ ساڙ، درد، بغض، تعصب ۽ چڙ جهڙيون علامتون به عام ٿينديون آهن، اها بيماري عمومن اسان جي پاڪستاني سياسيت ۾ تمام گهڻي داخل ٿي چڪي آهي جيڪا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هر سياسي ماڻهو ۾ پائي وڃي ٿي جنهن جو پهريون مريض ضياءُ الحق هو. پاڪستان جي قومي توڙي علاقائي سياست ۾ پيپلز پارٽي هڪ اهڙي سياسي جماعت آهي جنهن جي وجود کان وٺي اڄ تائين انهن فوبيائي مريضن جو شڪار رهي آهي جيڪي پيپلز پارٽي جو نالو ٻڌندي ئي انهن جي دل و دماغ ۾ خوف، ساڙ، درد، بغض، تعصب ۽ چڙ جهڙيون علامتون اڀري اچن ٿيون. اهڙو لڪاءُ 1190ع دوران به ڏسڻ ۾ آيو جن باطل قوتن ملي هڪ ڪمزور عورت يعني محترمه بينظير ڀٽو جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آءِ جي آءِ جهڙي جماعت کي تشڪيل ڏئي ڪروڙن جا فنڊ گڏ ڪري انهن فوبيائي مريضن ۾ ورهايا جن کي سدائين پيپلزپارٽي مان خوف رهيو آهي ۽ هاڻي اهي باطل قوتون عوام آڏو ننگيون ٿي ويون آهن جيڪي پنهنجن مڪروهه چهرن کي لڪائڻ ۾ پوريون آهن.
    عام طور اسان اهو ڏٺو آهي ته انهن فوبيائي مريضن کي وقتن فوقتن اهڙي قسم جا دورا پوندا رهيا آهن جن کان پ پ جي ڪاميابي هضم نٿي ٿئي، تازو وحيده شاهه جي ڪيس ۾ به اهڙي قسم جي مريضن جو رد عمل سامهون ڏسڻ ۾ آيو جنهن جي ٿڦڙ کي تشدد ۽ ننڍڙي غلطي کي گناهه ڪبيره ۾ تبديل ڪري پيش ڪيو ويو. وحيده شاهه جي ٿڦڙ کي مخصوص پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي اهڙو ته اڀاري پيش ڪيو ويو جو ڄڻ اسان جي معاشري مان ٻيون سڀئي برايون ختم ڪيون ويون آهن صرف وحيده شاهه اهو پهريون انوکو گناهه ڪري وڌو هجي جيڪو ناقابل معافي بڻجي ويو آهي. پر آءُ هتي اها به وضاحت ڪندو هلان ته وحيده شاهه جيڪو به عمل ڪيو اهو ڪو چڱو ڪون هو ۽ نه ان عمل جي مون سميت ڪير به مهذب ماڻهو حمايت ڪري سگهي ٿو پر جيئين ته وحيده شاهه جي ننڍڙي غلطي کي پ پ جي دشمن پاليسي تحت اينڪرپرسنس کان وٺي قلمڪار فوبيائي مريضن تائين پنهنجي ساڙ، درد، بغض ۽ تعصب جي بنياد تي ايترو ته اڀاريو جو معاشري جي سڀني براين کي هڪ طرف ۽ وحيده شاهه پاران ڪيل هڪ ننڍڙي غلطي کي ٻئي طرف رکي انصاف جي ترازو ۾ تور ڪئي وئي جنهن ۾ پ پ سان بغض رکندڙ سڀني فوبيائي مريضن کي سماج اندر موجود سمورين براين ۽ خرابين مان صرف وحيده شاهه واري ٿڦڙ جو پلڙو ڀاري ڏسڻ ۾ آيو باقي سموري سماج ۾ ٻين سڀني براين ۽ خرابين جو پلڙو ان فوبيائي مريضن کي حلڪو ڏسڻ ۾ اچي ٿو صرف ان ڪري ته وحيده شاهه جو تعلق سنڌ ۽ پ پ سان آهي. حالانڪه ڏٺو وڃي ته هر اليڪشن دواران جيڪي ڪجهه ٿيندو رهيو آهي اها به سڀني کي خبر آهي ته ڪيئن نه مخالف پارٽين جي ايجنٽن کي غائب ڪري پنهنجي حق ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرايا ويندا رهيا آهن، ملڪي تاريخ شاهد آهي ته عام چونڊون هجن يا ضمني چونڊون پر ڪنهن نه ڪنهن چونڊن دوران ڪيترائي ناحق قتل ڪيا ويندا آهن ۽ مخالف ڌرين جي ايجنٽن کي اغو ڪري پولنگ عملي کي پڻ يرغمال بڻائي پنهنجي مرضي جا ٺپا هڻي چونڊون کٽيون وينديون رهيون آهن جنهن جا ڪيئي مثال موجود آهن ۽ اهڙي قسم جون هزارن جي تعداد ۾ اليڪشن ڪميشن اندر شڪايتون موجود آهن جيڪي اڃا تائين انهن جي رڪارڊ جو حصو بڻيل آهن پر ڪنهن جو به ڌيان اوڏانهن نٿو وڃي پر جهڙي طرح پ پ ۽ ان جي قائدين کي هميشه وانگر ديوار سان لڳائي انهن کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ پ پ اڳواڻن جو پنهنجي ئي دور حڪومت ۾ گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي جنهن جي ڪا به ننڍي کان ننڍي غلطي معافي جي قابل ناهي جنهن جو مثال وحيده شاهه وارو ڪيس آهي جنهن ۾ حقيقت کان گهٽ ڪم ورتو پيو وڃي جڏهن ته ان ۾ سياست گهڻي ڪئي پئي وڃي.
    اهو به قائنات جو وڏو سچ آهي ته انسان غلطي جو پتلو آهي، اهو وڻ ئي ناهي جنهن کي حوا نه لوڏيو هجي جي مثال وانگر اهو ڪوبه اهڙو انسان قائنات ۾ پيدا نه ٿيو آهي جنهن کان شعوري يا لا شعري طورتي ڪا غلطي نه ٿي هجي، حضرت آدم عليه اسلام کان وٺي مون گنهگار تائين سواءِ انهن جي جن کي الله تعاليٰ چونڊيو آهي باقي هر انسان کان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ غلطي ٿيندي رهي آهي ۽ ٿيندي رهي ٿي پر اها به هڪ چٽي حقيقت آهي ته جيسيتائين انسان زندهه آهي تيسيتائين خبر ناهي اڃا اڳتي ڪيتريون غلطيون ڪندو رهندو پر ان جو اهو مطلب ناهي ته ان انسان کان عزت نفس واري زندگي گزارڻ جو حق به کسيو وڃي. ڇو ته ڪنهن به انسان جو مورال ان وقت بلند ٿيندو آهي جڏهن هو پنهنجي ڪيل غلطي کي تسليم ڪندي ان تي ندامت جو اظار ڪندو آهي ۽ ان غلطي کي تسليم ڪري الله تعاليٰ کان به معافي گهرندو آهي جنهن کي الله تعاليٰ به ان انسان جي غلطين کي معاف ڪري ان جي توبه کي قبول ڪندو آهي پر جيڪڏهن ڪنهن انسان کي الله تعاليٰ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ عهدو عطا فرمائي ٿو ته اهو انسان پنهنجي طاقت جي زور تي ٻئي انسان مٿان ڏاڍ ۽ جبر جو استعمال انتهائي خراب طريقي سان ڪري ٿو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي هوندو. اسان سمجهون ٿا ته وحيده شاهه به هڪ گنهگار انسان جي حيثيت ۾ غلطي ڪري وڌي آهي جنهن پنهنجي غلطي کي تسليم ڪندي الله تعاليٰ جي حضور ۾ سجدو ڪري ضرور پنهنجي ڪيل گناهه جي معافي ورتي هوندي پر ان سان گڏ ان متاثر ڌرين کان به معافي گهري ورتي آهي جن وحيده شاهه کي معاف به ڪري ڇڏيو آهي پر تنهن هوندي به الاءِ ڇو اليڪشن ڪميشن پاران متاثر ڌر پاران معافي ڏيڻ جي باوجود ان معافي نامي کي نظرانداز ڪري وحيده شاهه کي ٻن سالن تائين ڪنهن به سرڪاري عهدي لاءِ نا اهل ڪرار ڏئي ڇڏيو جيڪو وحيده شاهه جي ڪيل غلطي کان به وڏي غلط ڳالهه ثابت ٿئي ٿي.
    اسان سنڌين ۾ به پراڻي ريت آهي ته جيڪڏهن ڪنهن غلطي يا غلط فهمي سبب ڪنهن جو قتل به ٿي ويندو آهي يا ڪنهن جو قتل ڪيو ويندو آهي ته چار چڱا گڏ ڪري ان متاثر ڌر ڏانهن ميڙ کڻي ويندا آهن ته اها متاثر ڌر ان کي پنهنجو خون به معاف ڪري ڇڏيندي آهي، وحيده شاهه ڪنهن جو قتل ته ڪون ڪيو پر پوءِ به پنهنجي غلطي تسليم ڪري سنڌ جي روايت مطابق پرزائيڊنگ آفيسرياڻي حبيبان ميمڻ ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرياڻي شگفته ميمڻ کان معافي وٺڻ لاءِ پنهنجون سيد زاديون نياڻيون ميڙ وٺي انهن جي گهر پهتي جنهن تي بقول حبيبان ميمڻ جي ته ان سنڌ جي روايتن کي برقرار رکندي وحيده شاهه جي ڪيل غلطي کي معاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجو تحريري بيان اليڪشن ڪميشن ۾ به ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ۾ حبيبان ميمڻ ۽ شگفته ميمڻ پاران ڏنل معافي نامو اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائنيدي ان کي رڪارڊ تي آندو ويو آهي. وحيده شاهه پنهنجي غلطي جو اظهار اليڪشن ڪميشن سان به ڪندي ان کان پڻ معافي گهري ورتي. وحيده شاهه پنهنجي غلطي کي سڌارڻ لاءِ انهن سڀني کان معافي وٺڻ لاءِ هر دروازو کڙڪايو آهي پر تنهن هوندي به هن سنڌ جي نياڻي سيد زادي جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، وحيده شاهه سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي معافي گهري ورتي پر اتان به هن کي جواب مليو وحيده شاهه چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي عرض ڪيو ته هن کان نادانسته طور اها غلطي ٿي چڪي آهي جيڪا مون قبول ڪري ورتي آهي هن چيف جسٽس کي عرض ڪيو ته هاڻي مون پنهنجو پاڻ کي عدالت جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي هاڻيِ عدالت جي مرضي آهي ته معاف ڪري يا سزا ڏئي. وحيده شاهه چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي اهو به عرض ڪيو ته هن وقت منهنجا وڪيل به توهان آهيو ته جج به توهان آهيو صرف آءِ عدالت کان معافي گهرڻ آئي آهيان ان لاءِ انصاف به اوهان ئي ڪري سگهو ٿا. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اشتياق احمد وقت کان اڳ پنهنجي رٽائرمينٽ جي اعلان ڪرڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي عدالت کي ان ٿيل واقعي کان آگاهه ڪيو ته ان تشدد واري واقعي کانپوءِ پي ايس 53 تي چونڊ جو نتيجو روڪڻ سميت وحيده شاهه خلاف 4 قسمن جا مختلف فيصلا ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪميشن جي ميمبرن جو خيال آهي ته وحيده شاهه کي نااهل قرار به ڏئي سگهجي ٿو پر تنهن هوندي به ان جو حتمي فيصلو چيف اليڪشن ڪمشنر کي ڪرڻو آهي ۽ ان سان گڏ وحيده شاهه خلاف سمري به ٽرائل ڪئي پئي وڃي ۽ قانون موجب وحيده شاهه کي 3 مهينن تائين قيد جي سزا به ملي سگهي ٿي. هوڏانهن وحيده شاهه عدالت سان مخاطب ٿيندي چيو ته هو عدالت ۾ معافي وٺڻ لاءِ آئي آهي ۽ عدالت کيس غلطي جي معافي ڏئي، ڇاڪاڻ ته جيڪو پولنگ اسٽيشن تي معاملو ٿيو اهو غير ارادي سان ٿيو جڏهن ته پرزائڊنگ آفيسرياڻين سان هن جي ڪا به ذاتي دشمني نه هئي ۽ ٻئي پاسي پرزائيڊنگ آفيسرياڻي حبيبان ميمڻ چيو ته وحيده شاهه اسان جي گهر نياڻيون وٺي ميڙ کڻي آئي هئي جنهن ڪري هنن کيس سنڌ جي روايتن مطابق معاف ڪري ڇڏيو آهي هن اهو به چيو ته هن تي ڪو به دٻاءَ ناهي وڌو ويو ۽ نه هن وحيده شاهه کان معافي عيوض ڪا رقم ورتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن اليڪشن ڪميشن جي جاچ ڪميٽي آڏو وحيده شاهه کي معاف ڪرڻ وارو جواب تحريري طور داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.
    هن وقت اهو معاملو عدالت جي ٻڌڻي هيٺ آهي تنهن ڪري اهو عدالت تي ڇڏجي ٿو ته عدالت وڌيڪ ڪهڙو ٿي فيصلو ٻڌائي پر جهڙي طرح وحيده شاهه جي ٿڦڙ واري ننڍڙي معاملي کي ميڊيا جي مخصوص ٽولي پاران پنهنجي بغض ۽ تعصب واري ذهنيت کي تسڪين پهچائڻ لاءِ وڌائي چڙهائي پيش ڪيو جيڪا ناانصافي هئي. مثال طور وحيده شاهه هڪ ٿڦڙ هئين ته ان فلم کي ايڊٽ ڪري 10 ڀيرا تيزي سان ڏيکاريو پئي ويو، انهن فوبيائي مريضن بغض ۽ تعصب جي بنياد تي ميڊيا جو هٿيار ڀرپور نموني سان استعمال ڪندي عوام جي ذهن ۾ وحيده شاهه کي اڳيان رکي پ پ خلاف زهر اوڳاڇو، ڪجهه نيڪ ۽ ديندار ڪالم نويسن کي ته ڄڻ نئون اشو ملي ويو هجي جن وحيده شاهه کي ڪڏهن زندگي ۾ ڏٺو ته ٺهيو پر ٻڌو به ڪين هوندو پر انهن به وحيده شاهه جي ڪردار تي وڏا وڏا مضمون لکيا ۽ گذريل مهيني کان وٺي ان سيد زادي جي جيڪا ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي جنهن جو انت خبر ناهي ڪڏهن ٿيندو پر اسان سمجهون ٿا ته وحيده شاه جي ان ننڍڙي غلطي کي بنياد بڻائي سڌو سئون پيپلز پارٽي کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پ پ خلاف نفرت جو ٻج ڇٽيو، ڇو ته پيپلز پارٽي جون هر طرف ڪاميابيون ڏسي ان فوبيائي مريضن کي جيڪا شڪست ملي رهي آهي اهي ئي پيپلز پارٽي ۽ ان جي قائدين جي ڪردار ڪشي ڪري پنهنجي اندر جي باهه کي ٿڌو ڪري رهيا آهن جن کي عوام خوب سڃاڻي ٿو.

    نوٽ: هي مضمون 17 مارچ جي اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي.
    meb_110@yahoo.com
    [/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا وحيده شاهه جي غلطي معافي لائق نه هئي؟

    اهو صحيح آهي ته وحيده شاهه جو اهو عمل سٺو ڪونه هئو۔

    کيس مليل سزا به صحيح آهي، کو ته اها عورت جيڪا اڃان اسيمبلي جي ميمبر به نه ٿي هجي ۽ اها عورتن مٿان تشدد ڪري ، اهو به ميڊيا جي سامهون ته اهڙي عمل تي کيس سزا ملڻ گهرجي۔ اها سزا ڪا قيد جي سزا ناهي پر کيس نا اهل قرار ڏنو ويو آهي ۽ هوء واقعي ئي نا اهل آهي۔

    ها اهو به سچ آهي ته پ پ پ فوبيا به عام آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي۔ ڇو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جا ڪيس خبر ناهي ڪهڙي الماڙين ۾ بند آهن ؟ پر حڪومت خلاف هر ڪيس جلدي اڪلايو وڃي ٿو۔
     
    اياز علي لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ڇا وحيده شاهه جي غلطي معافي لائق نه هئي؟

    ادا سليمان صاحب سفا دل جي ڳالھ ڪئي اٿو آئون به اھو ئي عرض ڪيان ھا جيڪو ااوھان فرمايو۔ آئون اوھان جي ڳالھ سان 100 سيڪڙو متفق آھيان۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڇا وحيده شاهه جي غلطي معافي لائق نه هئي؟

    سائين سليمان صاحب جي ڳالهه سان مان به متفق آهيان

    سدائين گڏ
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڇا وحيده شاهه جي غلطي معافي لائق نه هئي؟

    آئون محمد عيسى ڀٽو جي ڳالهين سان هڪ هزار فيصد متفق آهيان ۔ بغض ۾ ورتل ماڻهون نفرتن جا ٻچ ڇٽيندڙ ماڻهون زرد صحافت جا معمار ماڻهون وحيده شاهه جي هڪ ٿڦڙ کي ايڊٽ ڪري ڏهه دفعا ڏيکارڻ به بليڪ ميلينگ جي زمري ۾ اچي ٿومونکي هن واقعي جي ذاتي خبر آهي ته انهي ميڊيا جي نمائندي اهو شارٽ فلمبند ڪرڻ کانپوءِ وحيده شاهه کان ڳاٽي ڀڳي رقم جي گهر ڪئي هُئي انڪار تي ساري زماني ۾ وحيده شاهه کي ايترو ته بدنام ڪيو ويو جو ان جو ازالو ممڪن ئي ڪونه رهيو۔ پاڪستان جا بليڪ ميلر زنده آباد پاڪستان جا انصاف پسند جج صاحبان زنده آباد پاڪستان جي آزاد ميڊيا زنده آباد، هم آهه ڀي ڪرتي هين تو هوجاتي هين بدنام وه قتل ڀي ڪرتي هين تو چرچا نهين هوتا۔
     
  6. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا وحيده شاهه جي غلطي معافي لائق نه هئي؟

    سائين نثار ابڙو صاحب اوهان جي سر بخت جو خير،
    سائين، شيخ اياز فرمايو آجي ته

    اسان ته سمجهو بهار ايندي کڻي اسان لاءِ گلن جون جهوليون،
    پر بهار آئي کڻي اسان لاءِ گلن جي بدران هزار گوليون.

    اسان ناحق اهو سمجهي ويٺا هئا سين ته جمهوريت ايندي، آزاد ميڊيا ۽ آزاد عدليا هوندي ته معاشري منجهان سئو سيڪڙو برايون به ختم ٿي وينديون ته هر هڪ کي پنهنجا حق گهر ويٺي چائٺ اندر ملي ويندا پر الٽو ٽنهي عنصرن جي موجودگي ۾ ملڪ اندر وڌيڪ ڇڙواڳي پيدا ٿي پئي آهي. بس گهڻو لکيو ٿور سمجهندا. الله اوهان کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي اوهان پنهنجو خيال رکندا سدائين گڏ.
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا وحيده شاهه جي غلطي معافي لائق نه هئي؟

    سائين محترم عيسا ڀٽو صاحب اوهانجي دعائن جا قرب ۔۔۔ ڳائي ڳائبا ڪيترو ۔۔۔ دعائون قبول ڪرڻ کانپو اهو چئبو ته اوهان شايد مخاطب سائين نثار ناز سان آهيو، جنهن هن ڌاڳي ۾ اوهانکي جواب ڏنو آهي ۔۔۔ باقي مونکي ذاتي طور تي وحيده شاه جي ڪا خبر ناهي ته هو ڪير ۽ ڪٿي آهي؟ ها باقي کيس مون هڪ مائي کي ثڦڙون وهائيندو ڏٺو هو جيڪو مونکي هرگز به پسند ڪون آيو هو ۔۔۔ برائي ته برائي هوندي آهي، اها ٿورڙي هجي يا گهڻي يا وري ڪنهن کان به ٿي هجي ۔۔۔

    ملڪ پاڪستان ۾ ڪيترا هاڃا ٿين پيا ۔۔۔ ان جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي ۔۔۔

    پ پ پ جي حڪومت کي هميشه سنڌين پنهنجو ڪري ووٽ ڏنا آهن ۔۔۔ پر پ پ پ جيڪو سنڌ جي مفادن ۾ ڪم ڪيو آهي، اهو ته اسان سڀني جي سامهون آهي ۔۔۔

    ڪڇان ته ٿيان ڪافر ۔۔۔ انڪري ڪڇبو ڪون بس لڇبو پر زبان نه کولبي ۔۔۔
     
    اياز علي لغاري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو