تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جي ذري گهٽ سموري انتظاميه خوبصورت شامن جي شهر حيدرآباد ۾ سنڌ سلامت جي سينئر ميمبر امين سمون جي جا تي گڏ ٿي ۽ انهي سنڌ سلامت جي ٽيم ۾ سنڌ مشهور شاعره زيب نظاماڻي صاحبه به شامل ٿي وئي هڪڙو غير رسمي سنڌ سلامت جو اجلاس به ٿيو اجلاس جي پُڄاڻي کان پو هڪڙي پرتڪلف مانجهاندي جو اهتمام سنڌ سلامت جي محبتي دوستن لا محترم امين سمون ڪيو۔ پيش آهن انهي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيندڙ سنڌ سلامت جي محبتي دوستن جون تصويرون جيڪي پوري هڪ مهيني کان پواڄ شام جي 4 وڳي مونکي ادا امين سمون ٽيگ ڪيون [/JUSTIFY]

    تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا​


    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو منتظم محترم عبدالرشيد سمون تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيو آهي پاسي ۾ ادا امين سمون وڏن وارن وارو

    [​IMG]
    واهه واهه يڪا سارا ٽي سمان هڪڙو عبدالرشيد سمون ، ٻيو محمد امين سمون ۽ ٽيونثاراحمدناز سمون

    [​IMG]
    هم سا هو تو سامني آئي

    [​IMG]
    هڪڙو غلام مرتضى وساڻ ، ٻيو سائين رحيم بخش ڏاهري ٽيون اسان جو شهزادو محمد سليمان وساڻ چوٿون : مستن تي ناهي ميار او يار اسان جو مست سائين اسد حُسيني ڄامشورائي سيوهاڻي

    [​IMG]
    غلام مرتضى وساڻ سائين رحيم بخش ڏاهري، ادا محمد سليمان وسان ، مست اسد حُسيني ڄامشورائي سيوهاڻي ۽ ابو واصف آف حيدرآباد

    [​IMG]
    هنن همراهن مان ابو واصف پڌرو آهي هڪڙو ادو نظاماڻي ۽ باقي ٻين دوستن جا نالا ڀلجي ويو آهيان معاف ڪجو پوڙهو جهونو مڙس آهيان ياداشت ڌوڙ ٿي وئي آهي منهنجي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    کانا مليگا پينا مليگا امين سمون ادا ڪا لنچ هي سڀ ڪجهه مليگا​
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

    ادا نثار ناز صاحب اسلام عليڪم۔حسب روايت دوستن جي ڪچهري جا مرڪندڙ رنگ تصويرن جي ذريعي اسان سان ونڍ ڪري،ڪجه نوان مهربانين جي چهرن کان اسان کي روشناس ڪري ،هڪ دفعو وري توهان هڪ سٺو عمل ڪيو آهي ،جنهن جي جيتري به واکاڻ ڪجي گهٽ آهي۔ادا سائين توهانجي لائيو رننگ ڪمينٽري هن ڪچهري جي باري ۾ جو شدت سان انتظار آهي،دوستن جي چهرن جون مسڪراهٽون ٻڌائي رهيون آهن ته ان ڪچهري جو موضعو تمام سٺو هئو،وڌيڪ توهان تفصيل ٻڌائيندا ته مهربانيون ٿئي وينديون۔
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

    بس اسان بي خبر رھياسين ان جو افسوس آھي۔
    شايد اسان سنڌ سلامت جي سٿ ۾ نه آھيون
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

    محترم غلام مصطفى ميمڻ صاحب توهان جون مهربانيون جو اسان جي موڪليل هر پوسٽ توهان جي نظر مان گُذرندي آهي ۽ توهان پسند ڪرڻ به فرمائيندا آهيو، ادا مون هن رپورٽ کي لائيو تقريبن ٽن چئن پيجن ۾ سنڌ سلامت جي ايڊيٽر تان سهيڙيو هو پر واءِ قسمت جو بجلي هلي وئي ۽ منهنجي رننگ ڪامينٽري ختم ٿي وئي ، منهنجي الائي سُٺي يا بُري عادت آهي جو آئون ڪاپي ۽ ڪٽ پيسٽ جو قائل ڪڏهن ڪونه رهيو آهيان جيڪو به ذهن ۾ ايندو آهي حقيقتن کي آن اسپاٽ لائيو لکندو ويندو آهيان، سو بجلي جي وڃڻ جي ڪري هن پوسٽ جي لائيو ڪامينٽري ڊيليٽ ٿي وئي نتيجي ۾ هاڻي جهڙو هن پوسٽ تي پهرين لکيو هُئم لکي نٿو سگهان ان ڪري هن پوسٽ تي لاکيڻي لطيف جي بيت :

    ڪنول پاڙون پاتار ۾ ڀنور ڀري آڪاس،
    ٻنهي سندي ڳالهڙِي رازق آندي راس،
    تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

    جي آخري سِٽَ کڻي پنهنجي هن ونڊ کي مڪمل ڪيم، ادا مصطفى ڪڏهن ڪڏهن تصويرون ڏسڻ سان به گهڻيون ڪهاڻيُون جُڙي پونديون آهن، انهن تصويرن مان توهان ڪجهه اندازو لڳايو آهي ۽ ڪجهه توهان کي مان ٿو ٻُڌائي ڇڏيان ته جڏهن محبتي هڪڙي جاءِ تي مڙندا آهن ته وفا جون خلوص جون سوين ڪهاڻيون جُڙي پونديون آهن ۔ بس هن گُڏجاڻيءَ ۾ صرف پيار ورهايو ويو هو محبت هڪ ٻئي کي ارپي وئي هُئي ۔ الله سائين توهان کي سدا سلامت رکي جو اسان جي ونڊن تي پنهنجا مفيد رايا ڏيو ٿا۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

    ادا عبدالواحد سومرا اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي توهان اسان جي سٿ ۾ بلڪل آهيو، هن گڏجاڻيءَ ۾ توهان نه هُئا ته ڇا ٿيو زندگي ۾ سنڌ سلامت جي محبتي ساٿين جون اهڙيون ڪئين گڏجاڻيون ضرور اينديون ۽ ڪٿي نه ڪٿي توهان جو محبتي ساٿ انهيءَ گُڏجاڻي ۾ ضرور اسان سان شامل حال هوندو۔ الله سائين سدائين توهان کي آباد رکي سدائين شاد رکي آمين۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

    محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
    انهيء جي ويڙهي، پاڻ ئي ايندو بادشاهه


    سائين نثار ناز سلام

    اصل ۾ مان ڪالهه کان انڪري پنهنجو رايو ناهي ڏنو جو مونکي گڏجاڻي جي تفصيلن ۽ تفصيلي رپورٽ جو انتظار هو۔ پر هاڻي لڳي ٿو پنهنجي راء ڏيڻي پوندي۔ ان ڏينهن حيدرآباد ۽ هالا جي دوستن سان ملي تمام گهني خوشي ٿي۔ دوست پري پري کان آيا ۽ وري اتي ئي محترمه زيب نظاماڻي جون ڳالهيون ۽ اوهان دوستن جا رايا ۽ فورم جي ترقي ۽ بهتري لاء دوستن جون صلاحون سڀ ونيون۔ جيتونيڪ اها ميٽنگ اچانڪ ۽ غير رسمي هئي جنهڪري اسان جي هالا جي دوستن اسان جو گهڻو انتظار ڪيو پر سنڌ سلامت لاء خوبصورت ڳالهيون ٿيون ۽ وقت جو احساس ئي نه رهيو۔

    ادا امين سمون جي مهمان نوازي جو ذڪر نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي۔ سندس پاران ڪيل پر تڪلف مانجهاندو ۽ سندس پيار سدائين ياد رهندو۔ اهڙيون گڏجاڻيون نه صرف اسان کي ملائين ٿيو ۽ محبتون وڌائن ٿيون پر ان سان گڏ فورم ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي لاء به اهم ڳالهيون ٿين ٿيون۔ سڀني دوستن کي جس هجي جن وقت ڏنو ۽ ميزبان دوستن جا به ٿورا جن سمورو وقت سڪ ۽ محبت سان پنهنجائپ وارو ماحول برقرار رکيو۔

    مونکي هڪ خوشي اها به ٿي جو هڪ دفعو وري اسان فورم جي ٻنهي اعلا شخصيتن سائين نثار ناز ۽ رشيد سمون جي ڳالهين مان گهڻو ڪجهه پرايو۔ اميد ته اهڙا سلسلا جاري رهندا۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔۔ سڪ سلامت ساٿ سلامت سنڌ سلامت
     
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

    سائين مونکي به هن سٿ ۾ شامل ڪيو ته لک قرب سٍڄڻن جا۔۔ سدائين گڏ
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

    دوستن جي وڏي مهرباني جن اندازي کان وڌيڪ آڌرڀاء ڪيو۔۔۔
    حيدرآباد وزٽ جو خاص مقصد محترم نثار ناز سان سندن سس جي وفات تي تعزيت مقصود هيو ۔۔ ۽ انهي ساڳي موقعي ته ادا سليمان وساڻ جي والد جي وفات تي ڪجهه دوستن کي پڻ تعزيت ڪرڻي هئي۔۔
    دعا کانپوءِ سمورن دوستن کي هڪ هنڌ ڏسي سائنڻ زيب سنڌي جن سنڌ سلامت جي سالگره جيڪا 15 اپريل تي ٿيڻي آهي بابت ويچار ٿي پڇيا۔۔ جيئن ته انتظامي رڪن موجود هئا ان ڪري خيال ۽ دوستن جي اظهار کي ترتيب ۾ آڻي سائين نثار ناز هڪ گڏجاڻي جي رنگ ۾ آڻي ڇڏيو۔۔۔
    سمورن دوستن جي خيالن کان آگاهي ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه فيصلا به ٿيا ۽ اڳتي جي لائحه عمل بابت به ڪجهه بيان ٿيا۔۔۔

    ادا امين سمون ٿوري وقت ۾ پر تڪلف مانجهاندي جو بهترين انتظام ڪري سچ به ته حيران ڪري ڇڏيو۔۔۔ سندس ٿورا ڳائڻ جهڙا چئبا۔۔۔
     
  9. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

    بهترين گڏجاڻي ۽ سنگت کي گڏ ڏسي دل باغ باغ ٿي وئي
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

    سدا سلامت رهن سڀ دوست ۔۔۔ خوشيون ماڻيو، سدا سرها رهو۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

    سائين ناز صاحب مهرباني اوهان جي جو ان گڏجاڻي جون تصويرون اسان سان شيئر ڪيون، اوهان ڪجھ وقت اڳ هن گڏجاڻي جو ذڪر ڪيو هو، پر جيئن ته اوهان پاڻ مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيو ته ادا امين سمون صاحب جن طرفان اوهان کي هي تصويرون هڪ مهيني بعد ئي ٽيگ ٿيون آهن ته به اوهان جا قرب قبول آهن۔
    شال سنگت هميشه سلامت رهي۔
     
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو