”عاشق سنڌ“ بشير خان قريشي جو المناڪ وڇوڙو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [JUSTIFY]جسقم جي چيئرمين ۽ سنڌ جي سچي سپوت بشير خان قريشي جي المناڪ وڇوڙي تي سڄي سنڌ جيان ملير پريس ڪلب ۾ به هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جتي پريس ڪلب جي سڀني سحافي دوستن سميت مختلف سياسي، سماجي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ بشير خان قريشي جي تصوير اڳيان گل رکي ميڻ بتيون ٻاري بشير خان قريشي جي شخصيت تي روشني وجهندي ان کي بهترين لفظن سان ڀيٽا پيش ڪئي. ملير پريس ڪلب پاران ڪوٺايل تعذيتي ميڙاڪي کي پيپلز ورڪرز يونين سي بي اي جي صدر ڌڻي بخش سمو، ملير بچايو اتحاد جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، ملير پريس ڪلب جي صدر آغا طارق پٺاڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي بشير خان قريشي کي بهترين خراج پيش ڪيو. ملير پريس ڪلب جي اها روايت رهي آهي ته جڏهن به ڪو اهڙو المناڪ واقعو ٿيو آهي ته پريس ڪلب جي صحافي دوستن پنهنجي اجتماعي ٻڌي جو ثبوت پيش ڪندي سنڌ جي روايتن موجب پريس ڪلب اندر تڏو وڇائي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن واقعي کان پهريان چار سال اڳ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت وقت ۽ ٻه مهينا اڳ حرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳاري جي وفات تي به ملير پريس ڪلب ۾ اهڙي قسم جو تڏو وڇائي انهن جي تصويرن اڳيان گل رکي ميڻ بتيون ٻاري انهن کي بهترين لفظن سان ڀيٽا پيش ڪئي هئي.
    هونئن به ڏسون پيا ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سنڌ اڳي ئي سورن ۾هئي ته مٿان وري ٻيو وڌيڪ درد سنڌي ماڻهن کي بشير خان قريشي جي المناڪ وڇوڙي ڏئي ڇڏيو، بشير خان قريشي سنڌ جو اهو حلالي ٻچڙو هيو جنهن پنهنجي سموري حياتي سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ارپي ڇڏي هئي. هي سنڌ سان ائين عشق ڪندو هو جيئن مجنو ليلا سان، فرهاد شيرين سان ۽ ميهار سهڻي سان ڪندو هو ۽ هن عاشق سنڌ جي عشق جي انتها اها هوندي هئي ته سنڌ جو لفظ ٻڌندي ئي هن جي چهري جا تعاثرات تبديل ٿي ويندا هئا ۽ هن جي چهري تي مسڪراهٽ اچي ويندي هئي، هن پنهنجي سياست جو محور سنڌ ۽ سنڌي عوام کي بڻايو هن ڪڏهن به منافقت واري سياست نه ڪئي ۽ هو جتي به هو ۽ جنهن سان به واڳيل رهيو پنهنجي سچائي ۽ ايمنداري سان پهاڙ جيان ڄمي بيٺو رهيو. بشير خان قريشي ڪڏهن به دولت خاطر سياست نه ڪئي ۽ نه هن کي پنهنجي سڄي حياتي دوران ڏوڪڙ گڏ ڪرڻ جو ڪو شوق رهيو جيڪڏهن ائين هجي ها ته هن کي ڪيئي آفرون ملي چڪيون هيون جن کي ٺڪرائيندي صرف ۽ صرف هن سنڌ جي آجپي ۽ سنڌي عوام جي جياپي لا۽ پاڻ پتوڙيندو رهيو. هن جي اهڙي المناڪ وڇوڙي کان پوءِ سڄي سنڌ سوڳ ۾ وٺجي وئي آهي ۽ اها اک نه هئي جيڪا آلي نه ٿي هجي. سنڌ سان پيار ڪندڙ اهو هر ماڻهو بشير خان قريشي جي اهڙي درد ناڪ وڇوڙي کي پنهنجو ذاتي درد محسوس ڪندي اڃا تائين رت جا ڳوڙها روئي رهيو آهي چاهي ان جو تعلق سنڌ جي ڪهڙي به جماعت يا تنظيم سان آهي، ڇو ته بشير خان قريشي سنڌ اندر هڪ اهڙو ته سگهارو آواز رهيو آهي جنهن جي گونج سموري سنڌ جي عوام کي سجاڳي طرف وٺي وڃي رهي هئي، جسقم جو پروگرام ۽ منشور سڀني پارٽين ۽ تنظيمن کان توڙي جو الڳ ٿلڳ رهيو آهي پر تنهن هوندي به سنڌ جي هر ان ٻرندڙ اشو تي بشير خان قريشي جو آواز سڀني کان ڀاري ۽ نمايان رهيو آهي، ڪالا باغ ڊيم هجي يا ٿل ڪينال وارو مسئلو، ٿر ۾ ڪوئلي جي مالڪي وارو حق هجي يا ڪراچي ۽ حيدرآباد کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارو معاملو، بشير خان قريشي جو آواز سڀني کان اول ۽ ڀاري رهيو آهي، هن جي احتجاج جو به اهو ساڳيو ئي طريقو رهيو آهي جيڪو مهذب قومون پرامن ۽ عدم تشدد تي ويساهه رکندي پنهنجي جدوجهد کي اڳتي وڌائينديون رهنديون آهن. بشير خان قريشي عدم تشدد جو پروڪار هيو جنهن پنهنجي سموري جدوجهد دوران ڪڏهن به موت مار هٿيارن جو سهارو نه ورتو ۽ نه هٿيار جي زور تي ڪڏهن سياست ڪئي. سنڌ ۾ ڪارو ڪاري ۽ قبيلائي جهڳڙن سبب هو انتهائي پريشان رهندو هيو پر هن کي ائين ڪيئي ڀيرا ڏٺو ويو ته قبيلائي جهيڙن کي روڪڻ لاءِ پاڻ ميڙ منٿ جا قافلا وٺي انهن ڌرين ڏانهن هلي ويندو هيو ۽ تيسيتائين واپس نه موٽندو هو جيسيتائي اهي ڌريون کنڊ کير نه ٿي وينديون هيون. جيڪو ڪم ملڪ جون عدالتون، پوليس ۽ وڏا وڏا سردار نه ڪري سگهيا اهو ڪم بشير خان قريشي ڪري ڏيکاريندو هيو. بشير خان قريشي اهو واحد سنڌي اڳواڻ هيو جيڪو سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي درميان به پل جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، جنهن جو خيال هيو ته اردو ڳالهائيندڙ به سنڌي عوام جيان سنڌ جو اڻ ٽٽ حصو آهن جن کي هاڻي سنڌي ٿي سنڌي ماڻهن سان گڏجي سنڌ جي مڙني معاملن تي هڪ ٿي وڃڻ کپي، بشير خان قريشي جو اهو آخري ڏينهن تائين خواب هو جيڪو بد قسمتي سان هن جو پورو نه ٿي سگهيو، پر ڪاش جيڪڏهن اردو ڳالهائيندڙ بشير خان قريشي جي اهڙي جزبن کي سمجهي وٺن ها ته هوند اهڙي ڪابه حرڪت نه ڪن جن تازو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ديوارن تي مهاجر صوبي جا نعرا لکرايا آهن جنهن تي بشير خان قريشي سميت سنڌ جي مڙني ماڻهو کي دلي صدمو رسيو.
    حقيقت ۾ ڏٺو ويو آهي ته سنڌ ديس جو به هڪ عجيب الميو رهيو آهي ته جڏهن به ان جا جوڌا اڳواڻ ڊگهي جدوجهدن کان پوءِ پنهنجي منزل جي قريب پهچندا آهن ته يا ته اهي شهيد ڪيا ويا آهن يا اچانڪ اهي ائين وڇڙيو ٿا وڃن جيئن پکي پڃري مان اڏامي ويندو هجي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ بشير خان قريشي سنڌ جي باغ جو اهو محنت ڪش مالي ٿي رهيو جنهن جي وفات کان پوءِ سنڌ ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪاروجهر تائين جي وڇايل باغ جي وڻن، گلن ۽ ٻوٽن جي ڪوماٽجڻ جو انديشو وڌيڪ پيدا ٿي پيو آهي. سنڌي ماڻهو شدت سان محسوس پيا ڪن ته ٻيو ڪير آهي جيڪو سنڌ جي باغ جي آبياري ڪري سگهندو هن وقت بشير خان قريشي جي المناڪ وڇوڙي تي سموري سنڌ اندر عوام ۾ تمام گهڻي مايوسي ڇانيل آهي ۽ سنڌي ماڻهن کي ان ڳالهه جي ڳڻتي کايو ٿي وڃي ته سنڌ اندر هن وقت بشير خان قريشي جهڙو سگهارو آواز ڪٿان پيدا ٿيندو جيڪو سنڌ ۽ سنڌي عوام جي حقن جي ڀرپور نموني سان ڳالهه ڪندو ۽ بشير خان قريشي جي مشن کي پڻ اڳتي کڻي هلندو.
    بشير خان قريشي يقينن هڪ سياسي پارٽي جو سربراهه هيو، هن جي سوچ، هن جو منشور ۽ هن جو پروگرام ڀلي سڀني کان الڳ ۽ نرالو رهيو پر ان کان وڌيڪ هو هڪ بهترين انسان دوست رهيو آهي خاص ڪري هن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان بيحد پيار رهيو آهي ۽ سنڌ درتي سان ته هن جي اڻ مئي حساب سان محبت هوندي هئي جيئن جيجل ماءُ پنهنجي ٻچي سان پيار ڪندي آهي، ڪير ته سنڌ ڏانهن ميري اک کڻي ڏسڻ جي جرئت ڪري ته بشير خان قريشي ان کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندو هو. پ پ جي ڪنهن دوست ٻڌايو ته سنڌ جي جن عورت ايم پي ايز کي ڪراچي ڇڏڻ جون ڌمڪين واريون چٺيون مليون ته بشير خان قريشي انهن سنڌي عورت ايم پي ايز سان پاڻ رابطو ڪري چيو ته توهان بي فڪر ٿي ويهي رهو جيسيتائين اسان جيئرا آهيون توهان جو ڪير به نالو وٺي نه سگهندو، ڪوئي به مائي جو لال بشير خان قريشي جي هوندي توهان کي ڪراچي مان تڙي ڪڍڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو. پ پ يا ڪنهن ٻي پارٽي سان واڳيل اهي عورت ايم پي ايز بشير خان قريشي جو ٿورو مڃيندي چيو ته سنڌ اڃا گدڙن نه کاڌي آهي جو اسان کي ڪير هتان تڙي ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏئي پنهنجا مطلب پورا ڪري سگهندو. حالانڪه سدائين اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪڏهن به بشير خان قريشي وفاقي پارٽين جي اڳواڻن يا نمائندن سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي پر جڏهن انهن سنڌي عورت ايم پي ايز کي ڪراچي ڇڏڻ جون ڌمڪيون مليون ته هن جي جزبن هن کي ويهڻ نه ڏنو ۽ هن اهو به نه سمجهيو ته انهن عورت ايم پي ايز جو تعلق پ پ سان آهي يا مسلم ليگ سان پر هن اهو پئي سمجهيو ته اهي سنڌي آهن تنهن ڪري پاڻ انهن سنڌي عورتن سان رابطو ڪري انهن کي تحفظ ڏيڻ جو يقين ڏياريو، ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن جو سنڌي ماڻهن سان ڪيترو پيار هو.
    سڄي سنڌ جيان گلشن حديد واسي به بشير خان قريشي جي المناڪ وڇوڙي تي انتهائي ڏک ۾ ورتل آهن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهو اهو پيا محسوس ڪن ته هاڻي هو ڇورا ڇنا ٿي پيا آهن، ڇو ته آئي ڏينهن هتي نوا نوان مسئلا پيدا ٿيندا رهندا آهن جن کي بشير خان قريشي جهڙو ٿڌي طبيت جو مالڪ ويهي سمورن مسئلن کي سلجهائي وٺندو هو. اسان سدائين اهو ڏسندا رهيا آهيون ته هن جي گلشن حديد واري رهائش گاهه تي سدائين ميلا متل رهندا هئا ۽ هو پاڻ ٻاهر ويهي پنهنجي دوستن ۽ پارٽي ڪارڪنن سان ڪچهري لڳايو ويٺو هوندو هو ۽ سنڌ جي روايت کي برقرار رکندي بنگلي ٻاهران هڪ عاليشان ڪکائون ڇپرو ٺهرائي ڇڏيو هو جتي پنهنجي آيل دوستن ۽ احبابن سان ڪچهريون ڪندو هو. پر جڏهن به هن علائقي اندر ڪا اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا ٿي پوندي هئي ته بشير خان قريشي پاڻ انتظاميا سان رابطي ۾ اچي معاملن کي ضابطي ۾ آڻي وٺندو هو. بشير خان قريشي هن وقت اسان سان جسماني طور گڏ ناهي پر هن جون سنڌ لاءِ ڏنل قربانيون سنڌي عوام لاءِ مشعل راهه آهن ۽ سدائين هن کي بهترين لفظن سان ياد ڪيو ويندو.

    نوٽ: هي مضمون اڄ جي ڪجهه اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي.

    meb_110@yahoo.com
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو