http://i43.tinypic.com/2mqmhwo.jpg . قديم زماني کان ذرخيز سنڌ ڌرتي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ جو مرڪز رهي آهي. انهي قديم تاريخ جو اندازو موئن جي دڙي جي قديم آثارن مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي قوم پهنجي ثقافت، تهذيب، ڀائيچاري، مهمان نوازي ۽ بهادري سان سُڃاتي وڃي ٿي، سنڌي قوم جي لباس ۾ اجرڪ کي هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. انهي ڳالهه جو اندازو پنج هزار سال قديم موئن جي دڙي جي آثارن مان نڪتل هڪ بادشاهه جي مجسمي مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن کي هڪ خاص قسم جي پوتِي اوڍيل هئي، جنهن کي پاڻ اجرڪ جي سڀ کان پهرين اصل حالت يا شڪل چئي سگھون ٿا. ڇو ته انهي جو رنگ، خاڪو ۽ مڪمل ٻاهريون نقشو اجرڪ جي نقشي سان گهڻي قدر مشابهت رکي ٿو. قديم عربي ادب ۾ اجرڪ کي "ازرڪ" چيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي "نِيلو" ۽ قُرآن ڪريم ۾ وري "ال جرڪ" نالي سان ذڪر ٿيل آهي. مصري پهنجي مَمِي(سانڊيل لاشو) کي سوٽي ڪپڙي ۾ ويڙهيندا هئا جيڪو سنڌ کان گھرايو ويندو هو. جنهن کي هُو "سنڌِهن" ڪري چوندا هئا. پهرين ايراني بادشاه "دارا" جي تاج پوشي جي موقعي تي هن کي سنڌي اجرڪ ۽ لباس پيش ڪيو ويو هو. بنيادي طرح سان اجرڪ جا چار رنگ آهن ڳاڙهو، نِيلو، اڇو ۽ ڪارو. اجرڪ جو تَر (وچيون حصو) نِيلو يا ڳاڙهو، پاسن کان هاشيون ڪاريون ۽ چِٽ گُل اڇي رنگ جا هوندا آهن. اجرڪ جي اها خصوصيت آهي ته ان کي هر موسم ۾ اوڍيو ويندو آهي، سنڌي ماڻهو پهنجي وڏن، پيارن ۽ خصوصن مهمانن کي اجرڪ سُوکڙي طور ڏئي پيار، محبت ۽ مهمان نوازي جو اظهار ڪندا آهن. اڄڪلهه وري شرٽون، ٽايون، عورتن جو لباس، کٽ جون چادرون، پردا اجرڪ جي ڇاپي مان تيار ڪيا وڃن ٿا. ا اجرڪ جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ رنگ ۽ شيون ٻَٻَر جو کنئور، اُٺ جي لِڏ (ڇيڻو)، چانورن جو اٽو، ڦِٽڪي، چن، ھيراڪس، ميٽ، تيل، الِيجر،اينيديڪو، نير، ڳڙ، ھيڊرو، ساڪڻ، اٽي جي لئيِ، کار بليچنگ پائوڊر، واڱڻائي رنگ وغيره اجرڪ جي تياري ۾ استعمال ٿيندا آهن ان کان علاوه قدرتي سج جي روشني ۽ خصوصن وڏي پاڻي واري جڳهه تلاءُ، واهه، ڍنڍ وغيره جنهن ۾ اجرڪ کي ٻوڙي ڌوتو ويندو آهي. انگريزن جي دور کان پهرين سنڌي تيل، رنگ ۽ ٻيا ڪيميڪل جڙي ٻوٽين مان پاڻ تيار ڪندا هئا، پر اڄڪلهه اهي هڙئي ڪيميڪل انڊيا، جرمني ۽ فرانس مان گهرايا ويندا آهن. هڪ ٻيو ڪيميڪل واڱڻائي رنگ (انڊِيگو) جيڪو اجرڪ رڱڻ ۾ ڪم ايندو آهي جرمني مان گھرايو ويندو آهي. جڏهن ته 17 صدي ۾ سيوهڻ شهر انهي ڪيميڪل جي تياري جو وڏو مرڪز هو. تاريخ مان پتو پئي ٿو ته آڪٽوبر 1613 عيسوي ۾ انگريز واپاري "نڪولس واشنگٽن" اِيسٽ انڊيا ڪمپني جي طرفان انڊِيگوخريد ڪرڻ لاءِ سيوهڻ موڪليو ويو هو. ا
جواب: اجرڪ اجرڪ بابت انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل مضمون پيش آهي: [JUSTIFY] اجرڪ: هڪ قسم جي رڱيل ۽ ڇريل ، دَٻڪن ۽ چِٽن واري چادر ، جيڪا خاص طور سنڌ ۾ -اوڇڻ- طور پائڻ ، ڪُلهن تي ڪرڻ ، جسم تي ويڙهڻ ، پٽڪي يا گوڏ ٻڌڻ لاءِ استعمال ٿئي . -اجرڪ- سنڌ جي قديم ثقافتي سڃاڻپ آهي . موهن جي دڙي جا آثار ٻڌائين ٿا ته -ان- وقت به سنڌ ۾ -اجرڪ- جو ڪم ٿيندو هو . دڙي مان لڌل پروهت جي مورتيءَ تي جيڪو گلن جو دوشالو آهي ، انهيءَ تي واضح نموني جيڪا ڇُر آهي ، اها ’ ڪَڪَر واري -اجرڪ- ‘ جي ’ پور ‘ واري آهي ، جيڪا ڇُر اڄ به هلندڙ آهي . هندستان جي ورهاڱي کان پهرين -اجرڪ- تمام گهڻي تعداد ۾ ٺهندي هئي . -ان- وقت ملاڪاتيار ، سعيدپور ، تلهار ، ٽنڊي محمد خان ، -ٻهڊمي- ، -بدين- ، خانپور ، ٽِکڙ ۽ ڏندي ۾ -اجرڪ- جو ڪم ٿيندو هو . ٺٽي ۾ ته اڍائي ٽي سئو کن ڪارخانا هوندا هئا . سجاول ، ميرپور بٺوري ، مٽياريءَ ، سهتن ، ڀٽ شاهه ، ٽنڊي آدم ، ٽنڊي فضل ۽ هوسڙيءَ ۾ اهو ڪم تمام گهڻو ٿيندو هو . هن وقت مٽياري ۽ ٽنڊو محمد خان ٻه اهم مرڪز باقي وڃي رهيا آهن . -ان- کان سواءِ ڀٽ شاهه ۽ سهتا ۾ به ڪم ٿئي ٿو . کيبر ، سيکاٽ ۽ سعيدپور ۾ به هڪ اڌ ڪارخانو آهي . ماتليءَ ۾ پنج ڪارخانا ڪم ڪن پيا . -ان- کان سواءِ وَسِي ملوڪ شاهه ، ڀينڊي شريف ، سن ، سکر ، هالا ۽ ٺٽي ۾ به -اجرڪ- سازيءَ جو ڪم ٿي رهيو آهي . مٿين علائقن ۾ -اجرڪ- جي ٻنهين پاسي ڇُر وارو ڪم ٿئي ٿو . هندستان جي علائقن: -بيڪانير- ، سوجت ، چاڻوت ۽ داليءَ وارن علائقن ۾ به هن وقت -اجرڪ- جو ڪم جاري آهي ، پر اتي ڪچي رنگ وارو ڪم ٿئي ٿو ، جيئن مٺيءَ ، ڏيپلي ، ڇاڇري ، ننگرپارڪر ۽ ٿر جي ٻين علائقن ۾ ٿئي ٿو . ڪنهن وقت ۾ دادو ضلعي جي ’ مانجهند ‘ شهر ۾ به هڪ پُڙيون اجرڪون ڇُربيون هيون ، پر هاڻي اتي اُهو ڪم بنهه ڪونه ٿئي . -اجرڪ- جو ڪم درياهن ، ندين ۽ واهن جي ڪنارن ۽ ٿوريءَ سخت هوا وارن علائقن ۾ ٿيندو آهي . اجرڪ پنهنجي پورن ، ٺپن ۽ رنگن سبب مشهور آهي . لطيف سائين ’ پور ‘ ۽ ڇُر جي اهميت کي هن طرح واضح ڪيو آهي: ’ ڇوريون ڇُرڻ سکيون ، پنهون ڪيائون پور ‘ . اجرڪ جا پور سوين قسمن جا آهن ، جن ۾ چڪي ، ڇانڀ ، ڇلو ، عشق پيچ ، موتين جڙيو ، گُڏڙي ، چوداڻ ، ڪڪر ، مهراڻ ، قلمدان ، ڪاشي ، ونگو ، -بادام- ، ڏاڙهونءَ گل ، جليب ، ڊسڪو ، فورِاسٽار ، نارو ، وٽ ، هانشو ، -ٻري- ، کارڪ ، مداخل ، ٻوٽو ، ريال ، غاليچو وغيره شامل آهن . هن وقت سنڌ ۾ -اجرڪ- جا هيٺيان وَر هلندڙ آهن: ڪڪر ، دٻلي ( آڳاٽو ۽ اصل نالو: چَڪي ) ، -بادام- ، حاشيو ، ول ( ٽي قسم: وڏي ول ، پوپٽي وَل ۽ ننڍي ول ) ، کارڪ ، جليب ، غاليچو ، چوداڻ ، گُڏڙي ، مداخل ، ٻوٽو ، ريال ، عشق پيچ ، مُهر ، ڇلو ( جنهن جو اصل نالو ’ سرڪاري ‘ آهي ) ، ۽ قلمدان . هاڻوڪي دؤر ۾ جيڪي اجرڪون تيار ٿين ٿيون ، انهن جا ٻه قسم آهن: هڪ اها -اجرڪ- ، جيڪا روايتي انداز ۾ تيار ڪئي وڃي ٿي ، جنهن تي ’ ڇر ‘ جو ڪم ٿيندو آهي ۽ اها مختلف مرحلن مان گذرندي لڳ ڀڳ مهيني کن ۾ تيار ٿئي ٿي . ٻي -اجرڪ- ، جيڪا مارڪيٽ ۾ دستياب آهي ، اها مشينن تي ٺهندي آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ پنج سئو کان هزار جي تعداد ۾ تيار ٿئي ٿي . -اجرڪ- هڪ شيءِ جو نالو ڪونهي ، پر اها رڱاوت ، جيڪا محنت ۾ ٺهي ، -ان- کي اسين ’ -اجرڪ- ‘ چوندا آهيون ، انهيءَ ۾ ٻانڌڻا ، -بگ- ، ملير ، جُهميون ، چُنيون ، لسا به آهن ، جيڪي اجرڪن جا مختلف نمونا آهن . اجرڪ 16 مختلف مرحلن مان گذري تيار ٿيندي آهي . پهرين ڪپڙو ورتو وڃي ٿو ، -ان- بعد ڪپڙي جا پنج پنج ميٽر جا ٽڪرا ڦاڙي سوڍا کار ۾ ٻوڙو ڏيئي ، کنڀ چاڙهيو ويندو آهي . -ان- بعد ڪپڙي کي لاهي کنڀ کي ڌوتو ويندو آهي . بعد ۾ -ان- ۾ ساجُهه وجهبو آهي . ساجهه ۾ صابڻ ، کارو تيل ۽ هيرڻ جو تيل استعمال ٿيندو آهي . -ان- کان پوءِ ساجهه ڌوئڻ جو مرحلو ايندو آهي . -ان- بعد ’ ڪسائيءَ ‘ جو مرحلو آهي ، جنهن ۾ صابڻ ، هيرڻ جي تيل ۽ سڪل ليمن مان هڪ محلول ٺاهيو ويندو آهي . -ان- بعد -اجرڪ- ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ ايندي آهي . پهرئين مرحلي ۾ اصل جي ڇُرَ ٿيندي آهي . -ان- بعد ’ ڪٽ ‘ جو مرحلو ايندو آهي . تنهن کان پوءِ ’ کڙ ‘ جو ڪم ٿئي ٿو . اُن بعد پڙو ڪُنِ ۾ ٻوڙبو آهي . ڪُن ۾ ٻوڙڻ بعد اها -اجرڪ- وري ڇرجڻ ويندي آهي ، جنهن کان پوءِ -ان- کي رڱيو ويندو آهي . رڱڻ کان پوءِ مَنهڻ جو مرحلو اچي ٿو ، -ان- بعد مينا جو ڪم ٿيندو آهي . مينا جي مرحلي دوران وري مٿس ڇُر ٿيندي آهي . آخر ۾ -ان- کي انڊيگو ( گُليءَ ) ۾ ٻوڙيو ويندو آهي ، جنهن بعد وڃي -اجرڪ- تيار ٿيندي آهي . 5 ميٽرن واريءَ -اجرڪ- تي 5 هزار 9 سئو دفعا ٻنهي پاسن کان رڳو ٺپا هنيا وڃن ٿا . -اجرڪ- جي رزلٽ لاءِ 28 ، 30 ڏينهن انتظار ڪرڻو پوي ٿو . هيءُ تمام ڏکيو هنر آهي . سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ ۾ هن هنر جا ڪئين ڪاريگر پيدا ٿيا هوندا ، پر وقت جي وهڪري انهن نالن کي محفوظ نه رکيو . بهرحال ويجهڙ واري دؤر ۾ هيٺين ڪاريگرن جا نالا معلوم ٿيا آهن: الهڏنو سومرو کٽي ، ڀليڏنو سومرو کٽي ، حاجي جمعو ۽ يعقوب لٽائي ، ويٺل وسي ملوڪ شاهه ( ٽکڙ جا ) ، جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڪاريگر هئا . حاجي عثمان ۽ طاهر محمد ، ٻئي ڀائر مٽيارين جا هئا . سعيدپور جي مَنُو کٽيءَ ، وڏي عمر ۾ وفات ڪئي . سندس پٽ حاجي وريل ۽ محمد عيسو به سٺا ڪاريگر ٿي گذريا آهن . حاجي وڪيو شاهه ڪاريگر هو ، جنهن مٽيءَ جي پورن سان ڪم ڪيو ، ڪاٺ جا پور پوءِ ٺهرايائين . ڀينڊي جو گل محمد سومرو کٽي ، سيکاٽ جو حاجي صالح کٽي سومرو ۽ ماتليءَ جو محمد حسن ، گذاري ويا . واري تڙ ، سکر جو ڪاريگر محمد صالح سومرو ، 1999ع ۾ گذاري ويو ، جيڪو مشهور شاعر ادل سومري جو والد هو . مشهور ڪاريگرن ۾ ، مٽيارين جو -بچل- ’ -بمبئي- ‘ ، ڪم جي سهڻائيءَ ۽ تيزيءَ سبب -بمبئي- نالو پيس . کيبرن جا محمد صديق سهتو ۽ حاجي عثمان ، . سيکاٽ ۾ محمد يونس کٽي سومرو ، ٽنڊي محمد خان ۾ حاجي ڀليڏنو ، حاجي لکاڏنو ۽ حاجي محمد شفيع ماتليءَ ۾ هاڻي محمد حسن جو پٽ محمد عثمان ڪم ڪندو آهي . ڪي هندو جاتيءَ جا ماڻهو به اڳ ۾ -اجرڪ- ڇُرڻ جو ڪم ڪندا هئا ، جن مان ڪي هالا ۾ رهندا هئا ، جيڪي ڪجهه سال اڳ لڏي ڀارت هليا ويا ، جن ۾ واسو مل ، دولهه ڏنو مل ، مينگهومل ، ڪيول مل ۽ ڀڳڙي مل جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا . مٺيءَ ۾ کتري هندو -اجرڪ- جو ڪم ڪن ٿا ، جن ۾ نٿو مل کتري هن وقت ڪاريگر ليکيو وڃي ٿو .[/JUSTIFY] اجرڪ جي شان ۽ تاريخ بابت مولانا اصغر درس جا خيال