جواب: امر جليل جا ڪجهه لفظ امر جليل عبدالجليل ولد عندالغني قاضي 8 نومبر 1936 تي روهڙي، سکر ۾ پيدا ٿيو. سندس ادبي نالو امر جليل اٿس. پاڻ مشهور ڪهاڻيڪار ناول نگار، ڊراما ليکڪ ۽ ڪالم نويس آهي. ابتدائي تعليم روهڙي مان پوءِ نوابشاه ، سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي مان حاصل ڪئي اٿس. پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري فيلوريڊا اسٽيٽ امريڪا مان ورتي آهي. امر جليل ڪيترن ئي عهدن تي رهي چڪو جيئن ، ريجنل مينجر ، پاڪستان براڊ ڪاسٽگ ڪارپوريشن، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو وائس چانسلر طور فائز رهيو اهي. امر جليل سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ سنڌي ڪهاڻيڪار آهي. هن ڪيئي ڪهاڻيون ، ڪتاب ۽ ڊراما لکيا جيڪي اڄ ڪتابي شڪلن ۾ موجود آهن. امر جليل هن وقت تائين ڪيترائي ايوارڊ پڻ ماڻي چڪو آهي.