محترم بشير قريشي جي ڪمهلي موت سبب گهڻو صدمي ۾ رهياسين۔ جنهن سبب سنڌ سلامت ۽ فيسبوڪ جون سرگرميون به گهڻو ڪري ان ئي موضوع جي چوڌاري گهمنديون رهيون۔ اڄ هڙتال سبب گهر تي ئي هيس ۽ وري بجلي به هلي وئي ته ڪتابن جي شيلف مان ڊاڪٽر مشتاق ڦل جو ڪتاب هوء مان ۽ ڄامشورو کڻي پڙهڻ ويٺس۔ ڊاڪٽر مشتاق خوبصورت شاعر آهي جنهن احساسن کي سهڻي انداز سان ۽ سولن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي۔ سندس هڪ گيت ڏاڍو وڻيو جيڪو دوستن جي اڳيان پيش آهي۔ ياد رهي ته هي ساڳيو گيت سرمد سنڌي به پنهنجي مڌر آواز ۾ ڳايو آهي ۽ داڪٽر مشتاق هي ڪتاب به سرمد سنڌيء کي ارپيو آهي۔
چنڊ مونکان نه پُـڇ، آءُ ڇو ٿو روئان ؟
چنڊ مونکان نه پُـڇ، آءُ ڇو ٿو روئان ؟
رات جي سانت ۾ منهنجو تڙپـي اُٿـڻ
منهنجا سڏڪا ڀـرڻ منهنجو روئي پـوڻ
ڇا ٿا معنى رکن ؟ چنڊ مونکان نه پُـڇ
گهُور ڪنهنجيء مونکي گهاوَ گَهِرا ڏنا
ڪير مون تي کليا، ڪير مون لاءِ رُنا
ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن ؟ چنڊ مونکان نه پُـڇ
پيارُ “مشتاق” من ۾ پکيــڙي ويو
راڳڻي ڪو مڌر ڪيئن ڇيڙي ويو
ڪيئن ڏٺو دلبرن ؟ چنڊ مونکان نه پُـڇ
چنڊ مونکان نه پُـڇ، آءُ ڇو ٿو روئان ؟
چنڊ مونکان نه پُـڇ، آءُ ڇو ٿو روئان ؟
رات جي سانت ۾ منهنجو تڙپـي اُٿـڻ
منهنجا سڏڪا ڀـرڻ منهنجو روئي پـوڻ
ڇا ٿا معنى رکن ؟ چنڊ مونکان نه پُـڇ
گهُور ڪنهنجيء مونکي گهاوَ گَهِرا ڏنا
ڪير مون تي کليا، ڪير مون لاءِ رُنا
ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن ؟ چنڊ مونکان نه پُـڇ
پيارُ “مشتاق” من ۾ پکيــڙي ويو
راڳڻي ڪو مڌر ڪيئن ڇيڙي ويو
ڪيئن ڏٺو دلبرن ؟ چنڊ مونکان نه پُـڇ
