• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي مشهور ليجنڊ فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

نثارناز

سينيئر رڪن

سنڌ جي ليجنڊ فنڪار مرحوم انور سولنگي جي چوٿين ورسي خوبصورت شامن جي شهر حيدرآباد جي سنڌ ميوزم ۾ ملهائي وئي

رپورٽ: نثاراحمدناز
تصويرون : اي جي فقير سمون

سنڌ سلامت جا دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي، ڪافي ڏينهن کان سنڌ سلامت جو شوبز وارو شعبو خالي خالي ان ۾ ڪا به نئين پوسٽ ڪنهن به دوست ڪٿان کان به نه موڪلي آهي، مشهور سنڌي فنڪار مرحوم انور سولنگي جنهن جي 5 اپريل 2012 تي چوٿين ورسي هُئي ، سنڌ سلامت جي محنتي ساٿي ادا محمد سليمان وساڻ انهي سلسلي۾ انور سولنگي مرحوم جي ياد ۾ سنڌ سلامت پاران هڪڙو ڪارڊ به سڀني دوستن سان ونڊيو هو، ۽ ان کان اڳ مونکي ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جي صدر مشهور فنڪار رفيق عيساڻي صاحب پڻ مرحوم انور سولنگي جي چوٿين ورسي جي سلسلي ۾ مونکي دعوت نامون ڏياري موڪليو هو جيئن ته انور سولنگي مرحوم سنڌ جو ور اسٽائل اداڪار صداڪار ۽ فنڪار هو انهي ڪري سنڌ سلامت جي شوبز واري شعبي ۾ انهي ورسي واري تقريب جو احوال ونڊڻ مون لا لازمي ٿي پيو هوسو خميس ڏينهن انهي تقريب ۾ شرڪت ڪيم ۽ سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين فقير اي جي سمون سان گڏجي انهي ساري تقريب کي ڪور ڪيم ۔پيش آهي هن تقريب جو پيرائتو احوال ۽ تصويرون​

5 اپريل 2012 خميس جي ڏينهن سنڌ جي ڀلوڙ سنڌي فنڪار مرحوم انور سولنگي جي 4 چوتين ورسي حيدرآباد سنڌ جي مشهور سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ملهائي وئي ، جنهن ۾ فلم ٽي وي اسٽيج اديبن ۽ڏات ڌڻين کان سواءِ عام خواتين ۽ حضرات وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم انور سولنگي جي فن تي ڳالهايو ۽ لفظن جي ڀيٽا ڏني. اها ورسي سنڌ جي فنڪارن جي تنظيم ڀٽائي آرٽس ڪائونسل حيدرآباد طرفان سنڌ ثقافت کاتي جي تعاون سان ملهائي۔​

هاڻ پيش آهي انهي ورسي واري تقريب جو تصويري احوال​

527184_392023467488776_100000433774756_1350087_1479640462_n.jpg

محترم رفيق عيساڻي پاران انور سولنگي مرحوم جي چوٿين ورسي جي تقريب جو موڪليل ڪارڊ

557376_3585824602491_1179567033_33620520_1342296250_n.jpg

محترم محمد سليمان وساڻ پاران موڪليل مرحوم انور سولنگي جي جيون ڪٿا جي ڪهاڻي ۽ تصوير
انور سولنگي : اداڪار، صداڪار، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار

انور سولنگي ٽي وي، فلم، اسٽيج ۽ ريڊيو جو مشهور ۽ معروف اداڪار هو . -انور سولنگي- جو جنم 1944ع ڌاري شهدادپور ۾ ٿيو . جتان پوءِ سندس خاندان حيدرآباد منتقل ٿيو . ريڊيو تي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1970ع ۾ ڪيائين ، پر سندس مشهوري 1974ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي ڊرامن جي ڪري ٿي . هو پاڪستان جي انهن چند سينيئر اداڪارن ۾ شامل ٿئي ٿو ، جن کي پنهنجي ڪردار جي سانچي... ۾ گهڙڻ ايندو هو . انور سولنگي ٽي وي ، ريڊيو ۽ اسٽيج جي 500 کان وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو . جن ۾ سنڌي ۽ -اردو- ڊراما شامل آهن . -انور سولنگي- جي مقبول ڊرامن ۾ ” راني ڪي ڪهاني “ ، ” ڇوٽي سي دنيا “ ، ” ديوارين “ ، ” جنگل “ ، ” هوائين “، انڪوائري آفيسر، آتش، پولار، ڪونج ۽ ” ماروي “ شامل آهن .

انور سولنگي ۽ مشتاق جسڪاڻي جي جوڙي مزاح ۾ هڪ سڃاڻپ بڻجي وئي، انهن جي شهرت جي سبب سنڌي فلمسازن به کين پنهنجي سنڌي ۽ اردو فلمن ۾ موقعو فراهم ڪيو. انور سولنگي ۽ مشتاق جسڪاڻي جي ”ڍولڻ ۽ مکڻ خان“ واري جوڙيءَ کي مرحوم شاهه اسد سنڌي فلم ”پرو“ ۾ انهن ئي نالن سان ڪاسٽ ڪيو. اڳتي هلي انور سولنگي کي نامور هدايتڪار نذرالاسلام اردو فلم ”خواهش“ ۾ اهم رول ڏنو، جيڪو هن خوب نڀايو.

گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته -انور سولنگي- اداڪار سان گڏوگڏ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هو . 2008ع ۾ سندس شاعري ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ” زهر ڀريا پيالا “ ڇپيو . انور سولنگي جي اداڪاري ۾ حقيقت جا رنگ نظر ايندا هئا ۽ سندس لفظن جي ادائگي به خوب هئي. کيس ٻه دفعا پي ٽي وي جو بيسٽ ايڪٽر اوارڊ پڻ مليو.

-انور- جي پنهنجي ڪهاڻي پاڪستان جي اڪثر فنڪارن جي ڪهاڻين کان مختلف نه هئي . فنڪارن جي قدرداني نه هجڻ ڪري هو هڪ حد تائين غير مطمئن هوندو هو ، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس اها خبر هجي ها ته فنڪارن سان اهڙو سلوڪ ٿو ٿئي ته هو ڪڏهن به اداڪار نه ٿئي ها .
انور سولنگي 4 -اپريل- 2008ع تي 64 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ گذاري ويو ۽ کيس سخي حسن قبرستان ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو .​

561852_10150738607798216_794048215_9612637_87624469_n.jpg

ڀٽائي آرٽس ڪائونسل حيدرآباد جو صدر محترم رفيق عيساڻي ليجنڊ فنڪار مرحوم انور سولنگي جي شخصيت ۽ فن مطعلق ڳالهائي رهيو آهي

559556_10150738599378216_794048215_9612567_1914055705_n.jpg

فرينڊز آرگنائيزيشن حيدرآباد جو صدر محترم شفيع چانڊيو انور سولنگي جي فني سفر ۽ شخصيت جي باري ۾ ڳالهائي رهيو آهي جڏهن ته اسٽيج تي هڪ وڏو پينا فليڪس بينر آويزان آهي

536424_10150739638618216_794048215_9617862_480213708_n.jpg

اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ادا ڪندڙ سنڌي نياڻي ورسي جي تقريب جي ڪاروائي هلائي رهي آهي

579230_10150739639708216_794048215_9617868_1628166769_n.jpg

مشهور فنڪار جيڪو هميشهه باگڙي جو ڪردار ادا ڪندو آهي مرحوم انور سولنگي کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي

575195_10150739650253216_794048215_9617927_1144536844_n.jpg

مشهور سنڌي مزاحيه فنڪار قادر بخش مٺو مرحوم انور سولنگي جون ساروڻيون شريڪ ٿيندڙن سان ونڊي رهيو آهي

554042_10150739688998216_794048215_9618080_1308942868_n.jpg

سنڌ مشهور فنڪاره (وڏيري سڪينه) نوشين شيخ انور سولنگي مرحوم جي باري ۾ ساروڻيون ٻُڌائي رهي آهي(رپورٽ نثاراحمدناز تصويرون : اي جي فقير سمون)

295071_10150739689248216_794048215_9618081_196016401_n.jpg

محترم رفيق عيساڻي صاحب کي لکين شاباسون جو هُن سنڌ جي عوامي فنڪار مرحوم انور سولنگي جي چوٿين ورسي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي مرحوم کي خراج تحسين پيش ڪيو

543504_10150739689473216_794048215_9618084_1315256944_n.jpg

سنڌ جو جهونو ۽ پنهنجي انداز جو مالڪ فنڪار مرحوم انور سولنگي کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي​
 
جواب: سنڌ جي مشهور ليجنڊ فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

ڪجهه وڌيڪ تصويرون

529859_10150738610238216_794048215_9612663_978497900_n.jpg

ٻه مهمان سنڌي ناريون هن ورسي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيون


549434_10150738605643216_794048215_9612613_1446438127_n.jpg

سنڌ جا ٻه مشهور فنڪار هن ورسي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيا

551972_10150739682768216_794048215_9618066_1787960948_n.jpg

سنڌي فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ۾ شريڪ ٿيندڙ خواتين ۽ حضرات

540664_10150739682988216_794048215_9618067_1792226603_n.jpg

اي جي فقير سمون اڪيلي ناري جي تصوير ڪڍڻ جو ڪاريگر آهي توهان ڏسي سگهو ٿا

549440_10150739682283216_794048215_9618064_1395392611_n.jpg

ٻارن کان سوا دنيا جي ڪابه تقريب سجندي ئي ڪانهي ٻه معصوم سنڌي نياڻيون هن ورسي واري تقريب جي سُونهن کي چار چنڊ لڳائي رهيون هيون

383450_10150738697393216_794048215_9612879_1327090559_n.jpg

اسان جو دوست آزاد گوپانگ ۽ مهراڻ ٽي وي جو انڪر پرسن حسين خاصخلي ساٿ ساٿ آهن

534525_10150738685618216_794048215_9612857_1857224998_n.jpg


529899_10150739689838216_794048215_9618085_1799922421_n.jpg


399121_10150739681398216_794048215_9618061_1067527399_n.jpg


392375_10150739673168216_794048215_9618050_1496759947_n.jpg

هن ورسي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ خواتين ۽ حضرات​
 
جواب: سنڌ جي مشهور ليجنڊ فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

محترم رفيق عيساڻي صاحب کي لکين شاباسون جو هُن سنڌ جي عوامي فنڪار مرحوم انور سولنگي جي چوٿين ورسي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي مرحوم کي خراج تحسين پيش ڪيو
 
جواب: سنڌ جي مشهور ليجنڊ فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

محترم رفيق عيساڻي صاحب کي لکين شاباسون جو هُن سنڌ جي عوامي فنڪار مرحوم انور سولنگي جي چوٿين ورسي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي مرحوم کي خراج تحسين پيش ڪيو

ادا عبدالواحد سومرا توهان جون شاباسون موبائل فون ذريعي هينئر هينئر محترم رفيق عيساڻي تائين پهچائي ڇڏيون اٿم ۽ رفيق عيساڻي صاحب توهان جا ٿورا مڃيا آهن ۔
 
جواب: سنڌ جي مشهور ليجنڊ فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

مرحوم انور سولنگي جيڪو به ڪردار ڪندو هو سو حقيقت جي بلڪل ويجهو هوندو هو۔ هڪ ورسٽائيل اداڪار هجڻ سان گڏ سٺي آواز جو مالڪ ۽ شاعريء جا رنگ وکيريندڙ ماڻهو هو۔

دوستن کي شاباسون هجن جن کيس سندس ورسيء تي ياد رکيو ۽ اوهان کي به جس هجي جو اوهان هن پروگرام جي رپورٽنگ سهڻي انداز سان ڪئي آهي۔
 
جواب: سنڌ جي مشهور ليجنڊ فنڪار انور سولنگي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

مرحوم انور سولنگي جيڪو به ڪردار ڪندو هو سو حقيقت جي بلڪل ويجهو هوندو هو۔ هڪ ورسٽائيل اداڪار هجڻ سان گڏ سٺي آواز جو مالڪ ۽ شاعريء جا رنگ وکيريندڙ ماڻهو هو۔

دوستن کي شاباسون هجن جن کيس سندس ورسيء تي ياد رکيو ۽ اوهان کي به جس هجي جو اوهان هن پروگرام جي رپورٽنگ سهڻي انداز سان ڪئي آهي۔

محترم سليمان وساڻ توهان جون شاباسون ڌُر ڌڻين تائين پهچايون ويون آهن جن مرحوم انور سولنگي جي ياد کي دل ۾ سمايو ۽ سندس ياد ۾ هن ورسي جو اهتمام ڪيو، باقي اسان جي رپورٽنگ اسان جي فرضن ۾ شامل آهن ته سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي هر اها ڳالهه پهچائجي جنهن ۾ سنڌي ڏات ڌڻين، سنڌي فنڪارن، سنڌي دودن سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن جي همت افزائي ٿيل هُجي حوصلا افزائي ٿيل هُجي، مڃتا ٿيل هُجي۔ انشاالله پنهنجو اهو فرض سنڌ سلامت لا جيستائين سسئي ۾ ساهه آهي نڀائيندو رهندس۔ لک لائق توهان جا جو مون مسڪين جي حوصلا افزائي ۽ همت افزائي سُٺن لفظن ۾ ڪرين ٿو۔
 
Back
Top