Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
http://i43.tinypic.com/2mqmhwo.jpg
.
قديم زماني کان ذرخيز سنڌ ڌرتي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ جو مرڪز رهي آهي. انهي قديم تاريخ جو اندازو موئن جي دڙي جي قديم آثارن مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي قوم پهنجي ثقافت، تهذيب، ڀائيچاري، مهمان نوازي ۽ بهادري سان سُڃاتي وڃي ٿي، سنڌي قوم جي لباس ۾ اجرڪ کي هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. انهي ڳالهه جو اندازو پنج هزار سال قديم موئن جي دڙي جي آثارن مان نڪتل هڪ بادشاهه جي مجسمي مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن کي هڪ خاص قسم جي پوتِي اوڍيل هئي، جنهن کي پاڻ اجرڪ جي سڀ کان پهرين اصل حالت يا شڪل چئي سگھون ٿا. ڇو ته انهي جو رنگ، خاڪو ۽ مڪمل ٻاهريون نقشو اجرڪ جي نقشي سان گهڻي قدر مشابهت رکي ٿو. قديم عربي ادب ۾ اجرڪ کي "ازرڪ" چيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي "نِيلو" ۽ قُرآن ڪريم ۾ وري "ال جرڪ" نالي سان ذڪر ٿيل آهي. مصري پهنجي مَمِي(سانڊيل لاشو) کي سوٽي ڪپڙي ۾ ويڙهيندا هئا جيڪو سنڌ کان گھرايو ويندو هو. جنهن کي هُو "سنڌِهن" ڪري چوندا هئا. پهرين ايراني بادشاه "دارا" جي تاج پوشي جي موقعي تي هن کي سنڌي اجرڪ ۽ لباس پيش ڪيو ويو هو. بنيادي طرح سان اجرڪ جا چار رنگ آهن ڳاڙهو، نِيلو، اڇو ۽ ڪارو. اجرڪ جو تَر (وچيون حصو) نِيلو يا ڳاڙهو، پاسن کان هاشيون ڪاريون ۽ چِٽ گُل اڇي رنگ جا هوندا آهن. اجرڪ جي اها خصوصيت آهي ته ان کي هر موسم ۾ اوڍيو ويندو آهي، سنڌي ماڻهو پهنجي وڏن، پيارن ۽ خصوصن مهمانن کي اجرڪ سُوکڙي طور ڏئي پيار، محبت ۽ مهمان نوازي جو اظهار ڪندا آهن. اڄڪلهه وري شرٽون، ٽايون، عورتن جو لباس، کٽ جون چادرون، پردا اجرڪ جي ڇاپي مان تيار ڪيا وڃن ٿا. ا
اجرڪ جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ رنگ ۽ شيون
ٻَٻَر جو کنئور، اُٺ جي لِڏ (ڇيڻو)، چانورن جو اٽو، ڦِٽڪي، چن، ھيراڪس، ميٽ، تيل، الِيجر،اينيديڪو، نير، ڳڙ، ھيڊرو، ساڪڻ، اٽي جي لئيِ، کار بليچنگ پائوڊر، واڱڻائي رنگ وغيره اجرڪ جي تياري ۾ استعمال ٿيندا آهن ان کان علاوه قدرتي سج جي روشني ۽ خصوصن وڏي پاڻي واري جڳهه تلاءُ، واهه، ڍنڍ وغيره جنهن ۾ اجرڪ کي ٻوڙي ڌوتو ويندو آهي. انگريزن جي دور کان پهرين سنڌي تيل، رنگ ۽ ٻيا ڪيميڪل جڙي ٻوٽين مان پاڻ تيار ڪندا هئا، پر اڄڪلهه اهي هڙئي ڪيميڪل انڊيا، جرمني ۽ فرانس مان گهرايا ويندا آهن. هڪ ٻيو ڪيميڪل واڱڻائي رنگ (انڊِيگو) جيڪو اجرڪ رڱڻ ۾ ڪم ايندو آهي جرمني مان گھرايو ويندو آهي. جڏهن ته 17 صدي ۾ سيوهڻ شهر انهي ڪيميڪل جي تياري جو وڏو مرڪز هو. تاريخ مان پتو پئي ٿو ته آڪٽوبر 1613 عيسوي ۾ انگريز واپاري "نڪولس واشنگٽن" اِيسٽ انڊيا ڪمپني جي طرفان انڊِيگوخريد ڪرڻ لاءِ سيوهڻ موڪليو ويو هو. ا